Saturday, May 23, 2009

دي ڪنگ اينڊ آءِ



دي ڪنگ اينڊ آءِ
خورشيد قائم خاني
ترجمو: مولابخش آزاد

دي ڪنگ اينڊ آءِ (The King and I) يعني ’مان ۽ بادشاهه‘ - مون سيام مُلڪ جي حڪمران خاندان بابت هالي ووڊ جي اها فلم ڏٺي هئي، جنهن ۾ يول برائيز انتهائي غير معمولي ۽ يادگار ڪردار نڀايو هئو. چون ٿا ته يول برائيز رولاڪ (جپسي) هو، پر هن فلم ڏسڻ کان پوءِ لڳو ته هو صرف جپسي ئي نه پر جپسي ڪنگ هو. اهو صحيح آهي، ته رولاڪن جا پنهنجا بادشاهه هوندا هئا، ۽ مان فقط ان زماني جي تصور سان ئي تاريخ جي انهيءَ رومانويت ڀرئي احساس سان محظوظ ٿيڻ لڳندو آهيان.
پر انهن ئي ڏينهن ۾ جڏهن مون هيءَ فلم ڏٺي، مون ساڻ سيام (ٿائلينڊ) جي بادشاهه جو جيڪو واقعو پيش آيو، سو فلمي رولاڪيءَ بدران هڪ حقيقت هئو. هن واقعي کي قلمبند ڪرڻ مان اها مُراد نه ورتي وڃي ته ڪو مان بادشاهه سان پنهنجيءَ ملاقات جون ٻٽاڪون هڻڻ ٿو چاهيان، پر اهو به ٺيڪ آهي ته جي مون وٽ ان بابت بادشاهه سان گڏ تصويرون نه هجن ها ته پوءِ شايد هي بيان، نه مڃڻ جوڳو قرار ڏنو وڃي ها. پر مان هن واقعي کي پنهنجي زندگيءَ جو انتهائي دلچسپ ۽ حسين اتفاق ان لاءِ ٿو ڀانيان ته فلم جي بادشاهه جي ڀيٽ ۾ هيءُ بادشاهه حقيقت ۾ انهيءَ لوڪ آکاڻين واري مُلڪ سيام (ٿائلينڊ) جو بادشاهه هو. ۽ ملڪه اسڪيريٽ تنهن کان سواءِ هئي.
هي سن60ع واري ڏهاڪي جي شروعات جو واقعو آهي. انهيءَ سال بهار جي مند جي آمد تائين ايوبي مارشل لا جو جادو چوٽيءَ تي هئو. انهن ڏينهن ۾ هر سال مارچ جي مهيني ۾، ”هارس ۽ ڪيٽل شو“ جو اهتمام ڪيو ويندو هو، جنهن لاءِ لاهور جي شهر کي ڪنوار وانگر سينگاريو ويندو هو. هڪ سال برطانيه جي ملڪه الزبيٿ ۽ ڊيوڪ آف اڊنبرا خصوصي مهمان طور آيا هئا. ڊيوڪ ته لاهور پولو ڪلب ۾ هڪ نمائشي ميچ ۾ حصو به ورتو هئو. گهڻو ڪري انهيءَ ئي سال جئيپور جي مهاراجا مان سنگهه پڻ لاهور اچي پولو جا پراڻا جوهر ڏيکاريا هئا. سانوري رنگ، قدآور ۽ پرڪشش شخصيت جي مالڪ مهاراجا کي ڏسي، مون کي گهڻي پنهنجائپ جو احساس ٿيو هو.
هڪڙي سال هڪ آمريڪن پولو ٽيم به آئي، جنهن جي هڪ ريڊ انڊين (جي هاڻي آمريڪن انڊين سڏائن ٿا) رانديگر ڪرنل جيڪ سپيرير (Col Jack Superior) جي راند ڏسڻ وٽان هئي. هندستاني ٽيم ۾ به هنوت سنگهه، ڪشن سنگهه ۽ سوڊي جهڙا ناميارا رانديگر هئا، پر تن ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ برگيڊيئر هسڪي بيگ کان سواءِ ٻيو ڪو به بين الاقوامي هينڊي ڪيپ يافته رانديگر نه هئو.
1962ع جي هارس اينڊ ڪيٽل شو جي سمورن فين فيئر (fan fair) جي پڄاڻي دوران ٿائيلينڊ(سيام) جي بادشاه هز ميجسٽي ڀومي ڀال، آدول ياديج ۽ سندس خوبصورت ملڪه سري ڪيت ڪيتاڪار به پنهنجي شاهاڻي شان واري موجودگيءَ سان محفل کي نه صرف رونق بخشي، پرچار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
پاڪستان آرمي جي ڪمانڊر انچيف جنرل محمد موسيٰ جي طرفان شاهي مهمانن جي اعزاز ۾ هڪ شاهاڻي پارٽي جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ حڪمرانن ۽ اعليٰ آفيسرن کي دعوتون ڏنيون ويون ۽ ان وقت جي رئيسن، نوابن کان علاوه غير ملڪي سفير ۽ سندن گهرواريون به شامل هيون. انهيءَ بي مثال تقريب ۾ ميزبانيءَ جا فرائض پاڪستان جي صدر جنرل ايوب خان ادا ڪيا.
لاهور جي اڪيلي ريجمينٽ جي ڪمانڊر جي حيثيت ۾ اسان جي ڪرنل کي سندس گهرواريءَ سميت دعوت ڏني وئي، پر هن ناچاقائيءَ سبب پنهنجيءَ جاءِ تي سندس گهرواريءَ سميت دعوت ڏيارائي ۽ پوءِ مقرر وقت تي پاڻ به اچي پهتو. اهڙو حسن اتفاق ٿيو ته هڪ اڌ اي ڊي ڪانگ ڪپتانن کان سواءِ جيڪي ڪنهن نه ڪنهن وي آءِ پي مهمانن کي اسڪورٽ ڪري رهيا هئا، گهڻو ڪري ڪئپٽن جي حيثيت ۾ دعوت ڏئي گهرايلن ۾ مان سڀني کان جونيئر آفيسر هوس. جيڏانهن به نظر کڄي ٿي- منهنجي آس پاس پاڪستاني معاشري جي فوج ۽ ’سول آفيسر شاهيءَ‘ جون چونڊيل چونڊيل شخصيتون موجود هيون. مطلب ته سروسز ڪلب جو لان ان رات جنرلن، اميرن، سفيرن ۽ شاهي شخصيتن سان ڀريو پيو هئو. شاهي رسم موجب اسان هڪ ڊگهي قطار جي صورت ۾ بادشاهه ۽ ملڪه آڏو پيش ٿي ’Kow Tow‘ ڪندي، پورو ڪلاڪ زمين تي گوڏا کوڙي، جهڪندي شاهي هٿ کي چميو.
پر جيئن ته هاڻي مان سمجهان ٿو، شروع کان وٺي مون بناوٽ ۽ ڏيکاوَ واري زندگيءَ کي ڪڏهن دل سان پسند ناهي ڪيو، مون کي اهڙي ماحول منجهه سدائين منافقت ۽ مطلب پرستيءَ جي بوءِ ايندي هئي. جيتوڻيڪ منهنجي شعور جي سطح تن ڏينهن ۾ ايتري شفاف نه هئي، تڏهن به مان لاشعوري طور تي ڪنهن عقل کان بعيد جذبي جي غلبي هيٺ اهڙي ماحول منجهه پاڻ کي ڪٽيل ڪٽيل، الڳ ٿلڳ ۽ وساڻل وساڻل محسوس ڪندو هئس ۽ موقعي ملڻ تي ڪنهن سڪون واريءَ ڪنڊ ۾ لڪڻ جا وجهه پيو ڳوليندو هئس. جيم خانه لاهور جي پارٽين ۾ به منهنجو رَويو اهو ئي هيو. ڍئو ڪري پيئڻ کان پوءِ آس پاس جي ماڻهن جا گلا پڪڙڻ تي منهنجي دل چوندي هئي يا پوءِ نظرن ۾ به مون ائين ڪيو. جڏهن پارٽي پڄاڻيءَ کي پهچڻ واري هئي ته مان ماٺ ميٺ ۾ پوئتي هٽي، هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ وڃي بيهي رهيس.
مون کي ڪيولري فوج جي سريمونيل وردي پهريل هئي، جنهن کي بيلو پيٽرول چوندا آهن. هيءَ وردي هڪ ڏينهن صرف برطانيه جي لارڊ ۽ بيرن طبقي جي گهوڙيسوار آفيسرن لاءِ مخصوص هئي، جنهن کي ڪلهن تي زره بڪتر، بدن تي سنهري توش دان ۽ چيلهه جي چوڌاري سندن ريجمينٽ جي رنگن جا ٺهيل ڪمر بند ڇڪي ٻڌل هوندا هئا. تنهن کان سواءِ پيرن ۾ لانگ بُوٽ، جن جي کڙين تي چاندي جڙيل هوندي هئي. نئين آبادڪاري واري دور کان به پهرين شاهاڻي روايتن موجب هئي. وردي ايتري ته دلفريب ۽ رعبدارهوندي هئي، جو ان ۾ لڪل رومانوي جوڀن تي اڪثر شهزاديون دل ڏئي ويهنديون هيون. شهزادي مارگريٽ تائين ڪيترائي مثال موجود آهن.
هونئن ته هرڪو پنهنجو روايتي لباس پهريل هئو، پر ڪيولري روايتي سريمونيل جي ڳالهه ئي ٻي آهي. ان جي نمايان بناوٽ ڏسڻ جهڙي هئي. بادشاهه سلامت کي به ان سان ملندڙ جلندڙ لباس پهريل هئو، مطلب ته مان هڪ ڪنڊ ۾ روايتي ڪيولري لباس ۾ ٺهيو ٺڪيو فخريه انداز ۾ هڪ پير تي سيٽيو بيٺو هوس. ايتري ۾ بادشاهه جي چوڦير بيٺل آفيسرن ۾ هلچل محسوس ٿي. مون ڏٺو ته بادشاه ڀومي بال ان لمحي آڱرسان ان ڏسا ۾ اشارو ڪيو، جت مان بيٺو هوس. ايتري ۾ ڏهين ڊويزن جو ڪرنل اسٽاف تيز وِکن سان مون ڏانهن آيو ۽ مون کي چيائين- Boy, follow me (نوجوان، مون ساڻ اچ) ان کان پهرين جو مان معاملو سمجهان، مان هڪ ڀيرو ٻيهر سيام جي بادشاهه ڀومي بال آڏو پيش ٿي رهيو هوس. بادشاهه هڪ ڀيرو ٻيهر مون سان هٿ ملايو ۽ پوءِ غور سان منهنجي پوشاڪ، خاص طرح زره بڪتر ۽ توش دان جو جائزو ورتو. ان وقت مون کي ائين لڳو ڄڻ اتي موجود سڀني جون نظرون مون تي ڄميل آهن ۽ اهو به ته مان انهن نظرن جي حرارت سان رِجي ويندس. جيڪڏهن لاهور ڇانوڻيءَ جو ”سن شائن اسٽوڊيو“ جو فوٽوگرافر تصوير ڪڍي انهيءَ وقت کي محفوظ نه ڪري ها ته هي سٽون جهڙوڪر مبالغو لڳن ها، پر اها تصوير اڄ به منهنجي البم ۾ سجايل آهي ۽ 18 مارچ 1962ع جي رات وارو اهو دعوتنامو به، جيڪو ان وقت جي ڪمانڊر ان چيف جنرل موسيٰ جي طرفان منهنجي نالي تي ورتو ويو هئو.
خير، جڏهن بادشاهه جو ڌيان ڪنهن ٻئي طرف ٿيو ته مان آهستگيءَ سان پوئين طرف کسڪندو، شاهي دائري مان ٻاهر نڪتس ۽ ڪجهه وکون هٽي بيهي رهيس. مان طبيعتن اسٽيج شائي (Stage Shy) ثابت ٿيو آهيان ۽ روشنيءَ جي محور ۾ بيهڻ پسند ناهيان ڪندو، سو ڪُنڊائتو ٿيو ئي هئس ته ٿائيلينڊ جي هڪ اهلڪار ويجهو اچي عليڪ سليڪ کان پوءِ پنهنجو تعارف ڪرايو، جو پنهنجي ڏيک ويک ۾ پُر وقار ۽ اعليٰ نصب جو نظر اچي رهيو هئو. هن مون ڏانهن هٿ وڌائيندي چيو: ”مان ٿائيلنڊ جو پوليس ان چيف آهيان.“
”مون کي اوهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي“ مون به هٿ وڌائيندي روايتي انداز ۾ چيو. پر ان سان گڏ ئي مان گهڙيءَ کن لاءِ گهٻرائجي ويس ته هڪ ملڪ جو پوليس ان چيف مون جهڙي جو نيئر آفيسر کي اهميت ڇو ڏئي رهيو آهي. ”اوها جي پوشاڪ ڏاڍي خوبصورت آهي.“ هن ڳالهه جاري رکڻ جي مقصد سان چيو. ”مهرباني.“ مون انڪساريءَ منجهان مٿي کي هيٺ جهٽڪو ڏيندي چيو. ”اسان جي بادشاهه سلامت توکي پاڻ وٽ سڏائي ان جو اظهار ڪيو. وٽس پرک واري نظر آهي. آهي يا نه؟“ پوليس چيف مسڪرائيندي چيو. ”هائو، غيريقيني حد تائين.“ مون به مسڪرائيندي جواب ڏنو.
”تنهنجي ملڪ ۾ ملڪاڪين(Malcca cane) (اها گهنڊي دار لٺ جيڪا فوجي سينئر آفيسر ورديءَ سان گڏ بغل ۾ رکندا آهن) انتهائي عمديون ڏسڻ ۾ آيون.“ پوليس چيف چيو. ”هائو شايد.“ مون ان کان اڻڄاڻائي ڏيکاريندي چيو. ”ڇا توهان مون لاءِ هڪ ملڪا ڪين هٿ ڪري سگهو ٿا؟“
”ڇو نه، مان ضرور ڪوشش ڪندس.“مون چيو. ”اسان جو شاهي اينٽوريج، فلسٽر هوٽل (تنهن زماني ۾ اها لاهور جي پهريون نمبر هوٽل هئي.) ۾ ترسيل آهي. سڀاڻي شام لاءِ اوهان اسان جي دعوت قبول ڪيو. توهان ايندؤ نه؟“ ٿائيلينڊ جي پوليس چيف وڏي اصرار سان مون کي دعوت ڏني.
”ڇو نه ضرور، اها ته مون لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.“ مون جواب ۾ چيو. ”ٺيڪ ته پوءِ سڀاڻي شام ملاقات ٿيندي.“ هو ائين چئي، ٻئي طرف هليو ويو ۽ مان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنڊ ۾ اڪيلو ٿي دير تائين انهن غير يقيني اتفاقن بابت ويچاريندو رهيس- ۽ اهو به ته، ڇا مون کي ايندڙ شام واري تقريب ۾ وڃڻ گهرجي يا نه. مون ان باري ۾ ڪڏهن ڪنهن سان ذڪر به نه ڪيو. ۽ اهو به ته ايندڙ شام مان ڪنهن اڄاتي احساس تحت انهيءَ شاهي دعوت ۾ ڪو نه ويس.
اڄ هيترا سال گذري وڃڻ کان پوءِ جڏهن مان انهن حسين اتفاقن بابت سوچيندو آهيان ته اهي حقيقت بدران افسانوي لڳندا آهن. بادشاهي تقريب، بادشاه ۽ ملڪه سري ڪيت جي هٿ کي چمڻ، ڪرنل اسٽاف (پوءِ ناليوارو ميجر جنرل ابو عثمان مِٺا) جو مون کي بادشاهه آڏو پيش ڪرڻ ۽ سون تي سهاڳو اهو ته شاهي پوليس ان چيف جو مون کي شاهي تقريب لاءِ دعوت ڏيڻ ۽ منهنجو نه وڃڻ- اڄ چاليهن سالن کان پوءِ ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ اهو سڀ ڪجهه هالي ووڊ جي مشهور فلم ”دي ڪنگ اينڊ آءِ“ جو حصو ئي هو.
”اڙي نه!“ اهي سٽون ڏسي هڪ دوست چيو: ”تنهنجيءَ جاءِ تي جيڪڏهن اڄ جو پاڪي هجي ها نه، ته هينئر تائين هالي ووڊ جي طرز تي فلم ٺهي چڪي هجي ها، پر انهيءَ جو هيرو ”يول برائيز“ جي بدران رنگيلو هجي ها.“
21 سيپٽمبر 1933ع تي جڏهن منهنجو جنم ٿيو ۽ اها خبر جڏهن منهنجي والد کي پهتي جيڪو ان وقت ڪنهن سرڪش گهوڙي کي سواري لائق بڻائڻ ۾ لڳو پيو هئو، خبر ملندي ئي هو ٽپو ڏئي گهوڙي جي پٺيءَ تان هيٺ لهي آيو ۽ پنهنجن ساٿين کي مذاق طور چيائين: ”هاڻي پنهنجي موڪل ٿي، هاڻ هو پاڻ کي اچي گهوڙي تي سواري لائق بڻائيندو.“
ان واقعي کان ٺيڪ 27 سالن کان پوءِ هاڻي لاهور پولو ڪلب ۾ بجليءَ جي رفتار سان گهوڙو ڊوڙائيندي، پنهنجي مخالف جنهن سولائي سان رائڊ آف (Ride off) ڪندي کينهوڙي کي مهارت سان هِٽ ڪري سگهيس ٿي، انهيءَ تي هڪڙي ڏينهن هڪ ڪيولري ڪرنل، جنهن جو نالو گهڻو ڪري اڪبر حسين هئو، مون کان پڇيو:
”او ليفٽيننٽ ڪٿان جو رهواسي آهين؟“
”جئپور، راجسٿان سر.“ مان فوج ۾ پنهنجي سڃاڻپ سدائين پنهنجي اباڻي ڏيهه سان ڪرائيندو هوس. ان تي ڪرنل اڪبر حسين چيو:
”No wonder, you have eye for ball and legs cut for saddle!“
(ڪا تعجب جي ڳالهه ناهي ته تون گهوڙيسواريءَ لاءِ گهڙيو ويو آهين.)
منهنجي والد جي ڊائري موجب 1936ع ۾ جڏهن هو گهوڙي سواريءَ جي ناليواري اسڪول ساگر ۾ ڪورس ڪري رهيو هو ته هن آل انڊيا ڪيولري مراٿن گهوڙيسواريءَ ۾ پنهنجي استاد دُرجن سنگهه کان پوءِ ٻين پوزيشن حاصل ڪئي هئي. دُرجن سنگهه جو تعلق راجسٿان سان به هو ۽ 17 پوناهارس ريجمينٽ سان به.
مطلب ته پيءُ کان پٽ تائين ڪيولري فوج ۾ شامل ٿيڻ اسان جو قديم ورثو هئو. جڏهن مون کان پوءِ منهنجي پٽ ڪيولري فوج ۾ ڪميشن ڪئي ته اسان جا ٽي نسل هڪ ٻئي پٺيان ڪيولري فوج ۾ ڪميشنڊ آفيسر ٿيڻ جو شرف حاصل ڪري چڪا هئا. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ هاڻي هيءَ رسم ٽٽڻ لڳي آهي ته هتي گهوڙي ۽ گڏهه ۾ تميز ختم ٿي وئي آهي، پر تنهن جي باوجود منهنجو ننڍو ڀاءُ ايئرفورس ۾ گروپ ڪيپٽن بڻيو ۽ ان کان ننڍو فوج ۾ ميجر جنرل جي رتبي حاصل ڪرڻ کان علاوه پاڪستان اسٽيل مِل جو چيئرمين به رهيو.
جڏهن ذڪر ماضيءَ جو هجي ۽ ڳالهه گهوڙيسواريءَ جي ته ڪجهه حسين ساروڻيون وساري نه ٿيون وسرن. اهڙي ئي هڪ رومانويت سان ڀرپور ساروڻي ان زماني جي، ٻن انتهائي خوبصورت ڇوڪرين جي آهي، جيڪي تن ڏينهن ۾ شام جو گهوڙيسواريءَ لاءِ پولو گرائونڊ جي رائيڊنگ اسڪول ۾ اينديون هيون. انهن ۾ هڪڙي پاڪستاني ۽ ٻي گهڻو ڪري سوئيڊن جي رهاڪو هئي. هي ٻئي نوجوان سهيليون تازين ٽڙندڙ پنکڙين جيان تازيون ۽ پوپٽن جهڙيون حسين هيون. مان ڪڏهن ڪڏهن کين چور نظرن سان ڏسندو هئس. ڇو ته تن ڏينهن ۾ اسان جي راجسٿاني اخلاقيات مطابق ڇوڪرين کي سڌيءَ طرح گهُورڻ عيب جوڳو ۽ مردانگيءَ جي نفي سمجهيو ويندو هو. اوهان اندازو ڪري سگهو ٿا ته مڃئون ته اها پاڪستاني ڇوڪري ڪير هئي؟ اها پاڪستاني ڇوڪري ضلعي جهنگ جي عابده حسين هئي. چوڻ لاءِ ته ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي، پر موجوده موضوع ”دي ڪنگ اينڊ آءِ“ جو شان ان جي اجازت نٿو ڏئي.

No comments:

Post a Comment