لکڻ مون لاءِ مسافريءَ وانگر آهي،
جيڪو ٻئي ۽ بهتر جهان ۾ وٺي ٿو وڃي- لي ڪليزيو
ترجمو: مهراڻ ملاح
جين-ماري گستاوي لي ڪليزيو کي سال 2008ع جو، ادب جو نوبيل انعام ڏنو ويو. نائين آڪٽوبر 2008ع تي جيئن ئي انعام جو اعلان ٿيو ته نوبيل انعام ڏيندڙ تنظيم هي ويب سائيٽ جي ايڊيٽر-اِن-چيف ايڊم سمٿ، لي ڪليزيو سان رابطو ڪيو ۽ روايت موجب کانئس ٽيليفونڪ انٽرويو ڪيو. ستن منٽن تي مشتمل ان مختصر ڳالهه ٻولهه جو هتي ترجمو پيش ڪجي ٿو.
**
سمٿ: جين-ماري ٿا ڳالهايو.
لي ڪليزيو: ها، ڳالهايان پيو.
سمٿ: منهنجو نالو ايڊم سمٿ آهي ۽ آءٌ اسٽاڪ هوم مان، نوبيل فائونڊيشن ويب سائيٽ کان پيو ڳالهايان.
لي ڪليزيو: ها، چئو.
سمٿ: جيڪڏهن دل ۾ نه ڪريو ته اوهان سان پنجن منٽن لاءِ فون تي ڳالهايون؟
لي ڪلينريو: نه، نه-بلڪل نه. آءٌ تيار آهيان.
سمٿ: وڏي مهرباني. اوهان ته گهڻَ- ملڪ واسي آهيو، پر هاڻي سڌ پئي ته فرانس ۾ آهيو- صحيح ٿا چئون نه؟
لي ڪليزيو: ها، بلڪل. آءٌ فرانس ۾ ئي آهيان. ڪجهه ڏينهن ۾ مون کي ڪئناڊا وڃڻو آهي، پر اڃا تائين ته فرانس ۾ آهيان.
سمٿ: اوهان جي پرورش مختلف ملڪن ۾ ٿي، ۽ اوهان ڪيترن ئي ملڪن ۾ رهيا آهيو، ڇا اهڙو ڪو هنڌ آهي، جتي اوهان پنهنجي گهر هجڻ جو تصور ڪندا هجو؟
لي ڪليزيو: ها، جيڪڏهن آءٌ اهڙي شهر جو نالو کڻڻ چاهيان ته اهو ماريشس هوندو. جيڪو منهنجو اباڻو شهر آهي. آءٌ ان کي ئي پنهنجو وطن تصور ڪيان ٿو.
سمٿ: ۽، اوهان ٻه ٻوليون ڳالهائيندڙ رهيا آهيو، پر اوهان لکيو فرينچ ۾. ڇا ان جو ڪو خاص سبب آهي؟
لي ڪليزيو: ها. حقيقت ۾ آءٌ ٻاروتڻ کان فرينچ ڳالهائيندي وڏو ٿيس. منهنجو مطلب آهي. هڪ پبلڪ اسڪول ۾، تنهنڪري منهنجو پهريون رابطو فرينچ ادب سان ٿيو، ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جنهنڪري مون فرينچ ۾ لکيو.
سمٿ: اوهان ننڍي هوندي کان لکڻ شروع ڪيو، ۽ اوهان جو ذهن ڏاڍو زرخيز رهيو آهي. اوهان اڪيلي سر 30 ڪتاب تصنيف ڪيا آهن. ڇا لکڻ اوهان کي ڏاڍو سَهنجو لڳندو آهي؟ ڇا قلم کڻي، پني تي لکڻ ۾ اوهان کي لطف ايندو آهي؟
لي ڪليزيو: ها، بلڪل. مون ميز تي لکڻ ۾ تمام گهڻو لطف پئي محسوس ڪيو آهي، پوءِ اها کڻي ڪهڙي به هنڌ رکيل ڇو نه هجي. مون کي ڪا به آفيس نه آهي، آءٌ هر هنڌ لکي سگهان ٿو. تنهنڪري آءٌ پنو کڻي ميز تي رکندو آهيان ۽ پوءِ ڊگهي مسافريءَ تي نڪري ويندو آهيان. سچ پچ لکڻ مون لاءِ مسافريءَ جيان آهي. اهو مون کي هڪ ٻيءَ زندگيءَ ۾ وڃي ٿو پهچائي- هڪ عاليشان زندگيءَ ۾.
سمٿ: واهه جي ڳالهه ڪَيوَ. ماڻهو ته اڪثر ائين چوندا آهن ته مطالعو مسافريءَ وانگيان آهي، پر لکڻ به آهي. زبردست.
لي ڪليزيو: ها، اهي ٻئي مون سان گڏ گڏ هلن ٿا. پرڏيهه هجي، نئون ملڪ يا ٻيو هنڌ، آءٌ هر هنڌ لطف اندوز ٿيندو رهندو آهيان- آءٌ ان جو حصو ٿي ويندو آهيان.
سمٿ: اوهان ٻين جي ثقافتن، ٻين جي ماڳن مڪانن ۽ ٻين جي ممڪنات بابت گهڻو ڪجهه لکندا رهو ٿا، ۽ خاص ڪري، اوهان آمري- انڊين بابت ڪتاب لکيو آهي. سندن ڪلچر جي ڪهڙين ڳالهين اوهان کي متوجهه ڪيو؟
لي ڪليزيو: گهڻو ڪري ائين ئي آهي. انهن جو ڪلچر يورپي ڪلچر کان تمام گهڻو مختلف آهي. ٻي ڳالهه ته ان کي پنهنجي اظهار جو موقعو نه مليو آهي. اهو اهڙو ڪلچر آهي، جنهن کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان جديد دنيا هاڃو پئي رسايو آهي، خاص ڪري يورپ جي سوڀن. تنهنڪري آءٌ سمجهان ٿو ته ان (ڪلچر) ۾ يورپ واسين لاءِ هڪ سگهارو پيغام آهي... آءٌ پاڻ به ته بنيادي طرح يورپين آهيان. اهو ئي سبب آهي جو آءٌ سمجهان ٿو ته يورپين جو هن ڪلچر سان مکاميلو ٿيڻ گهرجي، ڇو ته اهو يورپين ڪلچر کان بنهه نرالو آهي. کين هن يعني آمري-انڊين ڪلچر مان گهڻو ڪجهه سکڻ گهرجي.
سمٿ: اوهان بيٺڪي صورتحال بابت پڻ ڪافي لکيو آهي. ڇا اوهين سمجهو ٿا ته اها ڳالهه اهم آهي ته جديد يورپي ڪلچر کي ان ڏس ۾ ماضيءَ جو جائزو وٺڻ گهرجي؟
لي ڪليزيو: آءٌ سمجهان ٿو ته رڳو يورپ نه پر آمريڪي سماج کي پڻ ائين ڪرڻ گهرجي- کين انهن ماڻهن جو احسان مند ٿيڻ گهرجي، جن بيٺڪي دؤر ۾ تمام گهڻو ڀوڳيو. منهنجو مطلب آهي ته يورپ وٽ جيڪا دولت آهي، اها کنڊ ۽ ڪپهه جي بدولت آهي، جيڪي کين بيٺڪيتن مان مليون، ۽ هو ان دولت ذريعي صنعتي دنيا ۾ داخل ٿيا، تنهنڪري کين بيٺڪي عوام جو احسان مند ٿيڻ گهرجي ۽ کين اهو قرض موٽائڻو پوندو.
سمٿ: هونئن ته اوهان جي لکڻ جي دائري جي درجابندي نٿي ڪري سگهجي، پر ڇا اهڙو ڪو همه گير مقصد آهي، جنهن لاءِ اوهين لکو ٿا؟
لي ڪليزيو: مکيه سبب اهو آهي ته آءٌ درست طريقي سان پنهنجو اظهار ڪري سگهان. آءٌ سمجهان ٿو ته ليکڪ پنهنجي آسپاس موجود صورتحال جو شاهد هوندوآهي. ليکڪ پيغمبر يا فلاسافر ناهي، هي ته پنهنجي آسپاس ٿيندڙ ڪاروهنوار جو ساکي آهي. تنهنڪري اهو يعني لکڻ شاهد ٿيڻ لاءِ پرک جو هڪ عاليشان طريقو آهي.
سمٿ: اُهي، جيڪي اوهان جي شخصيت ۽ ڪم کان اڻ واقف آهن، انهن لاءِ ڪي پيرائتيون ڳالهيون تجويز ڪندؤ؟
لي ڪليزيو: نه، آءٌ اهڙي جرئت نٿو ڪري سگهان. منهنجو مطلب آهي ته اڀياس هڪ آزاد سرگرمي آهي. اوهان کي اتفاقن نه پر پنهنجي ذاتي محسوسات کي سونهون بڻائڻو پوندو. پڙهندڙ جيئن چاهين ڪتاب شروع ڪن، ڇو ته هو ان عمل ۾ آزاد آهن، انهن کي ڪنهن رهنمائيءَ جي ضرورت ڪا نه آهي.
سمٿ: واهه جو جواب ڏِنَوَ، مهرباني پر آخري سوال. نوبيل انعام اوهان جي شهرت ۾ اضافو آڻيندو. ان ڏس ۾ اوهان ڪو نياپو ڏيڻ چاهيندؤ؟
لي ڪليزيو: مون کي سوچڻو پوندو! ڏاڍي ڊيڄاريندڙ صورتحال آهي، ڇاڪاڻ ته آءٌ ڄاتل سڃاتل نه آهيان... پيغام ڏيڻ ۽ پنهنجا خيال ظاهر ڪرڻ منهنجي عادت ناهي رهي. آءٌ ان ڳالهه کي اوليت ڏيندس ته اڀياس ڪيو وڃي، پوءِ ئي شايد منهنجون لکڻيون ماڻهن کي متاثر ڪري سگهن. بهرحال، مون کي نوبيل اڪيڊميءَ ۾ تقرير ڪرڻي آهي، ٿي سگهي ٿو ته آءُ اتي ڪو پيغام پيش ڪريان.
سمٿ: پوءِ ته ڊسمبر جو انتظار ڪرڻو پوندو.
لي ڪليزيو: ها.
سمٿ: ٺيڪ آهي، اسان کي ان موقعي جو انتظار رهندو- پر اوهان جي وڏي مهرباني، لک لائق.
لي ڪليزيو: اوهان جي مهرباني.
سمٿ: ۽ اوهان کي واڌايون.
لي ڪليزيو: مهرباني چڱو،سدائين گڏ.
سمٿ: سدائين گڏ.
Email: mehran_malah@yahoo.com
No comments:
Post a Comment