Saturday, May 23, 2009

محبوبا لاءِ لکيل نظم


نذار قاباني

محبوبا لاءِ لکيل نظم
سنڌيڪار: اختر حفيظ


نذار قاباني عربي ادب جو اهو نالو آهي، جيڪو پنهنجي اعليٰ شاعريءَ جي ڪري نه فقط پوري عرب ۾ پر سڄيءَ دنيا ۾ سڃاتو ويندو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ جتي مزاحمتي پاسو شاندار آهي، اتي سندس رومانوي پاسو اڃا به وڌيڪ وزندار آهي. شام ڄائو هيءُ عرب شاعر 1997ع ۾ گذاري ويو. هن تي سدائين Feminist هجڻ جو الزام لڳندو رهيو. سندس پهريون ڪتاب Childhood Breast جڏهن پڌرو ٿيو ته هٿو هٿ وڪامي ويو. انهي ءَ کانسواءِ هن جا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب اڄ به ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪن ٿا، جن مان Book of love (پيار جو ڪتاب) تمام گهڻو مشهور آهي. هن هي نظم پنهجيءَ محبوبا بلقيس الراويءَ لاءِ لکيا هئا، جيڪا هڪ آپگهاتي بم ڌماڪي ۾ مارجي وئي.


روشني بتيءَ کان وڌيڪ اهم آهي

روشني بتيءَ کان وڌيڪ اهم آهي
نظم جي اهميت نوٽ بُڪ کان وڌيڪ آهي
۽ چُمي چپن اُن وڌيڪ اهم آهي
منهنجا خط جيڪي تو وٽ آهن
اُهي اسان ٻنهي کان به وڌيڪ اهم آهن
جنهن ۾ ماڻهو تنهنجي سونهن ۽
منهنجي ديوانگيءَ کي ڳولي لهندا.



منهنجي محبوب مون پڇيو

منهنجي محبوب!
مون کان پڇيو:
مون ۾ ۽ آسمان ۾ ڪهڙو فرق؟
فرق اهو آهي

جڏهن تون کلين ٿي ته
مون کان آسمان وسري ويندو آهي.

جڏهن آئون توکي چمان ٿو

جنهن وقت آئون
طويل جدائي کانپوءِ
توکي چمي ڏيندو آهيان ته
ايئن لڳندو آهي
ڄڻ ته آئون تڪڙ ۾ پيار ڀريو خط
ڳاڙهي ليٽر بڪس ۾
وجهي رهيو هجان!






ڄم جي تاريخ

تون اڃا به مون کان ڄم جي تاريخ پڇين ٿي
لک-
جڏهن تو مون سان پيار جو اظهار
ڪيو
اهو ئي منهنجي پيدائش جو ڏينهن آهي.







اونهاري ۾

اونهاري ۾ آئون
سمنڊ ڪناري ليٽي پيس
۽ تنهنجي باري ۾ سوچيم
جيڪڏهن آئون سمنڊ کي
ٻڌايان ها ته تنهنجي
باري ۾ ڇا ٿو سوچيان
ته اهو پنهنجو ڪنارو، سِپون
۽ مڇيون ڇڏي
منهنجي پٺيان لڳي پوي ها.















پيار

هو منهنجي باري ۾ جيڪي ڪجهه چون ٿا
اهو سڀ ڪجهه سچ آهي
اهو سڀ ڪجهه جيڪو منهنجي شهرت بڻيل آهي
عورتن سان منهنجي پيار جا قصا صحيح آهن
پر هو نٿا ڄاڻن ته تنهنجي باري ۾
مون يسوع وانگر رت ڳاڙيو آهي.








اهو ڪافي ناهي

اهو ڪافي ناهي ته
تون پيدا ٿي خوبصورت ٿي هئينءَ
توکي وڌيڪ حَسين ٿيڻ لاءِ
هڪ ڏينهن منهنجي ٻانهن مان گذرڻو هو.

No comments:

Post a Comment