Saturday, May 23, 2009

شاعري

شاعري

امداد حسيني

اي سنڌ امان

زرد ڳل جي مٿان اي سنڌ امان!
رَتُ ويٺو رُئان، اي سنڌ امان!

هيءَ اخبار جا پئي آهي،
ڇا پڙهي ڇا پڙهان، اي سنڌ امان!

هيءُ جهيڙا جهٽا، ڦرون، ڌاڙا،
الامان الامان! اي سنڌ امان!

روز ڪونڌر ڪُسن ڪلاچيءَ ۾،
آءٌُ ڪنءَ چپ رهان ، اي سنڌ امان!

ساڳيا جيل هي وڏيرن جا،
قائم آهن اڃان، اي سنڌ امان!

۽ انهن منجهه واڙيل هاري،
ڍور ڄڻ بي زبان، اي سنڌ امان!

۽ لڄا لُٽَ هارياڻين جي،
وارثن جي اڳيان، اي سنڌ امان!

هيئن پنهنجا وڃن پرايا ٿي،
آءٌُ ڦٿڪان لڇان، اي سنڌ امان!

رَتُ دانگيءَ مٿان نٿو اٿلي،
ڏوهه ڪنهن کي ڏيان، اي سنڌ امان!

هيءَ سموري زمين منهنجي هئي،
۽ سڄو آسمان اي سنڌ امان!

ڳوٺ ڌاڙيل، شهر دهشتگرد
آءٌُ ڪا ڏي وڃان؟ اي سنڌ امان

تنهنجي هوندي به آءٌُ ائن ڀاسان،
بي وطن، بي نشان اي سنڌ امان!

تون ئي تون ٿي نظر اچين مون کي،
آءٌُ جاڏي ڏسان، اي سنڌ امان!

باک جيسين بَکي ۽ لاک لڳي،
ديپ سان ٿو جلان، اي سنڌ امان!

تيستائين ته پرهه- پنڇيءَ سان،
لات پيو ٿو لنوان، اي سنڌ امان!







¯

نئون نسل

اماس رات ۾
چاسينگر پريان
ننڊا کڙين اکڙين سان
جيڪي
نينگرڙيون ۽ نينگڙا
نڪري ويا هئا
سيئي
نينگرڙيون ۽ نينگرڙا
اوندهه جو هر گهيرو ٽوڙي
هرڪا سرحد اُڪري ويا هئا
دوکي جي ديوار اورانگهي
سورج بڻجي اُڀري پيا هئا!

غزل

سُهائي رات آهي، آءٌتون آهيون، هوا آهي،
اِهو پل بس اِتي بيهي رهي، اهڙي دعا آهي.

ستارن سان سجائي سينڌ، سڄڻي! چنڊ جُهومر ڪر،
اڄوڪي رات پنهنجي آهه اڄ سڀ ڪجهه رو ا آهي.

خدا آهي محبت خود، محبت خود خدا آهي،
اها ئي ابتدا آهي، اها ئي انتها آهي.

بنان چاهي به دنيا ۾ اچي پرگهٽ ٿيا آهيون،
سُجهي ئي ڪا نه ٿي ٻي ڪا،ا ها هڪڙي خطا آهي

اُگهاڙي پٺ ڀر ليٽي ڏٺم جنهن سان ستارن کي،
ملي ٿي هاڻ جهڙوڪر مڙوئي آشنا آهي.

اجهاڳ ان وقت جي ساگر منجهان هڪ بوند پياسي لئه،
اسان جون حجتون ڪهڙيون، فقيراڻي صدا آهي.

ڏٺم هُن کي جڳن کانپوءِ جنءَ، تنءَ پئي يڪو سو چيم،
اُها ناهي! اُها آهي! اُها ناهي! اُها آهي...!
























¯

ائنءَ سڀ جيون گهاريوسين،
توکي ئي پئي ساريو سين.

پوياڙي ويچاريو سين،
ڪهڙو واعدو پاريوسين!

نيڻن سان ائن نيڻ مليا،
ڏِيو ڏيي مان ٻاريوسين.

پنهنجيءَ تي جي آياسين،
ويَلَ وِيل کي واريوسين.

دل تي جيڪو ڌَڪُ لڳو،
ڦوڪي ڦوڪي ٺاريو سين.

پهريائين پٽي پاڙان،
۽ پوءِ ٻوٽو ٻاريوسين.

ڌراڙ بڻجي، ڍورن جئن،
سُورن کي پئي چاريوسين.

ارجن حاسد

دوها

سونهن بڻي جي راڳڻي، نازُ بڻي جي سازُ،
جوڀن جرڪڻ ٿو لڳي، اک اک ۾ ڪو رازُ.

¯

بادل توکان ڇا گُهران، کپي ته هڪڙي بوُندَ،
رلي پنيِ ٿڪجي پئين، رات رهين هان هوُندَ.

¯

رڙهين ته پهچين پيارَ وٽ، وتڙو کڻ هڪ پيرُ،
اٽڪي خوشبوُ ۾ پئين، ڏسي گلن جو ڍيرُ.

¯

نٿ اَٿس ياقوُت سان، لک لهي ٿي لوڏَ،
گهمڻ هلون گڏ شهر ۾، ڏس مائيءَ جي هوڏَ.

¯

ڪيسين مان سِڪندي رهان، گذريا ڪيڏا سالَ،
هاڻ ته ڄڻ وسري ويو، آءٌ به ڪنهنجي زالَ.

¯

بي گهر بڻجڻ، هڪ وڏو، هر ڪنهن لاءِ گناههُ،
ڄمڻ مرڻ، ته نصيب سان، ته نه ڪو اُن ۾ ڏاهه..



















¯

ترائيل

پنهنجي ساراهه ڪرڻ واجب آ،
ايتري لوڀ جا حقدار آهيون.
ٻانهنَ لوڏائي هلڻ واجب آ،
باهه سوريندو رهڻ واجب آ،

ڪنهن تان قربان وڃڻ واجب آ،
سڏبا آخر گناهگار آهيون،
ٽيڙيِ ٽوپيءَ جو هجڻ واجب آ،
پنهنجي ساراههَ ڪرڻ واجب آ.


غزل

اوهانجا روز ڏانوَ ڏنگَ هئا،
اکين ۾ مُرڪَ، شَرطَ، وَنگَ هئا.

ڏنئه جا گارِ سا قبول ڪيم،
نصيب منهنجو، تنهنجا ڍنَگ هئا.

ڏسان ٿو ڪئن نه وائڙن وانگر،
اُگهاڙا سڀ جوان انگَ هئا.

نصيحتون ٻڌيون اٿم تنهنجون،
تڏهن ته مون ۾ هيڏا جهنگ هئا.

نٿي جيئڻ جي ڪنهن کي واهه سُجهي،
ڏسين ٿي ماڻهو سڀ مَلنگ هئا.

هتي ته پنکڙيون ۽ پوپٽڙا،
سڄو ئي آسمان پتنگ هئا.

ڪَٿين ٿو پنهنجي آبرُو حاسد!
انيڪ چهرا، روُپَ رَنگَ هئا.


























¯

نه ڪنهن ڇاڪاڻ جون ڳالهيون ڪنداسين،
رڳو سُرهاڻ جون ڳالهيون ڪنداسين.

ڏسي آياسين جيڪو چتر اُن جي،
جَهڪيءَ پيلاڻِ جون ڳالهيون ڪنداسين.

لٿو سج، رنگَ ڪيا هن اُفق تي،
ڪشش ڪاراڻ جون ڳالهيون ڪنداسين.

اسانجو ڪنهن به جهڳڙي ۾ وڃي ڇا،
فقط ڇڪتاڻِ جون ڳالهيون ڪنداسين.

اڱڻ جي ٺوٺ ڌرتي، اک اُڃايل،
ته ڪئن آلاڻِ جون ڳالهيون ڪنداسين!

وڏا ماڻهو، سڃاڻن ڪين حاسد!
سندن واکاڻ جون ڳالهيون ڪنداسين.


واسديو موهي

غزل

روشنيءَ کي رڱي رڱيو آهي،
رات وانگر ڪري ڇڏيو آهي.

داٻلي ۾ آ چنڊ پاروٿو،
ڪيترو سانڍي مون رکيو آهي.

روٽلي کي هٿن ۾ سيڪي ٿي،
وقت کان پوءِ هو وريو آهي.

نرلڄي شام کي نه مهڻو ڏئي،
سِجَ پڻ سمنڊ کي چُميو آهي.

ويئي ڪيڏانهن پياڪ اک تنهنجي،
انگ هر ڪو کري پيو آهي.

هُنکي نوڙيون وڻن ٿيون پر هاڻي،
نانگ هڪ به نه هِتي بچيو آهي.

اڄ به ڀرجي پيو کڏو جل ۾،
تو جتان هڪ ڦڙو چکيو آهي.

مونکي هڪ پير ئي ٽڪائڻ ڏي،
ڀت منجهان ڏس پِپر ڦَريو آهي.

ڪئن نه جل تي ڦِري ويو پاڻي،
مَٽُ ٽُنگر کوهه مان ڀريو آهي.














¯

ڦَلَ نڪو پَنَ، صرف ٺوُنٺا وڻ مليا،
برف جي گولن سان ئي کيسا ڀريا.

صبح جا گُلَ، ماڪ سان لرزي اُٿيا،
لڙڪ تنهنجا ڪي وهاڻي تان ڪِريا.

شخص ڪيڏا صاف نرمل جوت جيان،
ٻُڪّ پاڻيءَ ۾ به جيڪي پئي تريا.

چُپ ڪٿي آهن جَهڳيءَ کاڌيون اکيون،
ڪيترا ئي اڻ لکيل خط پئي رُليا.

تن کي هر ڪوئي لتاڙيندو ويو،
فرش تي اوندهه وڇائي جي سمهيا.

هلندي هلندي واٽ بدلي ٿو ڇڏي،
هر طرف رستا نِهاريندا رهيا.

راڙ سپنن جي به ٻڌندو ڪر ڪڏهن،
جن جي سنگ ۾ ڀونءِ تان لوڌيا ويا.

پُٽ کي معنيٰ ڪئن ٻڌائي ٻوڏ جي
تجربا لڙڪن جا هاريءَ لئه ڏکيا.
اياز گل

غزل

دلبرَ کان دِل ڌارَ هئي ڪا،
آنڌيُن جي آڌارَ هئي ڪا.

ڳَڀا ڳَڀا وئي، ذهن ڪري ائن
يادِ به ڄڻ تلوارَ هئي ڪا.

پڙهندي پڙهندي ياد اچي وئين،
”سارنگا“ ۾ سارَ هئي ڪا.

لفظَ: ڊِنَل، طوفانَ کان پنڇي،
اهڙي ئي ماٺارَ هئي ڪا!

جذبا، بي مانا ٿي موٽيا!
سامهون ڄڻ ديوارَ هئي ڪا.

هُوءَ اسان کان وِسري ويئي،
جِيتَ هئي يا هَارَ هئي ڪا!

هُن حياتي ايئن گُذاري،
وَڏِڙن کان وانگار هئي ڪا.













لياقت علي لياقت

غزل

گهٽيا نه درد، دوا کان به ڪاوڙيو آهيان،
ملئين نه تون ۽ خدا کان به ڪاوڙيو آهيان.

جڏهن جڏهن به اُجهايا ڏيئا هوا- منهنجا،
انهي ڪري ئي هوا کان به ڪاوڙيو آهيان.

ائين ڇڏي نه ڏجي اڌ ڪُٺو ڪري ڪنهن کي،
سڄڻ اوهان جي ادا کان به ڪاوڙيو آهيان.

اڃا به جان فدا بيوفا مٿان آهي،
چريءَ مان پنهنجي وفا کان به ڪاوڙيو آهيان.

ڪٿي ڪٿي نه وسي هو وسي نه ڪاڇي تي،
مان سانوڻيءَ جي گهٽا کان به ڪاوڙيو آهيان.

خوشي، سُڪون گهريم، غم مليا رڳو لياقت،
تڏهن ته پنهنجي دعا کان به ڪاوڙيو آهيان.

سعيد ميمڻ

سالن کان پوءِ

سالن کان پوءِ اڄ آيو هان
آءٌ پڙهائڻ ٻارن کي هِت
هِيءُ ڪلاس اهو ئي آهي
جنهن ۾پاڻ پڙهي ويو آهيان
پنجون درجو......
ديوارون به اُهي ئي آهن
جيڪي پوڙهيون ٿي ويون آهن
مون ڏي ايئن پيون واجهائن
ڄڻ ته پڇن ٿيون؛
”سعيد ڪٿي هِن سنگتي تنهنجا،
جيڪي توسان گڏ پڙهندا هئا،
روز صبح جو گهنڊ سڏي ٿو
پر هو هاڻي ڪين اچن ٿا!
تِن کي چَئه ته گُسائِن ڇو ٿا؟“
اکين ۾ آلاڻ ٿئي ٿي
آءٌ اُٿان ٿو،
در وٽ بيهي
عينڪ لاهي
نيڻ اگهان ٿو.































¯

غزل

اَسان جيڪي نيڻن ۾ سپنا سَجايا،
نه تن ماڻي ساڀيا، ڏٺاسي اَجايا.

اکين جي اڳيان هئي رڳو واٽَ پنهنجي،
نه ڄاتو سي ڪنهن ڪنهن ها ڪنڊا وڇايا؟

اوهان ڏي ميارون نه آهن اسان جون،
اسان ڀي ته پنهنجا نهَ واعِدا نڀايا.

اکين ۾ تَريَسِ پئي جوانيءَ جون يادون،
ڪٻٽ مان ڪراڙي ڪڍي خط جَلايا.

محبت اسان جي هئي خود فريبي،
تڏهن سعيد سمجهيو، اَڇا وارَ آيا.
¯

غزل

تنهنجو تحفو هي زنگيل زنجيري رهي،
عشق ڪاٿي اُهو، يادگيري رهي.

قوم ڏسندي نه سا ڪاميابي ڪڏهن،
جنهن جي اڳواڻ ۾ بي ضميري رهي.

ننگ غربت جا نيلام ٿيندا رهيا،
واڪُ ڏيندي ۽ وٺندي اميري رهي.

هٿ ڇڏائي ويو جنهن کان اولاد ڀي،
ڪو سهارو تلاشيندي پِيِري رهي.

ناههِ ساڳي جنوني طبيعت اُها،
دل جي ڌڙڪن به آ هاڻ ڌيرِي رهي .

سادگيءَ ڦند ڪوئي نه سِکيو ڪڏهن،
سعيد ساڳي اسان جي فقيري رهي.










ماڻڪ ملاح

ٻه گيت

هار ڀلي ٿئي مُنهنجي،
تنهنجي ڀلي ڪا جيت.
جنم جنم جا ساٿي بڻجي،
رهندا منهنجا گيت،
جيڪي لکندس گيت،
تنهنجا لکندس گيت.
چارڻ بڻجي چنگ کي چوري،
سونهن مٿان سر ساهه به گهوري،
ريٽو ريٽو رت وهائي،
ريٽا لکندس گيت،
جيڪي لکندس گيت،
تنهنجا لکندس گيت.
راتيون جاڳي ننڊ ڦٽائي،
پرهه پريءَ کي ڀي پرچائي.
ماڪ ڦُڙن کي مَس بنائي،
تن مان لکندس گيت،
جيڪي لکندس گيت،
تنهنجا لکندس گيت.
مون ۾ جيڪا رت ڦُڙي آ،
تنهن مان جيڪا مِکُ جُڙي آ،
اُن مان تشبيهن کي ٺاهي،
تنهنجا لکندس گيت،
جيڪي لکندس گيت،
تنهنجا لکندس گيت.
رات لڙيءَ ۾ مومل اُلڪو،
ڇاتي خالي ابهم سُڏڪو،
ڌن جي عيوض تن کي ڳاهي،
جن جا لکندس گيت.
جيڪي لکندس گيت،
تنهنجا لکندس گيت.
ڏيئو تَڙ تي سانجهيءَ ٽمڪي،
چانڊوڪيءَ ۾ چاهت چمڪي،
جوڀن ورنا جذبا جاڳن،
اُڌما لکندس گيت،
جيڪي لکندس گيت،
تنهنجا لکندس گيت.


¯

هن کي ڪهڙي ڪَلَ
اسان جا ڳلَ
ڀِنا ها!
يادون ساري پَلَ
اسان جا ڳَلَ
ڀِنا ها!
وينگس هَٿَ ۾ ٻيڙيءَ ويڻو،
لوڏَ لوڏَ سان سينو ٻيڻو،
جوڀَنَ جهَلَ نه پَلَ.
اسان جا ڳَلَ،
ڀِنا ها!
نظر نظر سان چَپُ چَڪيائين،
ڏيڍيءَ اک سان ميڇ ڏنائين،
هُن جي هيءَ اٽڪل،
اسان جا ڳلَ،
ڀِنا ها!
درد اکين جو ڪتبو آهي،
لُڙڪ انهيءَ مان نوحو ٺاهي،
ماڻڪ! ماڪَ مهل،
اسان جا ڳل
ڀِنا ها!
هُن کي ڪهڙي ڪل،
اسان جا ڳل
ڀِنا ها!
يادون ساري پَلَ
اسان جا ڳل
ڀِنا ها!












¯

وائي

ڇا جي لئه اڄڪلهه،
شامَ ٽِڪي پئي آ،
تنهنجين اکڙين ۾!
لهندڙ سجِ جي ريٽي ريٽي
لامَ ٽِڪي پئي آ،
تنهنجين اکڙين ۾!
مَڌُ ملايل چانڊوڪي ڄڻ
جام ٽڪِي پئي آ،
تنهنجين اکڙين ۾!
ماڻڪ! من جي موهڻ جي
دام ٽڪي پئي آ،
تنهنجين اکڙين ۾!
عزيز گوپانگ

غزل

مُنهنجي بيهڻ جو سبب ڇا هو!
اڄ ڄاتوسين ته ادب ڇا هو!

توکي ڏسي ٿي زمانو بيٺو،
جي دِل بيٺي ته عجب ڇا هو!

هُن ماري، موٽي مونکان پُڇيو،
مُنهنجي مرڻ جو مطلب ڇا هو!

پنهنجي رمز کي نه ريجهايو ڪنهن،
تنهنجي غمزي ۾ غضب ڇا هو!

دِل جا معاملا ترتيب ڏيئي،
”عزيز “ ڪيو تو مرتب ڇا هو!
































¯

اچ ته اڄ ويچار ڪريون،
نئين انداز سان پيار ڪريون!

پلڪن سان پوکيون ڪجهه سپنا
سپنن کي سنسار ڪريون!

هُوءَ هوشيار حسابن ۾ آ،
پاڻ ٻه نيڻ ڪئن چار ڪريون!

ادب نه وسري ڪٿي به ”عزيز“
قاتل کي به ٿا ڀليڪار ڪريون!

رکيل مورائي

بابا جي محبوبه جي
نالي هڪ نظم

بهڻ جي ڳوٺ جي ڀرسان،
ننڍو هڪ ڳوٺ هوندو هو.
انهيءَ جو نانءُ هو ”چانڊو“.
هي ننڍڙو ڳوٺ هو پر
سنڌ وانگر خوبصورت هو.
وڏا وڻ- واههُ ڀرسان،
۽ منجهس اسڪول سرڪاري،
ڪُشادا گهر، اڱڻ اُجرا،
ها ڊڪندا ٻارڙا جن ۾
نظر جي پهچ تائين کيت ساوا
جهومندا رهندا ها موسم ۾
ننڍي هن ڳوٺ جي وچ ۾
وڏي هڪ ئي هئي ماڙي
جنهين کي چئني پاسن کان
ڏنل هو ڪوٽُ مٽيءَ جو
۽ جنهن کي ڪاٺ جو هڪُ خوبصورت،
دَرُ لڳل هوندو هُئو شاهي-
چون ٿا دَرَ منجهان هاٿي،
هليو ايندو هُئو اندر.
ڏٺو مون ڪو نه هو هاٿي
مگر ائين ٿو لڳي
سا ڳالهه سَچُ هوندي
انهيءَ ماڙيءَ هڪڙي
سُونهن جي ديوي هُئي رهندي.
هٿن پيرن تي جنهن جي
هُئي لڳل رهندي سدا ميندي،
۽ وارن ۾ عجب جو واسُ هوندو هو.
وچين آڱر ۾ هُن جي سون جو ڇلڙو،
هميشھ جرڪندو رهندو هُئو جيڪو.
ڪنن ۾ سون جون واليون،
ڳچيءَ هُن جيءَ
سدائين ست سَري دُهري،
وڌائيندي هُئي جا سونهن هُن جي عورتاڻيءَ کي.
لٽا اطلس ۽ مخمل جا،
رهيا هُن جي سدا تن تي.
وڏي گهر ۾ وڏيءَ آڪَهه سان،
هوءَ خوش هُئي گذاريندي.
اها ديوي پٽن وانگر،
مونکي ڏاڍو هئي ڀائيندي،
۽ منهنجو خيال رکندي هئي.
سڏيندو هوس مان ماسي انهيءَ کي پر
امان جي ڪو نه هُئي هوءَ ڀيڻ تڏهين ڀي،
سدائين مونکي ائين ڀاسيو
ته ڄڻ هوءَ ماءُ آ مُنهنجي
۽ منهنجي ماءُ...
جنهن جي ڪا نه پوندي هُئي ڪڏهن مون سان،
سدائين مونکي هُن کان دور رکندي هئي،
۽ چوندي هئي” نه وَڃُ هُن ڏي،
اسان جي هوءَ ويري آ!“
ورهيه ٿيا!...
موت هن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي ويو آ،
نه اڄ هوءَ آهي،
۽ نه منهنجي ماءُ ئي آهي
الڳ قبرون ٻنهي جون،
ڳوٺ ٻنهي جا پري،
ڪوهنِ جو وچ ۾ فاصلو جِن جي
قبر هن جي سندس ئي ڳوٺ ۾ آهي،
قبر تي ڪو به ڪتبو ڪين ماڙيءَ جيان
انهيءَ جو شانُ ساري ڳوٺ کان اوچو
قبر جو مرتبو جيڪو،
رهيو آ ڪو نه هن ٽاڻي
اهو ئي ڳوٺ جو هاڻي
ويو آ شهر ڳڙڪائي
مگر اڄُ ڀي
قبر اُن تي وڃي محسوس ٿيندو آ-
ته ڄڻ هيءَ ماءُ منهنجيءَ جي قبر آهي
خبر ناهي؟
ته ڇو منهنجو قبر هُن سان،
اڃا سو موهه قائم آ
سياڪو ۽ نه ڪو ئي سڱُ هو هُن سان
تڏهن ڀي منهنجو قائم موهه آ هُن سان.













بخشل باغي

غزل

عشق! تو کان اڳي نويلو هوس،
پر نه مان ايترو اڪيلو هوس.

قافلا حادثن جا پُهچي ويا،
پاڻ درويش، پاڻ ميلو هوس.

زندگيءَ، مون کي سمجهو سهڻيءَ جيان،
موت لئه بي ثبات ڀيلو هوس.

وقت آيو نه هو اڃا منهنجو،
آئون هڪڙو ئي بس اويلو هوس.

ڪو به مانجهي، نه سڙهه، نه ئي لنگر،
مان بنا ونجهه ڪو بتيلو هوس.

ڪو به دل جي نه ويجهڙو آيو،
ڄڻ ته جهولن ۾ ٻريل ٻيلو هوس.
جلال ڪوري

چنچلتا

تون دور رهين ٿي چنچلتا!
۽ تنهنجون يادون سانوڻ جان
گهنگهور گهٽا ٿي برسن ٿيون
ٿو! منهنجي ساهه پساهه چوي
اڄ گهوري ڏي نئون گهاءُ وري
او! پرهه پري،
او! حسنِ اَزل.
هيءَ سورج نگري توبن ڄڻ
ڪا انڌيارن جي نگري آ
تون روشنين جو سر سانئڻ
۽ عشق ازل جو گهر سانئڻ
اچ! نينهن نمرتا ڏيئي وڃ
۽ عشق امرتا ڏيئي وڃ
او! عشقِ ازل،
او! حسن ازل.












¯

آرزو

هي دل چريءَ جي آرزو
اچو اچو ڪفر ڪريون!
هي سنڌ سومناٿ جا
بت ڪئين نپائي پئي
اندر جنين جا اڳڙيون
۽ علم جي مٿن قبا
سنڌ تنهنجي عشق جا
قافلا تنين پٺيان
رلي ويا
اچو ته سومناٿ جا
سمورا بتً ڊاهيون
هي دل ٻريءَ جي آرزو
اچو اچو ڪفر ڪيون!
هي گُنگ جو جهان ۽
ميڊيا جي گوڙ ۾
ڪوڙ جهنگ ٿي پيو
اچو ته آڳ ٿي ٻرون!
اچو ٻري ٻري ٻرون!
اچو وري وري ورون!
جِهل ساڻ جنگ ۾
هي بدر جا قافلا
حيات جي هنئين صدا
سِجًَ جونِ جا ٿيون
جِهل سڄو ڀسم ڪيون
ڪفر سڄو ڏڪي وڃي
اچو اچو ڪفر ڪريون،
اچو سچو ڪفر ڪريون.

حبدار سولنگي

غزل

نه ويجهڙو ٿي سگهياسين، نه ئي جُدا ٿياسين،
نه آدمي ٿي سگهياسين، نه ئي خدا ٿياسين.

جُنون دل کي جلائي، اُڏائي خاڪ وَيو،
پهڻ هُيا سي اڳي، هاڻ پر هوا ٿياسين.

اسان کي گُل ڪري هيٺ موڪليو ويو هو،
دنيا لتاڙي وئي، ڏس ته هاڻ ڇا ٿياسين.

جا دل ۾ پيار جي دولت هئي سڀن کي ڏني،
ڏُڪار ڏيهه سڄو، پاڻ پر سَخا ٿياسين.

اسان کي عشق ڏِني هُئي عجيبُ مجذوبي،
جفا جهان هيو، پوءِ ڀي وفا ٿياسين.

سمورو لوڪ سڙيو ”مان“ جي باهه م حُبدار!
ڪڏهن به ڪين انا ۾ اسان فنا ٿياسين.
















¯

غزل

اوهان جي عشق ڪيا، سوگوار نيڻَ سندم،
سدائين اشڪبار اشڪبار نيڻ سندم،

سدائين سونهن اڳيان سرخرو رهيون هي اکيون،
برهه اڳيان به رهيا، باوقار نيڻ سندم.

ڪٿان الاءِ تون ايندين، الئه ڪڏهن ايندين!
سدا ڪندا ٿا رهن انتظار نيڻ سندم.

عجيب هَٺُ هُيو کين، پر اوهان کي ڏِسي،
اوهان جي مُرڪ مٿان ٿِيا نثار نيڻَ سندم.

ڪڏهن ته لُڙڪَ،ڪڏهن خوابَ ۽ خُمارَ الا!
ڪڏهن خزان ته، ڪڏهن ٿيا بهار نيڻَ سندم.




¯

اوهان جو مُرڪندي گُهورڻُ، عجبُ انعامُ ئي چئبو،
اوهان جو ٽهڪُ ڏئي ڊوڙڻُ، ڪو ڇُلڪيل جام ئي چئبو.

نه جو، جيتي سگهيو ڪنهن سونهن جي دل عشق پنهنجي سان،
سڌي معنيٰ ۾ اُن ماڻهوءَ کي ناڪامُ ئي چئبو.

اگر محبوبُ ماڻهوءَ کان ملي ڪو دردُ چاهت ۾،
حقيقت ۾ انهيءَ تڪليف کي آرامُ ئي چئبو.

نه باغن ۾ وڃڻُ، فطرت سان ڪائي دشمني چئبي،
پَٽڻ گُل باغ مان، فطرت جو قتلِ عامُ ئي چئبو.

اوهان جنهن کي ڀلائي، دل تان لاهي هيٺ اُڇليندؤ،
نه سو مقبولُ ئي سڏبو، نه سو گُمنامُ ئي چئبو.

































¯


وڻن جي زردُ يتن تي هوا خاموشُ ويٺي آ،
اُداسي گنگنائي ٿي، فضا خاموشُ ويٺي آ.

چَوَڻَ واري جي نيڻن مان مُسلسل مينهن جاري آ،
ٻُڌڻ واري اڳيان هڪڙي ڪٿا خاموش ويٺي آ.

اسان جي روُح مان ڪا رَڙِ اچي ئي ڪا نه ٿي هاڻي،
فريبن جا ڌِڪا کائِي، وفا خاموشُ ويٺي آ.

الائي ڪيرُ چُپ جي ماڪ آ هاري وَيو هر هنڌ،
الائي ڇا ٿيو آ، هر ڏسا خاموشُ ويٺي آ.

پريان ڪُجهه ٻارَ هڪٻئي جي پٺيان ڊوڙي رهيا آهن،
ڪِلاسن جي اڳيان ”مس نائلا“ خاموشُ ويٺي آ.

ابرار ابڙو

غزل

آهي ته ڪير ڪو نه پر ڇو ٿو اِئين لڳي،
ڪمري ۾ ڪنهن وجود جو پاڇو پَيو ڦِري!

شيشي جيان وجود آ، شيشي جيان اکيون،
چاهي ته ڪو پٿر هَڻي ٽُڪرا ڪَري ڇڏي.

محسوس ٿو ٿئي ته مان ڪنهن کي ڇُهان پيو،
جاڳي ڏٺم ته آڱريون ڪيڏيون هُيون پَري.

ساڙي ٿي ڇانوَ جسم کي، ٺاري ٿِي ڌر تتي،
صحرا جو پنڌُ پاڻَ کي ڇو ٿو سُڪونُ ڏي!

مون کي نه هاڻِ ننڊَ جو دوکو ڏِجو اکيون!
مون ۾ ته هاڻِ مُندَ جي مَستي پَئي نَچي.

























¯

غزل
ميراث خواب جي کڻي جذبا جڙيم پَئي،
کوليم اکيون ته ڪا گهڙي کَٽَ تي سڙيم پَئي.

جيون ته آ پکيءَ جان اُڏندو پَيو وڃي،
ڪُلفن ۾ تنهنجي ساٿ جون يادون ڪڙيم پَئي.

ڇو ٿو وڃائجي وڃان، ڇو ٿو لَڀي پوان!
دل ۾ عجيب کوکليون ڳالهيون گهڙيم پَئي.

ڳوليم ته ڳوٺ جون ڳليون آڏو اچي وَيون،
ڇا لئه شهر جي ڊوڙ ۾ پاڇا لڙيم پَئي!


اياز امر شيخ

نظم

چئونري ڀرسان چنڊ

چئونري ڀرسان چنڊ آ اُڀريو،
چانڊوڪيءَ جو چولو پائي.
ڏس ته هوا جي نرم هٿن سان!
چهري تان پيو چڳ هٽائي.

ڪَتيون ڀي ڪَر موڙي جاڳيون،
ٽيڙُن نڪتي ٽولي آهي.
روح رتل آ روهيڙي جان،
ڄڻ ته لڳل ڪا هولي آهي.

چيٽن جي هن چاهت رُت ۾،
ڇا ته ڇڙا آواز اُٿيا هن.
خوشبوءِ سارا کيت خوشيءَ جا،
ساهُن ۾ ڪئين ساز سُريا هن.

پُوهه جا پارا ٿڌڙيون راتيون،
ٿاريلين جا لڱ لُڇائن.
او جاڳيل سڀ عشق اکين جا،
آس اُڀاريو ويٺا آهن.

ڪجلاسر تي ڪاڪُل ڌئندي،
ساٿ سهيلين ساريا آهن.
مون به ملڻ لئه تو سان منوا،
ڏهر ۾ ڏيئا ٻاريا آهن.

پاڻيارين جا پنڌ پُڇائي،
گها گهر، گها گهر گيت لکان ٿو.
پريم نگر مان پياس اُجهائي،
مُرڪن جهڙا ميت لکان ٿو.
رضا بخاري
ٻه وايون

ڏسُ گگن- لام تي
گُل اڇو چنڊ جو.

ڪير ٽاڪي ويو
هيڪلي شام تي،
گُل اڇو چنڊ جو.

ٿيڙ کائن اکيون
ٿو تري جام تي،
گُل اڇو چنڊ جو.

ماٺ مڪلي رضا!
لحد گمنام تي،
گُل اڇو چنڊ جو.
گُل اڇو چنڊ جو.

¯
تنهنجي پيرن- مٽي
مان چمي پيو چمان!

تنهنجي تصوير آ
روح تي مون چٽي،
تنهنجي پيرن- مٽي
مان چمي پيو چمان!

آهي باغِ ارم
تنهنجي گهر جي گهٽي،
تنهنجي پيرن- مٽي
مان چمي پيو چمان!

تو منجهان ٿا ڦُٽن
رنگَ سڀ پوپٽي،
تنهنجي پيرن- مٽي
مان چمي پيو چمان!







¯

بک جو ڀرم

هوءِ جا وئشيا بڻيل عورت،
پئسي تي ٿي جسم کپائي
هر گاهڪ جي گار ٿئي ٿي،
جيون مان بيزار ٿئي ٿي-
پر هي پيٽ بُکايل وحشي،
ڪنهن جي مجبوري نه ڏسي ٿو،
بُک جي ويلي ڪاريهر جان،
ور وجهي ۽ ڏنگ هڻي ٿو،
جنهن جو ڪو ڀي مذهب ناهي،
ڳڀي سواءِ ڪو ٻيو رب ناهي!
هوءِ جا جوڀن گُل جي ٽاري،
روز ڇُهائن ساڻ ڇڻي ٿي،
انگ انگن مان ڄڻ درد ڄڻي ٿي،
مجبوريءَ جي ميري مُنهن سان،
لوڪ سڄي کان شرم مري ٿي،
ها پر چُلهه کي گرم رکي ٿي،
بُک جو پو ڀي ڀرم رکي ٿي.!!

گلشن لغاري

غزل

پنهنجو جيون ۾ موهه ڪونهي ڪو،
ان ۾ ڪنهن جو به ڏوهه ڪونهي ڪو.

دل ٿي ڌڙڪي ته درد ڀي ٿيندو،
ماڻهو پٿر يا روهه ڪونهي ڪو.

دل ته دل آهه، ٿي دواني وئي،
ان ۾ پنهنجو ته ڏوهه ڪونهي ڪو.

درد حد کان وڌي ويو ورنه،
شاعريءَ جو ستوهه ڪونهي ڪو.

سمنڊ ساڳيو ئي آ حياتيءَ جو،
من جي ڇوليءَ ۾ ڇوهه ڪونهي ڪو!




















حميره نور

غزل

اکيون دربدر ٿي ويون!
سوچون منتشر ٿي ويون!
هن جون دوستيون هاڻي،
مون کان معتبر ٿي ويون!
جيڪي گڏ هيون ڪالهه جو،
سي به اڄ بي خبر ٿي ويون!
حسرتون من منجهان نڪري
قاتلن جي نظر ٿي ويون!
آخري ڪوششون لڳي ٿو ته،
هُن مٿان بي اثر ٿي ويون!
جيتريون به چاهه ۾ گهاريم،
سڀ گهڙيون زهر ٿي ويون!
ناهي پهچ خوشبوءِ جي ڏسو،
هو ته شمس قمر ٿي ويون!


پريت پال سنگهه سوڍو

غزل

اچڻ جي هيل ڪر منوا، هتي وسڪار جي موسم،
اندر تولاءِ تڙپي ۽ لُڇي اظهار جي موسم.

اکين جي ڏهر ۾ سڪ جا، کڻي ڪي ٻيلهڙا آنسو،
اچي ٿي تار ٽوڀا ٿي، سکيءَ جي سار جي موسم.

چڙن چنگن جي سرگم سان، ڇڙن سنگيت سارنگ جا،
سندءِ ٽهڪن لئه ترسي پئي، منڊ يل ملهار جي موسم.

ڇڇان ۾ ڇال ڇولين جا،ڇُلن مرگهن جي ڇالن جيئن،
وني ڄڻ ڪيرٽي ٿي پئي، وري ولهار جي موسم.

ڦلاريا ڦوڳ پاساڙين ۽ مُرڪيون سڀ متاريون ايئن،
جڏهن جيئن سانوري مُک تي، سجي سينگار جي موسم.

اسان لئه ڪهڪشائن جون، سندرتائون سندس درشن،
سدائين سرڳ جهڙي آ، پرينءَ جي پار جي موسم.

اڀيچند آتما تون آن ۽ مون ۾ روح سرمد جو،
صدين کان شهر تنهنجي ۾، رهي ٿي دار جي موسم.

گنگا جمنا ۽ ڪا شيءَ کان، مٿي هي سنڌ ڌرتي آ،
عبادت ئي عبادت آ، وطن وينجهار جي موسم.

جواني جي ته چوليءَ تي، چٽيون ڪي رنگ چاهت جا،
سجايون پريت سان جيون، پڪاري پيار جي موسم.

No comments:

Post a Comment