مان ڇو ٿو لکان
لفظ مون لاءِ
آخري پناه گاهه هوندا آهن!
طارق عالم
اهو سوال ، بلڪل هنن سوالن وانگر آهي ته:
* گُلن مان سُڳنڌ ڇو ٿي اچي؟
* وڻن ۾ ڇانوَ ۽ ميوو ڪيئن ٿا نپجن؟
* ٻارَ، مٽيءَ مان رانديڪا ۽ گهرڙا ڇا لاءِ ٿا جوڙين؟.
* ماڻهو محبت ڇو ٿو ڪري! ۽ محبت ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ به، محبت ڇو ٿو ڪري!
* محبت ايترو بيچين ڇو ٿي ڪري!.
* محبت ماڻهوءَ کي سماج ۾ رهندي به، سماج کان الڳ ٿلڳ ڇا لاءِ ڪري ڇڏي ٿي؟ جو کلندڙ ڳالهائيندڙ شخص هائبرنيشن ۾ هليو وڃي ٿو؟.
* ۽ عبادت، محبت جيان گهري خاموشيءَ جي گُهر ڇو ڪندي آهي؟.
* ۽ خدا کي سجدو ڪرڻ لاءِ، ماڻهو زمين تي ئي پيشاني ڇو رکندو آهي؟.
* ته ڇا- خدا انڪساريءَ ۾ موجود آهي؟.
۽ هجڻ، نه هجڻ ۾ ساهه کڻي رهيو آهي!.
* ساهه ڇا آهي!؟، پنهنجي هئڻ جو يقين!. پوءِ به هر کنيل ساهه، هئڻ جو احساس، ۽ هر ٻاهر ڪڍيل ساهه جو ڪو ويساهه ئي نه !؟.
* ۽ جڏهن ماڻهو هر گهڙيءَ پنهنجي هئڻ ۽ نه هئڻ جي پينڊوليم جي ٽڪٽڪيءَ تي چوکنڀو ٻڌل ڀوڳيندو رهي، ته هن جي من جي باغيچي جي وچ تي ڪو گوتم اچي ٿوهر پوکي وڃي، ۽ اهو ٿوهر راتو رات هن جي سموري وجود ۾ پکڙجي، هن شخص جو چين کسي وٺي.
* ۽ اها بيچيني چوڏس ڦهليل ماحول ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه جا سبب ڳولهڻ تي کيس مجبور ڪري. ۽ پوءِ اها ان شخص جي بي وسي بڻجي پوي، ته هُو پنهنجي روح جي تسڪين لاءِ، خدا جي خلقيل هن ڪائنات ۾، انسان جي پيدا ڪيل اڻ برابريءَ، ڪوڙ، مڪاريءَ، ويساهه گهاتيءَ سان گڏوگڏ ٻين نفيس احساسن تي نه فقط سوچڻ شروع ڪري، پر اُنهن تي پنهنجي پاران ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ اظهارڻ به شروع ڪري . ۽ انهن مان، اظهار جو هڪ روپ لکڻ به رهندو پيو اچي.
* ۽ لکڻ مون لاءِ چيڪي مٽيءَ مان رانديڪڙا ۽ گهرڙا اڏڻ جهڙو مقدس عمل آهي.
* ۽ لکڻ، محبت ۾ جدائيءَ جي بيچينيءَ وانگر به ٿي پوندو اٿم.
* ۽ لکڻ دوران هڪ حد اهڙي به اچي ويندي آهي، جڏهن دل ڀنڀرڪي ۾ کڙيل گلاب جيان ٽڙي پوندي آهي، جنهن جي مهڪ ميلن جا فاصلا سيڪنڊن ۾ طئي ڪري ڇڏيندي آهي، ۽ اها مهڪ، محبت ۾ هائبرنيشن جهڙي هوندي آهي. صرف ’تون،‘ ’مان‘ ڪٿي به نه!.
* ۽ زمانو، ڪنهن اڌوراڻي انگوڇي ۾ ٻڌل پورهيت جي پٺيءَ تي کنيل، گاهه جي ڀري بڻجي پوندو آهي.
* ۽ ليکڪ جي سوچ زماني جي سرحدن کان گهڻو اڳتي نڪري ويندي آهي ته، حدون حيران ٿي هن شخص جي تيز رفتاريءَ کي ڏسنديون رهجي وينديون آهن.
* ۽ لکڻ مون لاءِ ڪڏهن ڪڏهن محبوب جي ڪافي رنگ چپن تي طويل چميءَ جي گهري تسڪين بڻجي زمان ۽ مڪان کي بي معنيٰ بڻائڻ جهڙو به ٿي پوندو آهي.
* ته ڪڏهن لينڊسلائيڊنگ بڻجي منهنجي رستي جو امتحان بڻجي پوندو آهي.
* لکڻ، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ٻار جي نا تمام خواهشن سبب، سندس نيڻن مان لڙي پيل لُڙڪن کي آڱرين سان اگهڻ وانگر ٿي پوندو اٿم، ته ڪڏهن يونان جي انقلابي پانا گولس ۽ سنڌ جي ڪميونسٽ نذير عباسيءَ جي منهن ۽ ڪُک ۾ لڳاتار لڳندڙ ڀاري بوٽن جي ٿڏن وانگر به ٿي پوندو آهي.
* ته ڪڏهن ابهم ٻارَ جي هونگڙي بڻجي پکين کي به حيران ڪري ڇڏڻ جهڙو ٿي پوندو اٿم.
* لکڻ مون لاءِ هر وقت هڪ- ڦيٿي سائيڪل هلائڻ واري بازيگري نه هوندو آهي، نه ئي وڏو بانس کڻي تارَ تي هلڻ واري شعبد ي بازي.
* لکڻ ته مون لاءِ رات جي گهريءَ ماٺ ۾، پنهنجو پاڻ سان خود ڪلاميءَ وانگر هوندو آهي، جنهن کي سمجهڻ وارا اوجاڳن جي مرض ۾ مبتلا رهندا آهن.
* لکڻ - ٻين کي نه، پر پاڻ کي ڪپڻ ڪورڻ، ۽ پاڻ تي کلڻ وانگر لڳندو اٿم.
* لکڻ مون لاءِ محبتن ۾ خودڪشي ڪرڻ ۽ انقلاب لاءِ جان قربان ڪندڙ مستانن جي روحن سان گفتگو ڪرڻ وانگر به هوندو آهي.
* لکڻ، ڊسٽ بن تي نه، پر ڊسٽ بن ۾ اڇلايل ڪوماڻيل گلن جي مرندڙ سڳنڌ ۽ سونهن جي ڪردار تي لکليل مرثيي وانگر هوندو آهي.
* لکڻ ، مون لاءِ نوجوان دانشور اياز لطيف پليجي جي ڏاهپ ڀريل ذهانت جي تک ۽ تيج وانگر به ٿي پوندو آهي، ته ڪڏهن وان گو جهڙي طبعيت رکندڙ سنڌ جي اربيلي ڪهاڻيڪارعلي بابا جي اک ۾ تجلا ڏيندڙ خيال جي امپريشنزم جي آڏن اُبتن اسٽروڪس وانگر ڏکيو هوندي به، آسان ٿي ويندو آهي.
* ۽ لکڻ، ڪڏهن ڪڏهن سموري زندگي گڏ گذاريل جهوني جي، پنهنجي پوڙهيءَ سان ڪيل مذاق مان پيدا ٿي پيل معصوم چڙ وانگر به محسوس ٿيندو اٿم، ته ڪڏهن سندس وڇوڙي تي، هميشه لاءِ اڪيلو بڻجي وڃڻ واري درد جي شدت کان ششدر ٿي، ٻيئي هٿ دل تي رکي سندس تازي قبر جي مٽيءَ مٿان سڏڪن ۾ به تبديل ٿي ويندو آهي.
* مون لاءِ ڪڏهن ڪڏهن لکڻ ، وچولي ڄمار جي وڏيريءَ سان، ڪنهن مفلس ليکڪ جي موهت ٿي پوڻ واري بيوسيءَ وانگر بڻجي پوندو آهي.
* ۽ ڪڏهن انڌن جي ديس ۾ ميڻ بتيون ٻارڻ جهڙي بي سود ڪم جيان لڳندو آهي، ته ڪنهن مهل اکين وارن جي ديس ۾ جيئڻ لاءِ، انڌن وانگر هٿوراڙيون هڻڻ وانگر محسوس ٿيندو اٿم.
* لکڻ، ڪڏهن ڪڏهن مون لاءِ ڏوهاري ڪٽنب ۾ ڪنهن صوفيءَجي جنم وانگر به هوندو آهي.
* ته ڪڏهن، زنده عورتن جي قبر ۾ دفن ٿيڻ جو دردناڪ واقعو نه، پر انهن دفن ٿيندڙ عورتن جي ذهن ۾ پنهنجي ڪيل ڪمٽمنٽ لاءِ کنيل وک سان، آخري لمحي تائين سچي رهڻ جي عظمت جهڙو ٿي پوندو آهي.
* لکڻ مون لاءِ روميءَ جي مزار تي رقص درويشان جو سرور به آهي، ته ٻئي طرف فائرنگ اسڪواڊ سامهون اکيون ٻڌل فلسطيني نوجوان جي گوليءَ جي انتظار ۾ تاڻيل سيني جي سرسبز واديءَ ۾، سوين فوٽ اونچي پهاڙ تان ڪرندڙ آبشار جيان، ڌڙ ڪندڙ دل ۾ ڊوڙندڙ رت جو تلاطم ٿي پوندو آهي، ته ڪڏهن بي وفا محبوب جي اوسيئڙي ۾ ٽائيم اسڪوائر وٽ سگريٽ مان آخري ڪش هڻي، گهر موٽندڙ محبوبا جي نيڻن جي آسمان ۾ تري آيل لڙڪن جي نکٽ وانگر ٿي پوندو آهي.
* لکڻ ، ڏات آهي، خيالن جي حسناڪ وادين جو سئر آهي.
* لکڻ دنيا جي سڀ کان وڏي رحمت آهي،
* ۽ لکڻ رسيءَ کانسواءِ مائونٽ ايورسٽ جي چوٽي سر ڪرڻ جو مشڪل ترين عمل به آهي. پر جڏهن ڏات ڪنهن ليکڪ تي مهربان ٿيندي آهي، ته ليکڪ ”لکڻ کي سمجهي وٺندو آهي.“
* ۽ جڏهن ڪو ليکڪ لکڻ جي ڏات کان واقف ٿي ويندو آهي، ته ٻولي مٿس عاشق ٿي پوندي آهي، ۽ ليکڪ جي ديواني ٿي پوندي آهي. جڏهن ته ٻوليءَ لاءِ وڏا وڏا ڳڀرو فدا ٿيڻ لاءِ بيچين رهندا آهن. ۽ سندن سينا ٻوليءَ لاءِ گولي کائڻ لاءِ آتا رهندا آهن. پر ڪيڏا خوشنصيب چئبا ڪروڙن ۾ اهي چند انسان، جن کي ليکڪ چيو وڃي ٿو، جن تي ٻولي فدا ٿي پوي ٿي.
* ۽ مان انهيءَ ڪري لکندو آهيان، جو لکڻ مون کي جيئندان ڏيندو آهي.
* ڇو جو لفظ منهنجي آخري پناهه گاھ آهن.
* جڏهن مان ڌرتيءَ تي جبر ۽ انياءُ ڏسي ڀڙڪي پوندو آهيان، ته منهنجا لفظ به ڀڙڪي پوندا آهن.
* جڏهن مان مايوس ٿي ڪجهه ٻيو سوچڻ لڳندو آهيان ته ٻولي مون کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري چميون ڏئي، منهنجي روح تي سانوڻ جون مينهن ڪڻيون بڻجي، سموري ڌُنڌ کي صاف ڪري ڇڏيندي آهي.
* ۽ جڏهن عشق مون ۾ لهلهائڻ لڳندو آهي، ته لفظ گهنگهور گهٽائون بڻجي منهنجي اندر جي مور کي ٽهوڪڻ تي مجبور ڪري وجهندا آهن.
* ها- مان ان ڪري لکندو آهيان، جو لکڻ مون لاءِ ساهه کڻڻ جي عمل وانگر آهي، عشق ڪرڻ وانگر آهي،
* چيڪي مٽيءَ مان رانديڪڙا ۽ گهرڙا جوڙڻ وانگر آهي.
* جو لکڻ مون لاءِ ڀنڀرڪي ۾ دل جي گلاب ٽڙڻ وانگر آهي.
* فائرنگ اسڪواڊ آڏو گوليءَ جو انتظار ڪرڻ جهڙو عجب احساس آهي.
مان ان ڪري به لکان ٿو جو لکڻ کانسواءِ مان رهي نٿو سگهان .
(۽ منهنجو لکڻ)
* انڌن جي ديس ۾ ميڻ بتيون ٻاري روشني ڪرڻ جي جتسجو وانگر بـ آهي، تـ اکين وارن جي ديس ۾ انڌن وانگر هٿوراڙيون ھڻڻ جهڙو بي سود عمل به.
¤¤

No comments:
Post a Comment