تخيل
زاهد دارا ابڙو
تيز روشني
زاهددارا ابڙو- هڪ نامور مصور جو شاعر پٽ-پهريون ڀيرو نوجوان شاعرن جي هڪ خاص چونڊ ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ جي ذريعي سنڌ جي ادبي حلقي ۾ متعارف ٿيو هو. تڏهن به هن جي نظمن جي انفرادي شناخت نئين صنعتي سماج جا الميا ۽ فلسفيانه گهرائي هُئي ۽ اڃا به اها قائم آهي- بلڪ هاڻ ته ان ۾ وڌيڪ زور، اثر ۽ گهاٽائي پيدا ٿي آهي. مٿان وري آرٽ جي موروثي اثر هن جي تخيل کي فنڪارانه دلڪشيءَ سان لبريز بڻائي ڇڏيو آهي. هن جو نظم”مرندڙ ولر هرڻن جو“ اهڙي ئي تخيلاتي خوبصورتيءَ جو حسين مثال آهي. هن جا نظم تاريخيءَ سياسي شعور ۾ به وهنتل محسوس ٿيندا، پر انهن جي پيرن ۾ ڪنهن نظرياتي وابستگيءَ جو زنجير پيل نه آهي. ”وٺيون ڪبوترن جون“ ان ڏس ۾ بيحد ڇرڪائيندڙ نظم سڏي سگهجي ٿو. جنهن کي پڙهي هن جي ويچار جي ڳوڙهائيءَ ۽ منطقي ائپروچ جو اندزو ڪري سگهجي ٿو، ٻئي طرف ”هڪ الميو“ سنڌونديءَ جي تازي الميي جو دل ڀڄائيندڙ اظهار آهي، قدر اڪثريتي سنڌي شاعريءَ جا موضوع ۽ قدر زرعي سماج جا هئڻ ڪري، اسان جا ڪيترائي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو به ان کي ”زرعي شاعري“ سان تعبير ڪندا آهن، پر زاهد دارا جي شاعري پڙهي ائين محسوس ٿئي ٿو، ته سنڌي شاعري جديد صنعتي سماج جي موضوعن سان به پاند اٽڪائڻ لڳي آهي ۽ منجهس غير روايتي موضوع ۽ ڪردار به داخل ٿيڻ لڳا آهن. زاهد جي پيشڪش ۾ ڪجهه پيچيدگي ضرور آهي ۽ ڪٿي ڪٿي اها ابهام جو به شڪار ٿي وڃي ٿي، پر ان جو سبب هن جو اسلوب آهي. جنهن تي نظم کان وڌيڪ نثري آهنگ حاوي آهي. زاهد سالن کان وٺي نيو جرسي آمريڪا ۾ رهي ٿو ۽ شايد هڪ سبب اهو به هجي، هن جي موضوعن ۽ شعري رويي جي انفرادي هجڻ جو.
¥¥اونداهي آهي تيز روشنيءَ جي تر ۾
نٿي جرڪائي سگهي روشني پنهنجي آٺر کي
روشنيءَ جو لامحدود وجود وچان خالي آ
رڳو سطح کي چمڪائي سگهي ٿي روشني
سطح جتي اسان رڙهندا آهيون،
هڪ حيات جي ڇڊ ۾
نٿي ڏيکاري سگهي روشني؟
ٻن چمڪندڙ رنگن جي وچ ۾ هڪ ويچاري گدلي رنگ جي روح کي
يا
هڪ سڪل درياءَ جي ڏڏريل پيٽ جي ڏک کي
يا
گرهڻ لڳل انڌي ڊالفن جي بي امان ذهن کي
يا
ڊهندڙ آکيري ۾ يتيم ننڍڙي پکيءَ جي بيقراريءَ کي
يا
تاريخ جي مٺ مان سرڪندڙ سچ جي واريءَ کي
يا
ان ڊرامه نگار جي ٽهڪ جي چئني ڪنڊن کي
جيڪو هاڻ نه رهيو
جڏهن ته اهي سڀ موجود آهن تيز روشنيءَ جي آٺر ۾
پر مان ڪير ٿيندو آهيان
تيز روشنيءَ جي لامحدود
جوتَ کان سوال ڪرڻ وارو!...
¥¥
سومارين جو ننڍڙو بت
ذرا ذرا ٿي وئي...
ست هزار سال پراڻي سليٽ واريءَ ۽ ڌوڙ جي طوفان ۾
سليٽ تي قديم هٿ اکر رجن پيا
۽ مرڻ کان اڳ ۾
ڇتڪتائيءَ ۾ پنهنجي معنيٰ ٿا ڳولهڻ چاهن.
ڪو روح به نه نڪتو سوين ڀڳل نوادرات مان!
۽ نه ئي وري انَ پوڙهي ”سومارين جي ننڍڙي بتَ“
مان ڪو ديوُ نڪتو.
شايد اهي سڀ ڊنل هئا
ان الهڙ ڇوڪريءَ جي ڪن ڦاڙ رڙ کان!
جنهن کي پڇا دوران ”ريپ“ ڪيو ويو.
هاڻ
رجندڙ هٿ اکر
ڊنل لفظ
۽
هيسائيندڙ رڙيون
”ميسوپوٽامين“ دڙن جي آلوده قبرستان ۾
تازي هوا جي هڪ جهوٽي لاءِ سڪن پيا
پر
تاريخ جا ساوا پن اڃا دجلا جي لهرن تي ترن پيا
بابل جي ياد ۾ اڃا گل ٽڙن پيا
ٻارڙا اڃا اتي لاٽون سان سر سر کيڏن پيا
هوائون اڃا ڀڳل لڄَ جي اِستريءَ جهڙين تيز ڪُنڊن کان زخمي ٿين ٿيون.
هاڻ
تاريخ هن پراڻي تهذيب جي تسلسل کي وقت جي غاليچي هيٺان پوري ڇڏيندي.
هاڻ
انسانيت هن پراڻي شهر ۾ غربت جي نشان کان هيٺ جيئندي ۽ پنندي رهندي.
هتي جو هر يدِ بيزا (ڪرسٽل بال) ڀڄي پيو آهي.
پر پو ءِ به
ڪِنجهي جي وٽن ۾ تازو رت ڀري
ٻڌائين ٿا مستقبل جو حال خانه بدوش هتي.
سڀاڻي جي ته خبر ناهي؟
پر ڪالهه لٽجي ويو آ، هن شهر جو
جتي وکريل آهن ٽڪرا انَ سليٽ جا،
جنهن تي ڪجهه ڪنهن نه ڪنهن ته لکيو هوندو
ست هزار سال پهرين!.
¥¥
مرندڙ ولر هرڻن جو
سچ جڏهين پنهنجو هٿ
منهنجي نڙيءَ کان منهنجي آنڊي تائين وجهي
اتان منهنجي خالي پڻي جون ڪميڻيون ڄورون ڪڍي
منهنجي آڏو رکيون
ته مان پنهنجي ڪوڙي وجود جي رفو کي
ٻنهي هٿن سان لڪائڻ جي ڪوشش ۾
شڪي کل کلندي کلندي روئي پيس.
۽ ان وقت جند ڇڏائڻ ڪاڻ ڪو
سچو يا ڪوڙو خواب به ياد نه آيو.
نه ڪو اهو خواب
جنهن ۾ هرڻن جي هڪ ولر کي روڊ تي
تيز رفتار گاڏين کان بچائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي هئي
جنهن ۾ مون کي پٿر جي هڪ پراڻي انڊلٺي پل جي اوٽ تي
ويهڻ جي اجازت نه ملي هئي.
يا وري پو اهو خواب
جنهن ۾ آر جي پراڻي ڦاٽل پڙدي پٺيان
جهيڻي روشنيءَ ۾ توکي ڏسڻ جي اجائي خواهش
اهو ڄاڻندي به
ته تون منهنجي خوابن ۾ به نه ايندي آن.
يا اهڙن ٻين ڪيترن خوابن مان ڪو هڪ به
ياد نه آيو
بي رحم سچ منهنجي شڪي کل يا منهنجي روئڻ جو ڪو لحاظ نه ڪندي،
وري پنهنجو هٿ منهنجي نڙيءَ کان منهنجي آنڊي تائين وجهي
اتي هيري جي ڪَڻي رکي ڇڏي.
هِيري جي ڪڻي تنهنجي ان لڙڪ مان ٺهيل آ
جنهن جي ست رنگي مَس سان تو
هڪ محبت جو گيت لکيو هو
۽ مان سڄي ڄمار ان کي هڪ انقلابي نظم سمجهي،
پڙهندو رهيس.
هِيري جي ڪڻي منهنجي آنڊي ۾ هڪ وڏو
ٽنگ ڪري ڇڏيو آ.
جنهن کي طبعيات جا ماهر اڳتي هلي ”بليڪ هول“ جو نانءُ ڏيندا.
مان جڏهين رت جي الٽي ڪري پنهنجو منهن
مقدس ڪتاب جي نڪور بي داغ اڇي ڇوَ سان اگهيو
ته مون کي تاريخ ڳري ۽ بد شڪلي پٿر سان ٻڌي
وقت جي مئل گهري ڍنڍ ۾ اڇليو
غرق ٿيڻ کان اڳ!!...
مان ڪنهن پاڻ جهڙي کي ڏٺو
جيڪو پنهنجي ڪوڙي وجود جي رفوَءَ کي
لڪائڻ جي ڪوشش ۾
شڪي کل کلندي روئي پيو.
¥¥
هڪ الميو
هي درياهه سڪي ويو آ،
اها هڪ حقيقت آ.
”اسان هن درياهه کي نه سڪڻ ڏينداسين“
اهو هڪ نعرو آ!
”هي درياهه اسان جي شاهه رڳ آ“
اهو ڪنهن حد تائين هڪ روماني ۽ گهڻي ڀاڱي معاشي بيان آ
۽
ڪاما ڪازيز تاريخ ۾ هڪ تحريڪ جو نانءُ هو...
پر هن ڏاڍ جي پير جي کڙي
جا اسان جي نرگهٽ تي رکيل آهي
اسان ان عمل کي اڃا تائين
الائي ڇو ڪو نانءُ نه ڏئي سگهيا آهيون؟
اهو هڪ الميو آ...
بڙ جي ڇانوَ
ڏاڍي تکي اُس جڏهين بڙ جي ڇانوَ کان هارايو هو...
ته اتي ويٺل هڪ بيراڳي،
جنهن وقت جي ڄمڻ کان اڳ ئي ماٺ ڪئي هئي
۽
هڪ مئل ڇوڪري جون پنڊ پهڻ ٿيل اکيون
شاهد ٿيون.
ڇانوَ هوريان هوريان سڄي ڪائنات ۾ ڦهلجندي رهي
۽ ڏاڍي تکي اُس کي جڏهن ساڙڻ لاءِ ڪجهه نه رهيو
ته
ان قدرت جي معتبر عدالت ۾
بڙ جي ٿڌي ڇانوَ تي اجارا داريءَ جي دعويٰ ڪئي
سرڪاري وڪيل تکي اُس جي حق ۾ ڳالهائيندي
معتبر عدالت کي دليل ڏنو ته:
هن گونگي بيراڳيءَ جي شاهدي به گونگي آ
۽ هونءَ به هن
زمين تي بيهي ڪڏهين شينهن جو روبرو شڪار نه ڪيو آ
۽ هن وٽ ڏيکارڻ لاءِ ڪو اهڙو ڪوٽ ڪونهي
جنهن ۾ مئل شينهن جي ننهن جا بٽڻ هجن
۽ هن جي بيان ۾ هڪ اڻکٽ ماٺ آ...
سرڪاري وڪيل جو دليل مڃندي
معتبر عدالت بيراڳيءَ جي بيان کي غير ضروري ۽ نا اهل قرار ڏنو
پوءِ سرڪاري وڪيل
مئل ڇوڪريءَ جي پنڊ پهڻ اکين جي بيان کي
اڌورو ڄاڻائيندي چيو:
اسان جي ماهرن کي مئل ڇوڪريءَ جي پنڊ پهڻ اکين ۾
سوين اڌورا ۽ ڀڳل خواب ته مليا آهن
پر
ڪنهن هڪ به مڪمل خواب
جو ڪو نشان نه مليو آهي
ان ڪري معتبر عدالت کي
گذارش ٿي ڪجي ته
مهرباني ڪري مئل ڇوڪريءَ جي پنڊ پهڻ اکين جي بيان کي اڌوگابرو سمجهندي خارج ڪيو وڃي
عدالت ڇوڪريءَ جي بيان کي وچان ڦاڙي ٻه ٽڪر ڪندي
بڙ جي ٿڌي ڇانوَ کي حڪم ڏنو ته
ڦاٽل بيان جي ٻنهي ٽڪرن مان ڪنهن به هڪڙي سان
پنهنجو موقف بيان ڪري
بڙ جي ڇانوَ خاموشيءَ سان معتبر عدالت ڏانهن نهاريندي رهي!
خاموشيءَ کي ڏوهه جو اقرار ڄاڻائيندي
معتبر عدالت بڙ کي سزا ڏيندي حڪم ڏنو:
” هاڻ تنهنجي ڇانوَ تاحيات تنهنجي ئي هيٺ قيد رهندي!“
¥¥
وِٺيون ڪبوترن جون
وِٺيون ڪبوترن جون
پتل جي مهتشم مجسمي
جي مٿي تي رکيل،
زيتون جي ٽاريءَ جي تاج تان
عظيم سورج جي ڪرڻن کي چمڪڻ نٿيون ڏين
پر ڄميل روح هڪ گمنام سپاهيءَ جو
وقت جي مچندڙ آٽو ڪليو ۾ صدين کان!...
ڪري رهيو آ انتظار جن جو
۽ وقت نٿو ڳاري سگهي ان کي
ڇاڪاڻ ته وقت جي آٽو ڪِليو ۾ ٻين ڪيترن ئي
گمنام سپاهين جا روح بيٺل آهن هڪ اڻ لکي قطار ۾ نجات لاءِ
۽
هر هڪ جي دل ۾ کتل آ
ڪنهن ٻئي گمنام سپاهيءَ جي سنگين
انهن جون زخمي ۽ ڄميل دليون نفرت جي ايذاءَ سبب
سيسراٽجن پيون
معافيءَ جي هڪ لڪيل اجهامندڙ خواهش کنيون
جڏهن ته جبلتن ۽ انائن کي نٿو ساٿي ناس ڪري سگهي
وقت جو آٽو ڪليو.
۽ ان مان تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آ
ٻارڻ تصوف جو-
”ڇا اسان ڪڏهين معاف ڪري سگهنداسين؟“
ڇو ناهي روح گمنام سپاهيءَ جو
هڪ درويش جي روح وانگر جنهن جي قبي جي
لٽيل گنبذ تي ڪبوتر صدين کان لاهن ٿا وٺيون
پر درگاهه چمڪندي ئي رهي ٿي دلين ۾ ڪروڙن جي
۽
ڪڏهين به نٿو ڪرڪي درويش
ڪبوترن تي.
¥¥
بي نانءَ
زندگي واهيات حد تائين، هڪ مختصر ڪهاڻي آ
هيءَ ڪٿان به شروع ٿي ويندي آ
بنا ڪنهن سبب جي.
جيئن!..
اسان سدا موت جي منهن ۾ هئاسين
گهگهه انڌي ۽ ڄاول پاري ۾ اسان مان هڪ هڪ
ڪري سڀني کي بنا اوٽ ڀڄڻو هو!
هڪ واضح شڪست جيان
پنهنجين ڀڳل دلين سان گڏ
جيڪي اسان جي سڪل پاسراٽين پٺيان ڦٿڪن پيون
موت جي ڀئو کان.
ڇاڪاڻ ته امن قائم ڪندڙ فوج جي تو پچين جا
نشانا به قاتل هئا.
هوُ پنهنجي هڪ پوريل ۽ ٻي ليزر تي پٽيل اک سان
هر ڀيري اسان جي ڀڳل دلين کي چُٽين پيا
۽ واري وٽيءَ سان اسان جون دليون ڀانڊارن وانگر زمين تي ڪري ڀڄن پيون.
اسان مان ڪو به بچي نه سگهيو.
پر
مڙئي ڪنهن بهاني سان مرڻ کان اڳ
اسان مان هر هڪ پنهنجين ڀڳل دلين جا
اڌ ڪچا خواب پوپٽن کي ڏئي ڇڏيا
لاش اسان جا اتي پئي پئي پهرين ڍونڍ ۽ پوءِ ڀاڻ ٿي ويا
شايد ان مٽيءَ مان جهنگلي گلَ ڦٽن!
جي پوءِ ٿڌي هيرَ جي سماع تي پنهنجا ڪنڌ وجد ۾ لوڏن
۽ خوابن جا پوپٽَ انهن گلن جا نرڙ چمن.“
هيءَ زندتيءَ جي ايبسرڊ مختصر ڪهاڻي هئي
جيڪا ڪٿي به ختم ٿي ويندي آ
بنا ڪنهن سبب جي.
¥¥
ٻيڙي ڪاڳر جي
پرن هيٺ هو
ان زخمي پکيءَ جي اڏامڻ ۾ ڪا مدد نه ٿي ڪري،
تنهن تي ڇڪ ڌرتيءَ جي!
پر اڏامڻ جي هڪ اڻ لکي خواهش شايد ان کي
دور ڪٿي بيٺل گهري پاڻيءَ جي دُٻي ۾
ٻيڙي ڪاڳر جي تري پئي،
ٻيڙيءَ تي لکيل لفظن جي مس ڊهي پئي.
ٿي سگهي ٿو ڪاڳر تي ڪو اهم مضمون لکيل هجي
جيڪو اسان ڪڏهن نه پڙهيو!...
زخمي پکي اڃا اڏامي پيو.
دور ڪنهن ٻئي پاسي ڪيترائي عوامي اڳواڻ
گڏجي هڪ قرارداد لکن پيا
هڪ خودمختيار قوم تي ڪاهه ڪرڻ جي-
قرارداد ۾ هر ننڍڙي نُڪتي جو خيال رکيو ويو! جيئن
هر پوڙهي وڻ جي ڇانوَ
هر معصوم ٻار جو ٽهڪ
هر ماءُ جي شفيق نظر
۽ خوشبوءَ جي ڦهلاءَ کي
جان جي بازي هڻي حملي کان بچايو وڃي.
قرارداد ۾ ڪيتريون اهڙيون به ڳالهيون لکيل آهن
جيڪي عام ماڻهوءَ جي سمجهڻ لاءِ ناهن.
پکي هاڻ صفا ٿڪجي پيو!
سج لهڻ وارو آ، رات ٿيڻ واري آ
قرارداد مڪمل آ، ڪاهه جي تياري آ-۽
دور ڪٿي هڪ بيٺل گهري پاڻيءَ جي دٻي ۾
ڪاڳر جي ٻيڙي جنهن تي شايد ڪو اهم مضمون لکيل هو
ٻڏڻ واري آ.
اسان ان مضمون کي هاڻ ڪڏهن به نه پڙهي سگهنداسين.

No comments:
Post a Comment