Saturday, May 23, 2009

جهَڪيون جهَڪيون يادگيريون - III

جهَڪيون جهَڪيون يادگيريون - III
عبدالقادر جوڻيجو

ٽي وي چئنلن طرفان مليل هڪ ٻئي پويان ڇهه پراجيڪٽ ’ڊيڊ لائين‘ ٻه پورا ٿيا، ٽئي تي چڙهيس پئي ته ٺڪ سان سارنگا جو فون . ستين ڊيڊ لائين.
-پال (Paul Theroux) 70 ورهين جي وهيءَ کي ڌڪ هڻڻ کان پوءِ به جوان لڳندڙ ۽ جوانيءَ جا مزا ماڻيندڙ اڙٻنگ ۽ ڌُوپار ليکڪ. فونون، ايس ايم ايس، دعوت ناما، اي ميل ۽ روبرو ڊيڊلائين جي پويان ڊيڊلائين. لحاظي ماڻهو، رت ٿي پيو.
سوچيائين ته انڪار ڪرڻ جي بدران ڀڄي جند ڇڏائجي- پر ڪيڏانهن منهن ڪجي؟ جهنگ ڏانهن منهن ڪجي، چاليهن سالن کان پوءِ اباڻي ملڪ کان به وڌيڪ ڇڪڻ وارو آفريقا- موٽ کاڌائين. جوڻس کي چيائين ”ڪنهن کي به منهنجو ڏس نه ڏجانءِ. آئون پاڻ ڪٿان نه ڪٿان تو کي فونون ڪندو رهندس.“ آفريقا- سراسري عمر 20 سال- ايڊز، بُک، ارهه زورايون، خانه جنگيون، قتل عام جا واقعا، سياسي ڏاڍ مڙسيون ۽ دوکا. آفريقا-آفريقا پهچڻ کان پوءِ، دل به آفريڪا.
پاڻ وٽ نه ايترا سورس آهن نه ئي وري ايڏي همٿ. لڪڻ لاءِ ٿر چڱي شئي آهي. دوست چوندا آهن ته، ”ٿر گُهماءِ“. ٿر ٿر رهيو ئي ناهي ته ڇا گهمايان. روڊ رستا، بجليون، V فونون، موبائيل فونون، ڪوچَ هڪيا تڪيا. جهڙو هتي ڄامشوري ۾ ٽيبل سان ٻڌل، اهڙو ٿر ۾ ماڻهن سان ٻڌل، جيڪا ڊيڊ لائين هتي پهچي سگهي ٿي، اُها ٿر ۾ به اوتري ئي تيزيءَ سان پهچي سگهي ٿي. آئون پال ٿيرو نه آهيان ۽ نڪو ٿي سگهندس. ها بابا حاضر آهيون، ڊيڊ لائين کي مُنهن ڏبو.
پوليس وارا ۽ تعليم کاتو
بابا جي ڪوٽا تي ننڍو صوبيدار ٿي به چڪو هوس. سِهالا وڃڻ لاءِ ٽپڙ ٻڌل هُئا، پر بابا جي پهرين ۽ آخري نصيحت آڏو اچي ويئي. پرائمري ماستر ٿي ويس. پر پوءِ به منهنجو مٿو ڦريل هو. ڄائو ئي اهڙي گهر ۾ هوس، سو مٿو ته ڦرڻو ئي هو.
ننڍ پڻ کان وٺي نالا ڀلجي وڃڻ ۽ رويا ياد رکڻ منهنجي مجبوري رهي آهي. بس بيٽ آفيسر هو. ششماهي امتحان وٺڻ لاءِ آيو. هيڊ ماستر حڪم ڪيو ته صاحب جو گهوڙو جهل ۽ پوءِ ٻَڌ. ذليل ٿي ويس. اندر کاڄي ويو. اندر ڇو نه کاڄندو. اڳي اسان جا گهوڙا ماڻهو ٻڌندا هُئا، هاڻي اسان کي ماڻهن جا گهوڙا ٻڌڻا پئجي ويا. وارا ڄمارا ته زندگيءَ جو ٻيو نالو آهن. پَٽڪي لهڻي هُئي، سا لهي ويئي- ذلت جو احساس.
جُهڏو گدام- ايترو ٻڌو هوم ته اڳي جيڪا راجا جي ريل ميرپورخاص مان ڇُٽندي هُئي، سا جهڏي ۾ اچي بيهندي هُئي. اڳتي ويندڙ ماڻهو ريل مان لهي يا ته وهٽن تي چڙهي يا جُتي ڇنڊي پيادل روانا ٿي ويندا هئا. پر پوءِ اها ريل گاڏي نئين ڪوٽ ۽ فضل ڀنڀري کان ٿيندي ڪُنريءَ سان ڳنڍجي ويندي هُئي. انهيءَ جهڏي کان پنج ڇهه ميل اتر اوڀر طرف ڳوٺ هو رئيس ڪمال خان پتافي. انهيءَ وقت حيات هو. ڏاڍو مڙس هو، همٿ وارو هو. آسپاس جي رئيسن ۽ وڏيرن تي مُڇ ئي ڪا نه ڇنڊيندو هو. پر ماستر جي ايڏي عزت ڪندو هو، جو چئي کڻي دنگ ڪر.
جهونجهڪڙي جو وقت هو. حيدرآباد کان ڪي سفيد پوش مهمان آيل هُئا. رئيس ڪمال خان پتافيءَ جو وڏو پٽ اسان لاءِ ماني کڻي آيو. ماني پئي کاڌيسين. رئيس جو پٽ خذمت ۾ حاضر بيٺو هو. اوچتو ئي اوچتو دٻڙاٽ ٿيو. رئيس ڪمال خان ڇڪي پٽ کي ٿڦڙ هنئي هئي. ”اڙي ڇورا، پنهنجي استاد کي ڀڙون سان گڏ ماني ٿو کارائين.“ چپ ٿي ويئي. ”ماستر صاحب معاف ڪج، پر اتان اُٿي. گهران ٻي ماني اچي ٿي، اها کائج.“ ماستر وائڙو. پوءِ خبر پئي ته جيڪي سفيد پوش ماڻهو مون سان گڏ ماني کائي رهيا هئا، اهي حيدرآباد مان نچڻيون وٺي آيا هُئا، جيڪي باغ واري اوطاق ۾ ڇڏيل هيون. مون کي سندس نالو انهيءَ ڪري ئي ياد رهجي ويو ۽ يا عمر تائين ياد رهندو.
رئيس ڪمال خان پتافي ڪيڏانهن ويل هو. پويان هڪڙو ٻيو بيٽ آفيسر اچي نڪتو. اچڻ ساڻ مون تي گوڏا ڏيئي چڙهي ويو. شايد منهنجي شڪل کيس ڀانءِ نه پيئي. جيڪي منهن ۾ آيس، اهُو چيائين. چپ ته ٿي ويس، پر اندر ۾ ٻارا پئي ٻريا. جي رئيس ڪمال خان اهو تماشو ڏسي ها ته صاحب جون ٽنگون مٿي ۽ مٿو فرش سان لڳل هجي ها. پر ذليل ٿيڻو هوس، سو ٿي ويس. ڳالهه دل ۾ رکيم.
مون کي ڪير به ڪيترو به پڙهيل لکيل ۽ شائسته سمجهي، پر سچي ڳالهه اها آهي ته سال گذري وڃن، پر وير دل ۾ رکندو آهيان. موقعي ملڻ تي حساب ڪتاب چُڪائي وٺندو آهيان. گهڻيئي پاڻ کي روڪڻ جي ڪوشس ڪندو آهيان، پر پنهنجي پڙ ڏاڏي دوس محمد وٽان آيل Genes کي روڪي ئي نٿو سگهان. Genes کي ڪو روڪي ئي نٿو سگهي، ڀلي ڇا به ٿي پوي. اها خبر منهنجي نياڻي ساجد کي آهي.
وقت نه ڪنهن جو پيءُ آهي، نه ماءُ آهي، نه ڀاءُ آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن جو دوست آهي. وقت ڦِريو. اُهو بيٽ آفيسر ترقي ڪري ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس ٿيو. سندس رهائش شايد هالا ۾ هُئي. ڏٺائين ته ڏڏ ۾ ڏڏ ۽ سُرت کان ويل ماڻهو به پي ايڇ ڊي جو پُڇ لڳائيو پيا هلن ته مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي. سو شروعاتي ڪاغذڙا ٺاهي اچي ڊاڪٽر غلام علي الانا وٽان نڪتو. انهيءَ وقت آئون پبليڪيشن آفيسر به هوس ۽ الانا صاحب جو خاص ڇاڙتو به.
”وڏيرا، فلاڻي شئي آفيس مان چوري ٿي ويئي آهي. چوري به کپي ۽ چور به کپي.“
”سائين چوري ملندي، پر چور جي ٻانهن نه ملندي.“ چوري ملي ويندي هُئي ۽ چور نه ملندو هو.
”وڏيرا، فلاڻا پاڻ ۾ وڙهي پيا آهن. فيصلو ڪر.“ فيصلو ٿي ويندو هو.
”وڏيرا، آمريڪا مان ائنٿراپالاجسٽس پيا اچن، بِلو ڪرين.“ ائنٿرا پالاجسٽس خوش ٿي ويندا هُئا.
”وڏيرا، يونيورسٽيءَ جا شاگرد تنگ ٿا ڪن. سمجهائين.“ الانا صاحب جو ڇاڙتو رات جو انٽرنيشل هاسٽل پهچي ويندو هو ۽ کڙپيل شاگرد وڏيري کي مان ڏيندا هئا.
”وڏيرا، هيءُ صاحب پي ايڇ ڊي ڪرڻ آيو آهي. کيس پنهنجي آفيس ۾ وٺي وڃي ڊسڪس ڪر ۽ پوءِ مون کي رپورٽ ڏي.“ وڏيري صاحب کي سڃاتو، پر صاحب وڏيري کي ڪو نه سڃاتو.
وٺي آيو مانس پنهنجيءَ آفيس ۾، ٻه چار يار باش به ويٺل هُئا.
سوال پڇڻ واري لاءِ ڪئين رستا کليل هوندا آهن، پر جواب ڏيڻ واري جي سوڙهي گِهٽي به بند ٿيل هوندي آهي. وهڻ ساڻ مٿس سوالن جا ڌوڙيا ٻاري ڏنم. دٻليءَ اندر دٻلي، تنهن اندر دٻلي، اکيون ڦِريل ۽ منهن تي رُڪ چاڙهي ڇڏيو هوم. رعب داٻ. جهڙي منهنجي پٽڪي لاٿي هُئائين، انهيءَ کان به ست آڱر مٿي چڙهي ويس. Genes جاڳي پيا، سو ڪٿي ٿو بيهان. ڳالهه اتي وڃي پهتي جو سندن لکيل پنا اڇلايم، جيڪي ڀت سان وڃي لڳا. جيڪي هيڻن جي اڳيان ڏاڍا هوندا آهن، اُهي ڏاڍن اڳيان وڌيڪ هيڻا بڻجي ويندا آهن. ڇا ٿو ڏسان ته همراهه جي نڙي سُڪي ويئي ۽ بت پيو ٿڙڪيس. اُتي ويٺل يار منهنجو اِهو بدليل رنگ ڏسي پريشان ٿي ويا. سندس خواب خيال ۾ به نه هو ته آئون ڪو ايترو بڇڙو ماڻهو آهيان. بڇڙو ته آهيان، بس ڪپڙن ۾ ڍڪيو هلان.
منهنجي ته دل ٺري پيئي، منهن تان رُڪ لاٿم، گهنٽي وڄايم، چانهه پاڻي اچي ويا. صاحب موصوف جو ساهه ۾ ساهه پيو.
”مون کي سڃاڻو ٿا؟“
”نه.“
”پر آئون اوهان کي سڃاڻان ٿو. جيڪو منهنجي وس ۾ آهي، اوترو ڪم اوهان جو ٿي ويندو، پر هڪڙي ڳالهه سمجهي ڇڏيو.“
”حڪم ڪريو.“
”وڏيءَ ڪرسيءَ تي ويهي ماتحت کي نيچ سمجهي، کيس لتن هيٺان نه لتاڙيو. هلڻ وقت رڳو مٿي نهارڻو ڪونهي، هيٺ به ڏسڻو آهي. ٽِٽَ سان سوپاري ڀڃڻ جي بدران نئڙت کان ڪم وٺو. عزت ڪريو ۽ عزت ڪرايو. ڇاڪاڻ ته وارا ڄمارا ٿيندا آهن. وقت نه وقت جهڙو، جنهن جي توهان اڄ بي عزتي ڪندئو ته سڀاڻي اُهو ماڻهو اوهان جي ڳچيءَ ۾ پئجي سگهي ٿو.“ ناصح ٿي ويهي رهيس.
پنجابين جي هڪڙي وڏي ڳوٺ ۾ ماستر ٿي ويس. انهيءَ ڳوٺ ۾ ڪا ڳجهي واردات ٿي پيئي. پوليس کي کڙڪ پئجي ويئي. صوبيدار ڏٺو پنجابين جو ڳوٺ آهي. جام مال پاڻي ملي ويندو ۽ سنڌين وانگر ڏچو ڪو نه ڪندا. ماٺ ماٺوڙي ۾ وهي ويندا.
هو ته پرائمري اسڪول، پر وڏو هو. ماسترن جي رهڻ لاءِ ڌار ڪمرو هو. ٻه وڏا ڪلاس روم هُئا ۽ مهمانن جي رهڻ لاءِ ڌار ڪمرو هو. اڱڻ وڏو هو ۽ چوڌاري وڏو ڪوٽ ڏنل هو. ڳوٺ جا ماڻهو چڱا هئا. 1901ع ۾ جالنڌر ضلعي مان لڏي آيل هُئا، انهيءَ ڪري سنڌي پڙهائيندا هُئا. چوڌري سڏائڻ کي عيب سمجهندا هُئا. وڏيرو سڏائڻ تي فخر ڪندا هُئا. سنڌين واري وڙي هڻي بوسڪيءَ جا پٽڪا ٻڌندا هُئا. راڄن سان وهندا هُئا. هڪ ڀيري اسڪول جي در تي بيٺو هوس. سامهون ڪجهه رستو هو. انهيءَ رستي تان ڪولهين جي ڍڳي گاڏي لنگهڻ لڳي. ڳوٺ ۾ ڊاڪٽر به هو، سو ڪنهن مريض کي وٺي وڃي رهيا هئا. ڪجهه مائيون ۽ ڪجهه مرد ڍڳي گاڏيءَ ۾ ويٺل هئا. حالت خراب هئي. ائين اها ڍڳي گاڏي مون لاءِ انسپائريشن جو پهريون ذريعو بڻجي ويئي. اُتساهه ۾ اچي پهرئين ڪهاڻي لکيم. ”مٺ مٺ سورن...“ جيڪا حميد سنڌيءَ ’روح رهاڻ‘ ۾ ڇاپي. مون کي ليکڪ بڻائڻ واري اها ڍڳي گاڏي اڄ به منهنجين اکين ۾ پيئي تري.
صوبيدار اچي اسڪول وسائيو. وڏيون اڇيون مُڇون وٽي وڃي ڪنن سان لڳايون هئائين. وڏي دهمان وارو ٺاڪر صوبيدار، اکين ۾ تجلا، منهن ۾ ونڪ. شام جو اڱڻ ۾ بسترا وڇائجي چُڪا هئا. منهنجي وَهي اڃا ڪچي هُئي، پر اکين جو چور بڻجي چڪو هوس. هيڊ ماستر موڪل تي هو.
ڇا ٿو ڏسان ته ٺاڪر صوبيدار ذر ذر مون ڏانهن وڏي غور سان پيو ڏسي. دل ۾ چيم، ”استاد، الاهي پراوا لوڙها لتاڙيا اٿئي.اڄ تنهنجو وارو آهي. صوبيدار ڪو ڇوري باز ٿو ڏسجي.“
”ماستر، جي ڪاڳالهه ڪريان ته دل ۾ ته ڪو نه ڪندين؟ ”ڏٺم ته شيخن کي ڀَتُ پُڄڻ وارو آهي.
”خانصاحب مريد حسين جوڻيجي جو پُٽ ته ناهين؟“ پوليس جو تجربي ڪار ماڻهو هو. چُٽي ڌڪُ هنيائين. هُو پاڻ ته ڪو نه گٿو، پر منهنجي پيرن هيٺان زمين ڪڍي ڇڏيائين.
”اوهان کي خبر ڪيئن پيئي؟“
”مال ڪو نه چاريو اٿم. ماڻهو چاري چاري اڇو مٿو اچي ٿيو آهي، پر پوءِ هيءَ ماستري...“ ٺاڪر صوبيدار منجهي پيو.
”چئو چئو.“
”آئون خانصاحب جو اڙدلي ٿي رهيو آهيان. پاڻ تڏهن ائنٽي اسملنگ انسپيڪٽر هوندو هو. هتان سون ويندو هو، اُتان ڦوٽا ايندا هُئا. هر آئوٽ پوسٽ تان خانصاحب کي ٽي چار لک منٿلي ملندي هُئي. اُهي پئسا ڪيڏانهن ويا جو تون ماستري ڪندو وتين.“
”جيڏانهن جا هُئا، اوڏانهن هليا ويا.“
”بس سمجهي ويس، رنون کائي وييون.“
”اهو وري ڪيئن؟“
”وٽس اينديون هيون. آئون بنگلي تي چڙهي لونگهي مان ڏسندو هوس. جيڪا به ايندي هُئي، نوٽن سان ڀرجي نڪرندي هُئي. اکين سان ڏٺو مانس. تنهن زماني ۾ وهاڻا ۽ چادرون ڀريل هونديون هيون. ٽڪون مڙهيل هونديو هيون. ورندي ڏينهن جڏهين آئون سندس بيڊ روم ۾ گهڙندو هوس ته ڪيتريون ئي ٽِڪون ڀڳل هونديون هيون. کِرڇ مڙس هو. سڀ ڪسرون ڪڍندو هو.“ پاڻ جي دلچسپي وڌي ويئي.
”ڪمپليٽ سوٽ پائيندو هو، ڪپڙو انگلينڊ مان ايندو هو، ڊريس گهٽ پائيندو هو. 555 سگريٽ دٻن ۾ ايندا هئا، اُهي ڇڪيندو هو ۽ ولايتي شراب پيئندو هو. باقي ڪنهن کي ڏکوئڻ جي عادت منجهس ڪين هُئي. تنهن زماني ۾ ڊگهڙي تعلقي جي ڀلي ۾ ڀلي زمين وڌ ۾ وڌ 100 روپين ۾ ايڪڙ ملندي هئي. جي رڳو هڪڙي مهيني جي آمدنيءَ مان زمين وٺي ها ته تون ڪر شاهه شاهوڪار زميندار هجين ها.“
يادگيرين کي ورائيندي ورائيندي ٺاڪر صوبيدار جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. جيڏو شينهن مڙس هو، اوڏو هيٺ اچي ڦهڪو ڪيائين. جيڪو گوليءَ سان نه ڪري سو ياد ماضيءَ جي ڌڪ سان ڪِري ئي ڪِري. ماضي جي سڪ ۽ اُڪير کي ڪير جهلي.
ٻئي ڏينهن ڳوٺ جي چڱن مڙسن ساڻس سُس پُس هئي. ڪيس ڳرو هو. هزارن جو ٽوپو هو. پر ٺاڪر صوبيدار وڏي واڪ چئي ڏنو ته، ”جنهن ڳوٺ ۾ منهنجي محسن جو پُٽ ماستر هجي، اُتان جو ٽڪو به مون لاءِ حرام آهي.
اهو هو ٺاڪر صوبيدار- Tough guys don’t dance
جنهن زماني ۾ نواب شاهه جي هاءِ اسڪول جو ايم ايڇ خوجو هيڊ ماستر هو، انهيءَ زماني ۾ هاءِ اسڪول جي هنڌين ماڳين هاڪ هُئي. ڊسيپلين، صفائي، گل ٻوٽا، راندين جا شاندار ميدان ۽ پڙهائيءَ تي محنت. ٻڌو اٿم ته امر جليل جهڙو محب ليکڪ به اتان پڙهي نڪتو هو.
انگريزيءَ جو ٻيو درجو سڪرنڊ ۾ پڙهيس ۽ سالياني امتحان ۾ پهريون نمبر کنيم، جنهن جو ڪارڻ انگريزي، حساب، آلجبرا ۽ جاميٽري هئا. انهن چئني سبجيڪٽن سان منهنجي دل لڳل هئي ۽ انهن سبجيڪٽن ۾ ڊسٽنڪشن مارڪون کنيم. امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ بابا جي بدلي نواب شاهه ٿي. بابا سگريٽ ۽ شراب ڇڏي چُڪو هو. باقي ڪمپليٽ سُوٽ جاري رهيو. ڊريس کي ڪڏهين ڪڏهين هٿ لائيندو هو. آئون ڪتابن جو ٿيلهڙو کڻي ساڳئي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيس. اُتي به ساڳيو سڪرنڊ وارو رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيم.
”عادتون پاڻ سان ننڍپڻ کان وٺي سر سان لڳل آهن. جيترو وقت به پڙهيس ته پونئين بئنچن ۽ ڊيسڪن تي ويٺس. اڄ به جڏهن ڪو فنڪشن ٿيندو آهي ته پاڻ جي پوري پوري ڪوشش هوندي آهي ته ڪنهن آخري ڇيڙي واري ڪنڊائتي ڪرسيءَ تي وهان. ٻي ڳالهه اها سِر سان لڳل آهي ته شروع کان وٺي مون کان نظر چُڪ ٿي ويندي آهي. چُڪ (Mistake) نه، پر نظر چُڪ (Error). ڪو نه ڪو لفظ لکڻ کان رهجي ويندو آهي. ايستائين جو جڏهن منهنجو ڪو مضمون ڪنهن اخبار، رسالي يا ڪتاب ۾ ڇپجندو آهي ته اهو پڙهي مون کي ايڊيٽر تي ڪاوڙ ايندي آهي ته وچ مان ڪجهه اکر ڇو ڪٽي ڇڏيائين، پر پوءِ جڏهن فوٽو اسٽيٽ ٿيل پنهنجي مسودي کي ڏسندو آهيان ته پتو پوندو اٿم ته اهي اکر ته آئون پاڻ ڇڏي ويو آهيان. ٺلهي ڪاوڙ ايڊيٽر تي يا پروف ريڊر تي.
انهن ٻنهين شين کي خوبيون چئون يا خاميون، اهي ٻئي کڻي نوابشاهه جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو هوس.
هڪڙي ڏينهن انگريزيءَ جو ڪلاس پئي هليو. اوچتو ئي اوچتو خوجو صاحب وزٽ لاءِ اچي نڪتو. کيس خبر هُئي ته پونئين ڊيسڪن تي ڏڏ شاگردن کي وهاريو ويندو آهي، جيڪي مولائي لڏو هوندا آهن. سندس نظر سڌي مون تي پيئي. سو لنگهي اچي مون کي ڊڪٽيشن ڏنائين. لکيم، پڙهيائين. هڪ اڌ نظر چُڪ (Error) پڪڙيائين. پوءِ رُول گهرائي، منهنجيون تريون اچي ٿو وٺي. جڏهن به ڪو ماستر ڪنهن شاگرد کي ڪُٽڻ لڳندو آهي ته جي اهو شاگرد روئندو، رڙندو، منٿون ڪندو آهي ته ماستر جي دل ٺري پوندي آهي ۽ هو اهڙي شاگرد کي ڇڏي ڏيندو آهي، پر جي ڪو شاگرد ڀِت بڻجي ويندو آهي ۽ ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍندو آهي ته ماستر وڌيڪ چڙ ۾ وڌيڪ مار ڪڍي، شاگرد کي رڙيون ڪڍرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پاڻ جو مٿو خراب هو، سو مجال آهي جو ٻاهر ڪا ٻڙڪ ڪڍان. انهيءَ ڪري ڏاڍي مار کاڌم ۽ پهريون ڀيرو هٿ سڄي پيا، هڏيون بچي ويون. ڪم لهي ويو. جڏهن ششماهي امتحان ٿيو، ته ڪُل 6 سيڪڙو مارڪون کنيم. اها مار اڃا پيو ڀوڳيان.
هن وقت منهنجي ڪمري ۾ صرف هڪڙي ڪرسي آهي، جيڪا عزت جي جاءِ آهي. مون کي ته پَٽ تي وهڻو آهي. منهنجي انهيءَ ڪمري ۾ منهنجو اهو نام ڪٺيو اُستاد به اچي نڪتو آهي ته اڻ ڄاتو اڻ ڳاتو ٺاڪر صوبيدار به آيل آهي. توهان پاڻ مون کي اها صلاح ڏيو ته انهيءَ عزت ڀري ڪُرسيءَ تي ڪنهن کي وهاريان؟ دل ۾ ڪنهن کي جاءِ ڏيان؟ نام ڪٺئي ماستر کي يا گمنام ٺاڪر صوبيدار کي؟.

1 comment:

  1. Respected A Q Junejo Sb!
    Its ever wonderful experience to go through ur writings, esp original writings when the folk wisdom flows from the nib of ur mighty pen. Not only the matter/stuff of the common and simple people is worth mentioning but also the diction and style of ur expression is invaluable. If the deatiled autobiography sprouts out of ur mighty pen, that would be a jewl in Sindhi Literature. I miss u...Keep me in ur memories...\
    Regards
    Mubarak Ali Lashari, Islamabad
    mubaraklashari2007@yahoo.com
    0336-5147663

    ReplyDelete