Saturday, May 23, 2009

تون جڏهن به واپس ايندين،


تون جڏهن به واپس ايندين،
بهار ئي هوندو!

آدرش

¦ ايراني فِڪشن ۽ شاعري سگهارا رهيا آهن ۽ دنيا جي سڀني سڌريل ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن.
مُحمًد رضا عِشقِي ايران جو هڪ انقلابي ۽ ارڏو شاعر هو. عشقي 1898ع ۾ پيدا ٿيو. هو سياسي ۽ سماجي بدعُنوانين جو سَخت دُشمن هو. هڪ وزير بابت هُن جا ريمارڪس هيا ته هن جي نسبت گڏهه سان ڳنڍڻ، گڏهه تي ظلم آهي.
هڪ قرارداد بابت هن چيو: ”هن قرارداد تي تيستائين منهنجي صحي نه ٿيندي جيستائين منهنجي قتل نامي تي صحي نه ٿئي. مان اڪيلو ان قرارداد جو دشمن آهيان.“
رسالي ”قرن بِيستم“ جي آخري پرچي ۾، عِشقيءَ رضا شاهه جي آمراڻي جمهوريتَ ”او سگهارا دشمنَ! تنهنجي وسَ ۾ جيڪي ڪجهه آهي، ڪري وَٺُ. صبحاڻي مان سگهارو ٿي ويم ته تو کان وڌيڪ بدتر تو سان سلوڪ ڪندم.“
رضا شاهه حقارت مان چيو: ”هي بکيا، اگهاڙا شاعر اسان سان ٽڪر ٿا کائين.“ ٻئي ڏينهن عشقيءَ، رضا شاهه کي هنن لفظن ۾ خبردار ڪيو. ”ها! مان بکيو آهيان، پر شينهن وانگر بکيو آهيان. ها! مان اگهاڙو آهيان، پر تلوار وانگر اُگهاڙو آهيان.“
ٻئي ڏينهن صبح جو رضا شاهه، عشقيءَ ڏانهن ٻه ماڻهو موڪليا. هنن هن جي گهر جو درُ کڙڪايو. عشقيءَ دروازو کوليو. هڪ ماڻهوءَ هن کي خط ڏنو ۽ ٻئي هن کي ريوالور سان گوليون هنيون ۽ عشقيءَ ساهه ڏنو.
¦ ڊاڪٽر احمد نواز هڪڙو هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ ذهين همراهه جو نالو آهي. هن شڪارپور جي هڪ پورهيت گهراڻي ۾ جنم ورتو. جدوجهد ڪيائين، ريڙهيءَ تي انب وڪيائين. ’قدم وڌائي اڳتي هلُ‘ تي عمل ڪيائين. سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور، ڪمرشل ڪاليج شڪارپور ۾ نوڪريون ڪندو، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر ٿيو. اتان اسڪالر شپ تي ٻاهرئين ملڪ ويو. موٽيو ته قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ ليڪچرر ٿيو. انگريزيءَ ۾ ٻه ڪتاب لکيل اٿس. اڄڪلهه عُمان يونيورسٽي ۾ ڊين (Dean) آهي. هڪَ مراڪشي مائِي هنَ جي گهر واري آهي، جيڪا پڻ سيبتي ۽ سٺي زائفان آهي.
ڊاڪٽر احمد نواز، ارڏو آهي. هن گورنر کان ڊگري وٺڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ چيو هيائين: ”مان قاتل کان ڊگري وَٺڻ بدران، بنا ڊگريءَ جي پاڻ کي ترجيح ڏيندس.“
هڪ ڀيري، هڪ عرب اسلامي دانشور، ڊاڪٽر احمد نواز سان بحث ڪري رهيو هو ۽ اسلام بابت گوهر افشاني ڪري رهيو هو. ڊاڪٽر احمد هڪ جملو چئي، کيس ماٺ ڪرائي ڇڏيو. ”يا اَخِي! اسلام اوهان بدو قوم لاءِ هو جو اوهان جي قوم اڻ سُڌريل ۽ وحشي هئي. اسان جي سنڌ اُن مهل به مُهذب هئي. اسان جي ديس ۾ ته تلوار جي زور تي اسلام داخل ٿيو.“
¦ سڪندر اعظم کان هڪ شخص هڪ درهم جو دان گهريو، جيڪو هن نه ڏيڻو ڪيو ۽ چيائينس: ”اهو منهنجي شان وٽان نه آهي.“
سائل عرض ڪيس ته ”ڀلا! فلاڻو علائقو مون کي عطا ڪيو.“
سڪندر اعظم وراڻيس: ”تون ان جي لائق ناهين.“
¦ سمنڊ ڪانوَ جي زال کي لهرن ۾ کڻي ويو.
ڪانوَ جوش ۾ فيصلو ڪيو ته مان ان سمنڊ کان بدلو وٺندس.
ڪانءُ چهنب ۾ پاڻي ڀري سمنڊ سڪائڻ لڳو.
ٻُڌ ڀڳوان چيو: ”پرڪرتيءَ اڳيان، انسان ان ريت بيوس آهي.“
¦ آصف علي زرداري ملڪ جو صدر ٿيو ته هفتيوار آمريڪن رسالي ”ٽائيم“ ٽائيٽل تي آصف جو فوٽو گراف شايع ڪيو ۽ ڪُنڊ تي لکيو: ”Nation at Risk“.
¦ مصر ۾ جمال عبدالناصر کي چيائون: ”سائين! هڪ نابين شخص اوهان جي خلاف، ڪتاب لکيو آهي.“
ناصر وراڻيو: ”مصر ۾ هڪڙو ئي اکين وارو آهي، جنهن مون کي منهنجي خامين کان آگاهه ڪيو آهي.“
¦ همراهه، درزيءَ کي پينٽ ٺاهڻ لاءِ ڏني. سڀاڻي سڀاڻي ڪندي ڪافي ڏينهن گذري ويا. نيٺ همراهه صبر وڃائي ويهي ٿو ۽ درزيءَ کي چئي ٿو ”خدا به دُنيا ڇهن ڏينهن ۾ ٺاهي ۽ تو پينٽ ٺاهڻ ۾ ايڏا ڏينهن لاتا آهن.“
درزيءَ وراڻيس: ”هن ڇهن ڏينهن ۾ ڇا ٺاهيو آهي؟ هيءَ دنيا به ڏسُ ۽ هيءَ پنهنجي پينٽ به ڏس. ڪيڏي نه سهڻي آهي.“
(اينڊ گيم- سيموئل بئڪٽ جو ناٽڪ.)
¦ ”تنهنجو گهر ڪٿي آهي؟“
”جتي اوندهه ٿيندي آهي، مان پنهنجي چادر وڇائي پنهنجو گهر ٺاهيندو آهيان. منهنجي گهر جي ڇت ۾ آسمان جا ستارا جڙيل هوندا آهن.“
(دهلي- خوشونت سنگهه جو ناول)
¦ ڪامياب ليکڪ، ڪامياب مڙس نه ٿو ٿي سگهي. (گو بند مالهي)
¦شاهه لطيف، ٽالسٽاءِ ۽ دوستو وسڪي ناڪامياب مڙس هئا. (سُڳن آهوجا)
¦جسٽس صمداني هڪ باضمير ۽ ارڏو لا سيڪريٽري هو. ضياءُ الحق هڪ ڀيري چيس: ”منهنجا رفيق جنرل چون ٿا ته ڪي سيڪريٽريز اهڙا آهن جن کي ڦٽڪا هڻائڻ گهرجن.“
جسٽس وراڻيس: ”سائين! اسان وري ان خيال جا آهيون ته ڪي جنرل صاحب اهڙا آهن جن کي ڪؤڙا هڻڻ گهرجن.“
¦ 1998ع ۾ آدمشماريءَ جي سلسلي ۾ هڪ آرڊيننس جاري ڪيو ويو ته ڪو به فارم ڀرائڻ ۾ غلط بياني ڪندو ته ان مٿان 15 هزار روپيا ڏنڊ يا ڇهه مهينا سزا هوندي. ان آدمشماريءَ ۾ سول عملي سان گڏ آرميءَ جو عملو به ساڻ هو. آدم شماري کان اڳ وزير سرتاج عزيز کان پريس ڪانفرنس ۾ بي بي سي جي هڪ نمائندي کانئس پڇيو ”عوام غلط بياني ڪري ته ڏنڊُ ڀري يا سزا کائي. جيڪڏهن ڪو فوجي غلط لکي ته ان جي سزا ڪهڙي آهي.“
سرتاج عزيز وائڙو ٿي ويو ۽ جواب نه ڏئي سگهيو.
¦ اوڌ جو نواب، واجد علي شاهه عجب شخصيت جو مالڪ هو. ڏاڍو نفيس ماڻهو هو. ليکڪ هو. شاعر هو ۽ رَقاص هو. زائفن ۽ ڇوڪرن جو شوقين هو. ڏاڍو رنگين مزاج ۽ منَ موجي ماڻهو هو.
اوڌ تي انگريز حملو ڪندا آهن. واجد علي شاهه ڀڄندو نه آهي. پڇيو ويندو اٿس ته: ”تون ڀڳين ڇو نه؟“
وراڻيائين: ”مان ڪيئن ڀڄان؟ ڪو جوتا پارائڻ وارو ئي ڪو نه هو.“
¦ اسان جي شهر شڪارپور جي اڌ ميل تائين بازار ڍڪيل آهي ۽ ان کي اسان ڍڪ بازار سڏيندا آهيون. اهڙي بازار نوبل انعام يافته ليکڪ نجيب محفوظ جي شهر قاهره ۾ پڻ آهي. اها ڳالهه انگريز ليکڪ ٽِي پوسٽنس پنهنجي مشاهداتي ڪتاب ۾ لکي آهي. عطا محمد ڀنڀرو ان ڪتاب کي سنڌيءَ ۾ ”سنڌ- جيئن مون ڏٺي“ جي عنوان تحت ترجمو ڪيو آهي. ڏاڍو دلچسپ ۽ سهڻو ڪتاب آهي.
- ”مان سچائيءَ سان جاکوڙي ان حقيقت کي محسوس ڪيو ته ٻين ملڪن وانگر سنڌ ۾ اهڙا ماڻهو بالڪل ٿورا آهن جيڪي اسلام کي دل سان مڃيندا آهن. ۽ ان جي حڪمن جي سچائيءَ سان پيروي ڪندا آهن.“
- ”عورت پنهنجي مرد سان ٻٽ، ڄڻ جمعي سان خميس.“
- ”شايد اهو ناممڪن آهي جو سڄي دنيا ۾ سنڌ جهڙو ڪو ڀاڳ وند ملڪ هجي.“
-”سنڌين جو هڪ جائتو ٿي ويهڻ کين وِهه لڳندو آهي، وتندا جُوءِ مٿان جُوءِ مٽائيندا.“
- سنڌ جو سج هڪ ڀوري ماڻهوءَ کي ڪارو ڪاري ڇڏيندو آهي ۽ اس ايتري ڪوسي هوندي آهي جو ان تي آني کي پچائي سگهجي ٿو.“
¦ ”امان ناني! تون ڇو سدائين چورن وانگرُ ايندي آهين؟ سڄيءَ دنيا کي چورائي تو پنهنجي ڇليءَ ۾ ته بند ڪري ڇڏيو آهي.!“
”اڃان هڪ شيءِ منهنجي هٿ نه لڳي آ ڙي!“
”ڪهڙي شيءِ، ناني؟“
”سُکُ!“
(ناديد- جوگندر پال جو ناول)
¦ اي ڌڻي! تو مون کي هٿ ڏنا
تنهنجي مهرباني!
هٿن لاءِ تو زنجير ٺاهڻ جو حڪم ڏنو
تنهنجي مهرباني!
زنجيرن کي تو منهنجي جسم جو زيور بڻايو
تنهنجي مهرباني!
پر هي مون کي ڪير گهلي رهيو آهي، ڌڻي؟
هي ڪؤڙا، ڇا تنهنجي حڪم سان هنيا پيا وڃن؟
تون پنهنجا زيور واپس وٺ مون کان
مون کي هٿ ڏي
تنهنجي مهرباني.
(باز گوئي- سريندر پرڪاش)
¦ ”جيڪڏهن تون چاهين ته مان ايندڙ بهار ۾ موٽي اينديس.“
”تون جڏهن به واپس ايندينءَ، بهار ئي هوندو.“
(هڪ محبت جي ڪهاڻي- سائمن ڊي بوار)
¦ ”نينهُن نياپي نه ٿئي، جي تون وڃين نه پاڻ.“
¦ هڪ همراهه جمعي تي راڳ ٻڌڻ لاءِ پري کان پنڌ ڪري، اچڻ سبب ٿڪجي پيو ۽ ننڊ وٺي ويس. راڳُ ٻڌي نه سگهيو.
صبح جو ڳوٺ آيو. ڳوٺ وارن راڳ بابت پڇيس ته وراڻيائين: ”يار! رات فقيرن کي ننڊ اچي وئي، تنهن ڪري راڳ ٿيو ئي ڪو نه.“
¦ سمورن جهيڙن جو بنياد ئي اهو آهي ته اسان جي پرورش گنگا، جمنا، ستلج، سنڌو ۽ چناب جي پاڻين ۾ ٿي آهي پر گيت ڳايون ٿا ”آبِ زَم زَم“ ۽ ”حوض ڪوثر“ جا.
(حڪيم فوقي بدايو ني)
¦ بوب (Bob) جي ڊگهي ڏاڙهي ڪنهن ڪلاسيڪل ناچڻيءَ جي هٿ وانگرُ ساڄي کاٻي پاسي لڏي رهي هئي. بوب هڪ شفيق همراهه هو. جهيڻو ۽ ان ڪتي وانگر فرمانبردار جيڪو ڊرائيونگ ڪندي چپ چاپ ڪڇ ۾ ويٺو هوندو آهي. هن پڇيو: ”تون آمريڪي پيغمبر جوزف اسمٿ بابت ڄاڻين ٿو؟“
”آمريڪي پيغمبر؟“ مون حيرت مان پڇيو. ”منهنجو خيال هو ته آمريڪا ۾ رڳو صدر هوندا آهن يا گينگسٽر- يا ٻئي هوندا آهن.“
(خانه بدوش- مستنصر حسين تارڙ)
¦ جرمن فلسفي نِٽشي، پنهنجيءَ ڀيڻ ڏانهن خط لکيو: ”جيڪڏهن تون روح جو سڪون چاهين ته ايمان کي مضبوط رک، پر جيڪڏهن سچائيءَ جي خواهش اٿئي ته ڳولا ڪر.“
نٽشي جي ڀيڻ مذهبي ٿي ۽ آرام جي زندگي گذاريائين ۽ نٽشي چريو ٿي مري ويو.
¦ ميري ڪوريلي انگريزيءَ جي ناول نَويس هئي. هُنَ جاسوسي ناولَ لکيا. هن شادي ڪو نه ڪئي. شادي ۽ مڙسَ بابت هُنَ چيو هو ته: ”مون سڄي عُمر شادي نَه ڪئي. ان جو سبب مون وٽ ٽي Pets (پالتو جانور) آهن جيڪي مُڙسَ جو نعم البدل آهن. هڪ ڪتو آهي جيڪو صبح سان ئي ڀؤنڪڻ شروع ڪندو آهي. ٻيو طوطو آهي، جيڪو ٽيپهري ٿيندي ئي رَٽيلَ گاريون ڪڍندو آهي. ٽيون هڪُ ٻِلو آهي، جيڪو رات جو دير سان گهر ايندو آهي.
¦ زين ماسٽر دريءَ مان ٻاهَر نهاريو ته ٻاهر برفَ ڪرِي رَهي هئي. هن جي دماغ ۾ يڪدم خيال آيو: ”مان به برفَ وانگرُ پيدا ٿيو آهيان ۽ ان وانگرُ غائب ٿي ويندم.“
¦ حافظ هڪ تِر جي عيوض ثمر قند ۽ بخارا بخشي ڇڏيا ته شعر پڙهي، امير تيمور ڪُراڙي حافظ کي گهرايو ۽ چيو: ”جن شهرن جي اڏاوت ۾ مون زندگي وڃائي، انهن کي ايڏو بي باڪيءَ سان تو ڪيئن بخشي ڇڏيو؟“ حافظ وراڻيو: ”بادشاهه سلامت! جيڪڏهن مان ايڏو دل جو سخي نَه هجان ها ته ايڏو مفلس نه هجان ها!“
¦ هڪُ اڳوڻي پاڪستاني صدر کي اڌ رات جو آرميءَ وارن، صدارتي محل مان اُٿاري سامان ٻڌڻ جو چيو ته سندس سادي سُودي زالَ هِتي هُتي ڦهليل سامان ۽ ڪپڙا ميڙيندي ڀڻڪيو: ”عجيب مُلڪ آهي جنهن ۾ پنهنجي صدر کي صبح تائين به ترسڻ نَه ٿو ڏنو وڃي.“
¦ شامَ جو سِجُ سمنڊَ ۾ هيٺ وڃي رَهيو آهي.
ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ وانگرُ جنهن پنهنجي محبوبا جي موت جي خبر ٻڌي هُجي.
(يَهودا اَميحائي جي نظم جون سٽون)
¦ اَسان چمڪندڙ واريءَ تي سُتلَ هونداسون
۽ صبح تائين خاموشيءَ سان ليٽيا پيا هونداسون.
انَ لاءِ نَه ته ڪو اَسان وٽ لفظن جي کوٽ آهي
پر ان لاءِ جو ٿڪلَ پوپٽَ
اَسان جي چَپن تي ستل هوندا.
(محمد الماغوط جي نظم جون سٽون)
¦ تاريخَ ٻُڌائي ٿي
تختَ تي راجا کي
تلوارَ ويهاري ٿي.
(ندا فاضليءَ جو ماهيو)
¦ مولوي اي. ڪي فضل مشرقي بنگال جو وزير هو. ان کي چيو ويو ته اوهان جي خلاف فلاڻي اخبار وارن الائي ڇا ڇا لکيو آهي ته هن جواب ڏنو ”اَسان کي ان جي پرواهَ ناهي.“
”ڇو؟“
جيڪي اخبار پڙهندا آهن سي ووٽ وجهڻ نه ويندا آهن ۽ جيڪي اخبار ناهن پڙهندا، اهي ووٽ وجهڻ ويندا آهن ته پوءِ اسان کي ڇا جي پريشاني؟
¦ ڪرپشن لاءِ چوڻي آهي:
Sky has no limit.
¦ اسان وٽ ووٽ Vote without voice آهي.
¦ جيڪو ماڻهو مِينهَن ۾ وڻن هيٺان ڀِڳو ناهي. اهو شاعري سمجهي نَه ٿو سگهي.
(رجنيش اوشو)
¦ آئزڪ بيشوِ زسِنگر، هڪ ڀيري ويٺي ويٺي هڪُ آنو ڀڳو. اهو اندران ڪِنو نڪتو ته يڪدم چيائين: ”ماڻهوءَ جي زندگي به اهڙي آهي، ٻاهران سُٺي اندران ڪِنِي.“
¦ اسلام آباد ڏاڍو نامراد شهر آهي. اسلام کي کائي ويو آهي. (امر جليل)
¦ هڪ عرب پنهنجي گهوڙي بابت چيو ”هيءُ منهنجو گهوڙو ناهي، منهنجو پٽ آهي. هيءُ طوفان کان وڌيڪ تيز ڀڄندو آهي ۽ نظر کان وڌيڪ تيز رفتار آهي. هي وري ايڏا ته آهستي پيرَ کڻندو آهي جو تنهنجي سُتلَ محبوبا جي ڇاتيءَ تي ناچُ ڪري ته به هُنَ جي اک نه کُلندي.“
¦ سياستدان مولا بخش سومري مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو کي چيو: ”پاڪستان ايڏو غير فطري آهي جو قدرت به ان کي هلائڻ جي قابل ناهي.“
(جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو)
¦ اوچتو درياءَ مان چنڊُ اهڙي طرح ظاهر ٿيو جيئن ڪنهن نازنين جو ڪُلهو اگهاڙو ٿي وڃي.
(انا طول فرانس)
¦ دولت گناهه کي ڍڪي ڇڏيندي آهي
پر غريب سُئيءَ وانگرُ اگهاڙا هوندا آهن.
(يوناني شاعره)
¦ ڪين انسان ذات جي ٿا سار لهن،
نيڪَ، سجدن ۾ رڳو رهجي ويا.
(عاجز منگي)
¦ دُنيا سڀُ درياءُ، ڪو ڪو تارون اُن ۾.
¦ اٽليءَ جي شهر روم ۾، سينٽرل اسڪوائر وٽ هڪ وڻ بيٺل هو. سڙڪ کي ٺاهڻ واسطي روم ڪارپوريشن ان کي وڍڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو.
اِٽالين ليکڪ البرٽو موراويا احتجاج ڪيو ۽ ڪورٽ ۾ ويو جتي دليل ڏنائين ”وڻ به انسان ذات وانگر آهي، اهو هڪ اسان جو قديم شهري آهي. روم ڪارپوريشن ان کي وڍرائي ڄڻ قتل ڪيو آهي.“
ان دليل تي ڪورٽ، ڪارپوريشن جو حڪم نامو رد ڪيو ۽ وڻ اڃان تائين بيٺل آهي.
¦ هڪ ساڌوءَ کان مون پڇيو: ”دنيا تياڳڻ مان توکي ڇا مليو؟“
ته هن جواب ڏنو: ”دنيا ۾ رهي تو ڇا حاصل ڪيو؟“
(گردِ راه- اختر حسين راءِ پوري)
¦ سائنس فڪشن ليکڪ کان ٽي وي انٽرويو ۾ ميزبان سوال پڇيو: ”آئزڪ آزيموف! توهان جو مطالعو وسيع آهي. توهان لاءِ مشهور آهي ته توهان وٽ هر سوال جو جواب آهي. منهنجو سوال آهي ته ڇا توهان خدا کي ڳولي لڌو آهي؟“ آئزڪ آزيموف ٿوريءَ دير لاءِ چڪرائجي ويو- پر پوءِ هن جي ذهن ۾ سوال اڀريو ته جيئن عقلي جواب ڏيڻ لاءِ کيس وٿي ملي. هن پڇيو: ”ڪهڙو خدا؟ مسلمانن جو، يهوديءَ جو يا عيسائين جو؟“ ميزبان چيس: ”آئزڪ تون سمجهين ٿو ته مان ڪهڙي خدا جي ڳالهه پيو ڪريان.“ آئزڪ آئزيموف ذهين هو ۽ جواب ڏنائين: ”مان خدا کي ڇو ڳوليان. خدا مون کان وڌيڪ ذهين آهي. جڏهن کيس ضرورت پوندي ته مون کي ڳولي وٺندو.“
¦ اسان جي جرنلن کي ڏسو! اُهي هر سال شاندار تمغن سان نوازجن ٿا، انهن کي پنهنجي سيني تي فخر سان سجائن ٿا، پر مون کي ٻڌايو ته هنن گهڻيون جنگيون کٽيون آهن؟
(ڊاڪٽر پرويز هود ٻائي)

¤¤

No comments:

Post a Comment