Saturday, May 23, 2009

فرانسيسي ادب جو عالمي ليکڪ

فرانسيسي ادب جو عالمي ليکڪ

منوج ڪمار
2008ع جي سال لاءِ ادب جو نوبل انعام فرانس جي ناول نگار زان ميدي لي ڪلينريو کي ملڻ جو اعلان ٿيو. اعلان سان سڄي دنيا ۾ اِها تلاش شروع ٿي وئي ته همراهه آخر آهي ڪير؟ سچي ڳالهه شروع ٿي وئي ته اهڙي همراهه آخر آهي اِها آهي ته انگريزي ٻولي هڻي گهڻن وڏن اديبن جا ٺانٺا ڦٽائي ڇڏيا آهن. هاڻ جيڪو ليکڪ انگريزيءَ ۾ ڇپيو ڪي ٻه چار ماڻهو ملڪ کان ٻاهر سڃاڻندس، پر جيڪڏهن کيس ڪو چڱو ترجمي نگار يا پبلشر نه مليس ته همراهه رڳو پنهنجي گهٽي تائين محدودو رهجيو وڃي. پاڻ وارن همراهن سان به اُها ئي ويڌن آهي، جنهن سبب ڪافي وڏا وڏا ليکڪ به سڃاڻپ کان رهجي ويا آهن، بهرحال هي همراهه به انگريزي ۾ گهٽ ڇپيو آهي. تنهنڪري اسان واري لڏي وٽ سندس ذڪر مڙئي گهٽ آهي. پر جيڪر همراهه کي ايڏو وڏو اعزاز مليو آهي ته ضرور منجهس ڪجهه مڻيا ته هوندي.
زان ميري لي ڪلينريو جو جنم ٿيو 1940ع ۾، سندس والدين هئا ته فرانس جا، پر همراهه کي ڪافي ٻين ملڪن گهمڻ جو موقعو به مليو، جو سندس پيءُ ڊاڪٽر هو ۽ هو ماريشس به رهيو ته نائيجريا ۾ به- انگريزي ۽ فرينچ ٻوليون سندس سُتي ۾ هيون. هُن ماسٽرس ۽ پوءِ وري ميڪسيڪو جي اوائلي تاريخ تي ڊاڪٽريٽ به ڪئي. هُن بئنڪاڪ، ميڪسيڪو، آمريڪا سوڌو ڪافي ملڪن ۾ پڙهايو به آهي.
سندس پهرين ئي ناول ماڻهن جو ڌيان ڇڪرايو. سندس انهي ناول جي عنوان جو سنڌيءَ ۾ وڃي بيهندو ’جانچ‘ سو 1963ع ۾ ڇپيو. سندس انهي ناول ۾ سارتر ۽ وجوديت جي فلسفي جو انگ ڪافي واضح ملندو. سندس ناول کان پوءِ سندس ٻيا ڪهاڻين جا مجموعا به انهي ساڳئي موضوع تي هئا جنهن ۾ هُن انفرادي ۽ اجتماعي بحران ۾ انساني ڪيفيتن کي ظاهر ڪيو آهي.
سندس اهي مجموعا هئا، ’بخار‘ جيڪو 1965ع ۾ ڇپيو ۽ ’ٻوڏ‘ جيڪو1967ع ۾ ڇپيو. انهيءَ کان پوءِ سندس ٻيا ناول به ڇپيا، پر جنهن ناول کيس مڃتا ڏياري، سو 1980ع ۾ ڇپيل ناول ’صحرا‘آهي، جنهن تي کيس فرينچ اڪيڊمي پاران انعام به مليو هو. اهو ناول اتر آفريڪا جي صحرا ۾ گمشده ثقافت جي باري ۾ آهي.
انهي سموري عرصي دوران سندس مضمونن جا مجموعا به ڇپيا. انهي تي ميڪسيڪو ۽ وچ آمريڪا جي اصلوڪي انڊين تهذيبن
اثر واضح آهي، 1985 ۾ سندس ناول ”منظر نگار“ ڇپيو جيڪو هندي وڏي سمنڊ جي جزيرن تان ميسار جي ويل تهذيبن تي هو. انهيءَ موضوع تي سندس ٻه ٻيا به ناول آهن، جن ۾ تازو 2005 ۾ شايع ٿيل ”راگا“ به شامل آهي جنهن جو موضوع عالمگيريت جي اثر هيٺ ختم ٿيندڙ تهذيبون آهن.
زان ڪليزيو پنهنجي ٻاروتڻ ۽ خاندان جي تاريخ تي مشتمل ” اونيٽشا“ نالي هڪ ڪتاب به لکيو آهي انهيءَ کانسواءِ هُن ٻارن لاءِ ڪتاب لکيا آهن جن مان سندس 1980 ۾ ڇپيل ڪتاب ”لولي“ ڪافي مشهور ٿيو. سندس سڀ کان تازن ڪتابن ۾ فلمن جي تاريخ ۽ سندس فلمن سان وابستگيءَ تي ڪتاب شامل آهي. انهيءَ کانسواءِ سندس 2008 ۾ شايع ٿيل ناول ”بک جي باري ۾ ساڳي ڪهاڻي“ به آهي
سندس ڪتابن ۾ اڪثر روايتي طريقن کان هٽي دنيا کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪيل هوندو آهي. سندس ناول خاص ڳالهه وسيع پسمنظر آهي. سندس ناول دنيا جي مختلف ثقافتن ۽ تهذيبن کي سمجھڻ جي ڪوشش آهن. ”مون کي محسوس ٿيندو آهي ته ڌرتي ڏاڍي وشال آهي ۽ مان رڳو هڪڙو ننڍڙو پرزو آهيان. منهنجون لکڻيون انهيءَ احساس جي اظهار جو ذريعو آهن.“ هن هڪ جڳهه تي لکيو آهي. جڏهن سوئيڊش اڪيڊمي کيس نوبل انعام ڏنو، تڏهن پڻ کيس انسانيت جي کوجنا ڪندڙ سڏيو ويو. سندس فرانسيسي ٻولي ۾ مقبوليت جو اندازو انهي منجهان لڳائي ٿو سگهجي ته 1999 ۾ هڪ فرانسيسي ادبي رسالي جي ڪيل سروي ۾ پڙهندڙن کيس فرانسيسي ٻولي جو موجوده دور جو عظيم ترين ليکڪ قرار ڏنو. يان گستاو لي ڪليزيو هڪ مراڪو جي عورت سان پرڻيل آهي ۽ پنهنجو وقت ميڪسيڪو ۽ فرانس ۾ سندس اباڻي شهر سيس ۾ گذاريندو آهي.

No comments:

Post a Comment