جمعو فقير
ويهين صديءَ جو وتايو!
انعام شيخ
ڏاڙهي مُڇ صفا چٽ، شرارتي اکين ۾ سُرمو ڄڻ ته ڏوئيءَ سان گُديو ويو هجي. موڪري منهن کي سرنهن جي تيل جو تازو مَکُ آيل، ٻانهن تي ڏينڀوڙين جا ساوا نشان نڪتل ۽ ڪُوڙيل مٿي تي کٿڙيل ميرو پٽڪو يا ڪنهن مئل انگريز جي خيرات ۾ مليل ٽوپي پاتل. سياري اونهاري جسم تي پيل نيلامي ڪوٽ، ڪوٽ جي اندران لُئاڙيل گابي چٻاڙيل ”خميس“، تنهن جي هيٺان ڳجهن کيسن واري ڇيٽ جي پراڻي سُراڻي صدري- ۽ صدريءَ جي اندران اڪثر ڪري بافتي واري گنجي پڻ اٽڪيل. هيٺ تي ڪائنچ بدران نيروليءَ جي رڱيل ڪا ميري سيري گوڏ ۽ پيرن ۾ بُولڙو بوٽ يا ڦاٽل ساٽل سليپر جي عمر صفا پوري ٿي وڃي ته پوءِ چتين لڳل ٻه- پٽي چؤنپل هوندي، جنهن جي ٻنهي پٽين کي وٽيل اڳڙيون ويڙهي، چپل کي ڀيڏين ۾ اهڙو ته سُڪ ڪيو ويو هوندو، جو سير سفر ڪندي ان جي لهي وڃڻ يا ڪري پوڻ جو ڀَئه ڀولو باقي نه رهندو. ڀَيڏين کان مٿان اڳٺن ۽ سُٽ جي ٽوڙهن سان ڇڪي ٻڌل پِنيون ته پري کان ئي پڌريون هو نديون. صبح هجي يا سانجهي، ٽاڪ منجهند هجي يا سومهڻي کيس ورلي ڪنهن ماڻهوءَ پراڻي همسفر يعني گڏهه کان جُدا ڏٺو هوندو. ساسي ساهه جي ڍڍريءَ هيٺان لئيءَ جي ڪاٺي آرپار لنگهائي، ان جي ٻنهي ڇيڙن ۾ رسو ٻڌي، موٽر سائيڪل جي Foot rest جيان ٺاهيل ”پيرن رکڻيءَ“ تي کُپ کوڙيل هوندس. ڊگهي ٻاچڪي جو وِچُ ڪوري گگدام جي پٺيءَ تي رکيل، ٻنهي پاسن کان لڙڪندڙ وڏا بُجڪا به صاف صاف نظر ايندا. عُمرو عيار جي زنبيل کان به اونهن انهن بُجڪن منجهه خيرات ۾مليل اڌ ڪنن صوفن ۽ ڪيلن، ڦٿل ناسپاتين، نارنگين، گوشت مارڪيٽ مان گڏ ڪيل ڇيڇڙن، ڦڦڙن ۽ آنڊن کانسواءِ ٻيا مليل بيشمار وکر ئي سانڀيل نه هوندا، بلڪه سير ڪندي لڌل پلاسٽڪ جون ڳوٿريون، ريشمي ڪپڙن جا ٽڪر، ٽِين جا خالي ٽڀا، بجليءَ جا خراب ٿيل بٽڻ ۽ پراڻيون اخبارون به هڪٻئي مٿان سٿيل ڏسڻ ۾ اينديون. گڏهه جي چيلهه کان ٿورڙو هيٺ ڍاڪن جي مٿان ٿڳڙيون نڪتل رلهيءَ تي ڳچيءَ منجهه ڳانا پائي بالم بڻيل، هٿ ۾ وڏي ڏانگ کنيل، ڪلهي ۾ بُجڪي ۽ بجڪيءَ منجهه مانيءَ جا اڌڙ ۽ پارچا کڻي هلندڙ هن معروف فقير کي شهر جا پوڙها پڪا ۽ ٻار ٻچا ته ڇڏيو، لاڙڪاڻي جو هر گهر، گهٽي ۽ گام به پراڻي مائٽ جيان سُڃاڻي!
جمعي فقير جي واقفڪارن ۽ مداحن ۾ نواب اميرعلي لاهوري، ذوالفقار ڀٽي، مسعود مفتي، جنرل ۽ بيگم عتيق، قاضي فضل الله، جسٽس غلام محمد ڪوريجي، ڪريم بخش کهڙي، خانصاحب فقير محمد انڙ، علي گوهر کهڙي کان وٺي پروفيسر اياز قادريءَ تائين اڻ ڳڻيون پڙهيل لکيل ۽ لائق هستيون ئي شامل نه هيون..... هُو ته حسين باگڙياڻين، گوڏر گاڏرن، گراهڪن جي راهن ۾ نيڻ وڇائي ويٺل چَپَ چَٽوُ دڪاندارن، ٽِڻڪ ۽ ٽوڻائي اوستن، سيئو بازار ۾ سَوَن جي تعدا د ۾ ويٺل واندن ۽ ٽوٽي مزدورن، ليٿ مشين جي مصروف مسترين، هوٽلن تي اونگهندڙ آفيمين، ڪورٽ جي احاطي ۾ ويٺل چيڙاڪ اسٽامپ وينڊرن، گاريل ٽانگي وارن، ڪم سان گڏ ڪنڌ ڌوڻ ۾ ورتل ٻيڙي ٻاڌارن، جل ڦٽاڪن اخباري هاڪرن، بڙواتي حجمن، مٿي تي ڦريل ٽوپي، ڪنڌ ۾ رومال ۽ ور ۾ ڪِرپان رکي شهر رلندڙ لُچن لوفرن يا مٿي تي جناح ڪئپ ۽ هٿ ۾ سگريٽن جو پاڪيٽ کڻي هلندڙ ”معزز“ شيٽ ڪلارڪن سميت ڪهڙي ڪهڙي شخص جو دل گهريو دوست نه هئو! ماجسٽريٽ گاڏي روڪي کانئس طبيعت پڇندا، صوبيدار ٽانگو بيهاري پنجين جو نوٽ ڏيندا . زميندار ويندي ويندي ٽهڪ ٽڙو ڪيو ويندا. صفا مرچوس مانڊڙين وارا به جمعي فقير کي بيهاري اڌڙ چانهه جو آڇيندا ۽ گهوڙيا گڏهه تي ويٺي کيس نئين آيل جنس جي وَٽ پيا ڪرائيندا. سندس دل جي دفتر تي به رنگ، مذهب، جنس يا طبقي جو تفاوت تِرَ برابر نه ٿيو هئو! شاهه هُجي يا گدا، سيٺ هجي يا سُڃو، هو سڀ جو خير-گهرو ۽ هر ڪنهن سان ”سائين ميان“ ڪرڻ وارو صاف سٿرو انسان هئو. سچائيءَ کي منهن تي ڦهڪائيندي هُو اهو ڪڏهن به نه ڏسندو ته اڳلو ڪهڙي پدويءَ کي پهتل آهي. ڀٽي ذوالفقار سان سندس لاڏ ۽ لاڳاپا ته لاڙڪاڻي جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو. ڀٽو صاحب اڃا وزير وڙو نه هئو ٿيو، جو فقير سان سندس گهاٽائپ ٿي ويئي. ڀٽو صاحب جڏهن به لاڙڪاڻي ۾ايندو ته هُو کيس خاص دعوت موڪلي ”المرتضيٰ“ ۾ گهرائي ساڻس خوش دليءَ سان حالي احوالي ٿيندو هو. لاڙڪاڻي واسي چون ٿا ته ڀٽو صاحب جڏهن پاڪستان جو صدر بڻجي پهريون ڀيرو اباڻي شهر گهمڻ آيو هو ته جمعي سان مکا ميلو ڪندي، موڪلائڻ مهل سؤ روپين جو نوٽ کيسي ۾ وڌائينس. فقير جڏهن ملڪي ’بادشاهه‘ کان ڇڙا سؤ رپيا خرچي ملندي ڏٺا ته هڪدم چوٽ ڪندي چيائين: ”ڀٽا صاحب، جيڪڏهن مان ڀٽو ۽ تون جمعو هجين ها ته اڄ توکي سونو ڪري ڇڏيان ها.“ جنهن تي ڀٽي صاحب کلندي کيس پنج سؤ رپيا ڏنا ۽ دُعا ڪرڻ لاءِ چيو. فقير موقعو مُناسب ڏسندي ٿڏي تي وراڻيو:”جي انهيءَ بادشاهيءَ کانپوءِ به خوش ناهين ته پوءِ ڀلا اچ ته گڏجي گدا ٿا ڪريون:“ ڀٽي صاحب جي اهڙي ئي هڪ کُليل ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هڪ ڀيري فقير گڏهه تي سوار ٿي ”المرتضيٰ“ پُهتو ته لاڙڪاڻي سان لاڳاپو رکندڙ هڪ بااثر وزير ۽ تڏهوڪي ايس پي پنيل جوڻيجي کيس ڀُٽي صاحب سان ملڻ کان روڪيو. پر فقير به ”محبوب“ جو ديدار ڪرڻ کانسواءِ واپس وڃڻ کان قسم جو کڻي بيٺو هُئو، تيسيتائين اُتان نه چُريو جيستائين مٿس ڀٽي صاحب جي نظر نه پئي. ڀٽي صاحب ڏسندي ئي کيس سڏيو ته هن وزير ۽ ڪوٽوال ڏانهن نهاريندي چيو: ”ڀُٽا صاحب توسان ملڻ لاءِ ته آتا آهيون، پر تُنهنجا ڪُتا به ته ڇڏين نه!“ اهڙيءَ طرح ڀُٽي صاحب سان سندس ملاقات ته ٿي، پر ايس پي لاڙڪاڻي طرفان مليل ڇڙٻ کي هُن پوءِ به نه وساريو! ٻه چار ڏينهن رکي هاسيڪاري پيرين پياد وڃي ايس پي هائوس تي پهتو. اتفاق سان ايس پي صاحب به گشت تي پئي نڪتو، سو جُمعي کي ڏسي چيائين ”جُمعا وري ڪهڙي کوٽ کُٽي ٿئي. ڀُٽي صاحب آڏو بيعزتي ڪرڻ کان پوءِ به هانءُ نه ٺريو اٿئي ڇا؟“ جمعي حسب دستور مُرڪندي وراڻيس: ”ايس پي صاحب، ڀيڻسان ڪالهانڪو گڏهه گُم ٿي وئي آهي. سو ڳولڻ آيس ته ڪٿي اُها ناناڻي (ايس پي هائوس) ته اچي نه نڪتي آهي!“ آڙيڪاپ ايس پي اسٽاف آڏو وڌيڪ بيعزتيءَ کان بچڻ لاءِ هڪدم سَوَ جو نوٽ کڻي جُمعي جي تريءَ تي رکيو، پر فقير ساڻس پراڻو احسان پوريءَ طرح چُڪائڻ کان پوءِ به نه مُڙيو ۽ پئسا وٺي ڪري آسمان ڏانهن منهن ڪري چيائين:”پوليسارو ۽ خرچي! واهه موليٰ واهه!!“
شهيد ڀٽي صاحب سان ايڏيون هُجون ڪندڙ هيءُ انسان سندس موت تي ٻارن وانگر رڙيون ڪري رنو هئو. پنهنجي دوست جي اڻ مندائتي انت تي جمعي ڪا ريل ته ڪا نه ڪيرائي، پر هن وس پڄندي ضياءَ تي جيڪي ڦٽڪارون ڪيون ۽ مٿس نقل نڙا ٺاهيا، سي مرهيات کي قبر ۾ به چُڀندا هوندا.
ڀُٽي صاحب جي دوستيءَ کانسواءِ جُمعي کي سياست سان ڪا خاص دلچسپي ڪو نه هُئي. پر ائين به ڪو نه هُئو ته هُو آسپاس جي ماحول کان اکيون ٻوٽي هلندو هُئو. سَتر جي ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌي مهاجر تضاد عروج تي هئو ۽ سنڌ جا وسيلا ڌارين جي قبضي ۾ هُئا، تڏهن لاڙڪاڻي جي شاهي بزار مان مُهاجرن جي دڪانن آڏو لنگهندي هُن کي اَچي مُستي سُجهي. سو اُتي بيهي جبار ڀائي بوٽن واري کي وڏي آواز سَڏُ ڪندي چوڻ لڳو ته:”جبار ڀائي مهاجر! ڪالهه خواب ٿو ڏسان ته مري ويو آهيان ۽ ملائڪن کنڀي کڻي آسمان تي پهچايو آهي. مون کي ٿا چون ته جُمعا تنهنجا لڇڻ الله کي وڻيا آهن، سو تون هلي بهشت ۾ ويهه. مان عادي بُڻيادي گنهگار سو چوان ٿو ته ٻيلي مان وڏو ڪِنو ڪينئارو آهيان، ڇڏيو ته دوزخ ۾ وڃان. پرملائڪ آهن جو بهشت ڏي پيا گِهلين! ۽ مان آهيان جو پيو دوزخ ۾ وڃڻ لاءِ ليٿڙيون پايان....نيٺ جڏهن ملائڪن ۽ مُنهنجي وچ ۾ هيرا هُدرا وڌي ويا ته هڪڙو ملائڪ جيڪو پهلوان ٿي لڳو، تنهن اچي ڳٿڙ کان جهليو ۽ چيائين: جُمعا عزت ان ۾ ٿئي ته سڌو بهشت ۾ هَلُ، نه ته توکي واپس لاڙڪاڻي ڇڏي اينداسين! سو مان به چئي ڏنومانِ ته ”ڀلي ماري ذريون ذريون ڪيو، پر مون وارو يار جبار دوزخ ۾ پيو مزا وٺي. جاڏي جبار ڀائي ويندو، مان به اوڏانهن ويندس.“ جمعو پنهنجي لوڪ ڏاهپ سان رڳو استحصالي ٽولي تي ائين چٿرون ئي نه ڪندو هُئو، پر متعصب مذهبي جماعتن جي اڳواڻن جي لاک به وڏي طمطراق سان لاهيندو هُئو. لاڙڪاڻي سان لاڳاپيل هڪ مذهبي جماعت جو مشهور رهنما اليڪشن ۾ ورڪ ڪندي رحمت پور محلي ۾ سندس گهر وٽ ووٽ وٺڻ لاءِ پهتو ته جمعي سندس آجيان ڪندي چيو:”مولانا صاحب مان ووٽ تڏهن ڏيندو آهيان، جڏهن ڪو سَکُ ڏيم، گهر واري سُک ٿي ڏئيم، سو ووٽ به ان جي چوڻ تي ڏيندو آهيان، تون اهو ساڳيو سک ڏين ته ووٽ تنهنجو. جي سودو قبول ٿئي ته بسم الله، نه ته تون پنهنجي گهر خوش ته مان پنهنجي گهر...“ مولانا صاحب اهو عزت ڀريو جواب ٻڌُڻ کان پوءِ ووٽ کان ته ڪئي توبهه، پر واٽ ويندي جمعي تي نظر پوڻ سان به ”لاحول ولا قوة“ چئي رستو مٽائي ويندو هُئو.
جمعو عادي بُڻيادي پينانگ نه، پر هڪ پورهيت انسان هئو ۽ قمبر جو ميونسپالٽيءَ جي ٻاهران حجامڪو ڌنڌو ڪري پيٽ پاليندو هو. لاڙڪاڻي ۾ سندس ڪٽنب 1948ع واري ٻوڏ جي خوف کان لڏي اچي ويٺو. هونئن قمبر جي ”ڪُور سليمان“ واري جُوءِ ۾ ”دوست عليءَ جي بنگلي“ وارو ماڳ سندس اباڻو اجهو سڏرائي ٿو. پنهنجي پورهيي سان هن جي پيار ۽ پاٻوهه جا به عجيب قصا آهن! هُو گراهڪ جي سنوارت ڪندي نه رڳو احتياط ۽ نفاست سان سلهاڙيل هوندو، پر ڳالهين، ٽوٽڪن، قصن، تبصرن ۽ حيرتن جا جزيرا به دريافت ڪندو ويندو. هڪ ڀيري قمبر کان لاڙڪاڻي ويندڙ ڪو صفا تڪڙو همراهه وٽس سيرب ڪرائڻ لاءِ اچي ويٺو. همراهه کي هئي جلدي، سو ڪرسيءَ تي ويهڻ شرط ڪاريگر کي سيگهه ۾ هٿ هلائڻ جي هدايت ڪيائين. جمعي کي ته اهڙن اُٻهرين آسامين سان کشٽ ڪرڻ ۾ مزو ايندو هئو! سو هن به جُود ڪري ڏاڙهي پِسائڻ وارو برش ڀرسان وهندڙ ڪني پاڻيءَ واري ناليءَ ۾ ٻوڙي سندس سيرب شروع ڪئي. آيل گراهڪ آپي کان نڪري ويو ۽ کانئس انهيءَ حرڪت جو سبب پڇندي چيائين:”ڪاريگر اکيون نه اٿئي! ڪني پاڻيءَ ۾ برش ٻوڙي ڏاڙهي ٿو ٺاهين!“ جمعي ٺهه پهه وراڻيس:”منهنجا ڀاءُ! تون ڀلا ڪهڙي سُٺي پاڻيءَ مان ٺهيل آهين؟!“ همراهه زور اڳيان زاري ڏسندي اٿيو ۽ وڃي پريان وهندڙ نل منجهان پاڻي ڀري آيو. جمعي وري سنوارت ته شروع ڪئي، پر هڪ طرف پاڪي هلندي هلندي نڀاڳي ڍور وانگي گَههُ ڪري بيهي ٿي رهي ته ٻئي پاسي سندس زبان به هڪ هنڌ بيهڻ کان انڪار پئي ڪيو. نيٺ آيل گراهڪ بيزار ٿي، پئسا اڇلائي اسٽيشن جو رستو ورتو ۽ وڃي لاڙڪاڻي ويندڙ پسئينجر ٽرين ۾ ويٺو. جمعي فقير به نه هَم ڪئي نه تم- اوزار جهوليءَ ۾ وجهي گاڏي ۾ ساڳي همراهه جي اڳيان اچي ويٺو. اڳلي گهڻيون ٻانهون ٻڌيون ۽ آزيون نيازيون ڪيون، پر جمعي جي سؤ ڳالهين تي هڪڙي ڳالهه. چي:”پئسا ورتا اٿم ته ڪم ضرور پورو ڪندس.“ نيٺ هلندڙ گاڏيءَ ۾ ويٺل مسافر ’ڏاڙهي ڪوڙڻ‘ جو اهو منفرد منظر ڏسندا ۽کلندا رهيا، پر جمعي همراهه جي سيرب ٺاهي سندس جان ڇڏي!
لاڙڪاڻي واسي حجامڪي ڌنڌي جي ڪري جمعي فقير کي ذات جو منگي سمجهندا آهن، پر سندس گهر واري لال خاتون انهيءَ ڳالهه جي ترديد ڪندي فقير جو پورو نالو محمد جمن ولد عبدالله ۽ ذات جو سومرو ٻڌائي ٿي. اهڙي ئي دعويٰ سندس پٽ علي گوهر ۽ پڙهيل ڳڙهيل پنجن بيروزگار پوٽن ۽ ڏوهٽن جي پڻ آهي. رحمت پور محلي جي آئل ڊپوءَ جي ڀرسان جهريل جاءِ ۾ رهندڙ جمعي فقير جي پوئين گهرواري 80 سالا مائي لال جو چوڻ آهي ته جمن تي فقيري رنگ ڪئين ڏهاڪا اڳ ڀٽائيءَ جي ميلي تان واپسيءَ کان پوءِ چڙهيو. پراڻا ڏينهن ساريندي هوءَ چوي ٿي: ميلي تان موٽڻ کان پوءِ جمن ساڳيو محمد جمن سومرو نه پر ”جمعو فقير“ بڻجي ويو ۽ دنيا جا ڪم ڪاريون ڇڏي، سئر سفر لاءِ نڪري ويو. سندس فقيري ويس ڏسي، جڏهن ماڻهو منجهانئس ڌپ اچڻ جي شڪايت ڪندا هئا ته هو ڏکارو ٿي مون کان اچي پڇندو هئو ته:”لال! توکي مون منجهان بوءِ اچي ٿي؟“ مان چوندي هئي مانس ته مون کي ته خوشبوءِ ٿي اچي... اهو ٻڌي جمعو گدگد ٿيندي چوندو هئو:”توکي وڻان ٿو ته گنج ٿيو، ماڻهن جو خير آ! ماڻهن ۽ کوهن جا وات ڪٿي بند ٿيڻا آهن!!“ شايد عام کان ملندڙ اهي ايذاءَ ۽ اهنج ئي هئا جن کيس ”بيوفا ڀِرا ڪَنون ڪُتا يار ڪَريجي“ واري سبق سکڻ لاءِ اُتساهيو. هن اکين ۾ آڱريون ٽنبيدڙ اسان جي روڳي سماج ۾ عظمت جي کل پائي هلندڙ ٻهروپي انسان جي قريب ٿيڻ بجاءِ پنهنجي مرشد جي هدايت تي عمل ڪندي سندس لفظن:
جاڳايس جنبور، ڪتي قريبن جي
بَهي ڀونڪي اُٿيو، گهڏي منجهان گُهور
سڀ لاهيندو سور، گري هن غريب جا.
ورنائيندي، ڪتن سان وڃي ياري رکي- پوءِ سڀني ڏٺو ته شهر جي بي رحم ماڻهن جا ستايل سمورا ڪتا پنهنجي اڪيلي هَمدرد جمعي فقير جي چوڌاري ڪٺا ٿي ويندا هئا.
جمعو فقير سنڌ جي ساهدار دشمن سماج ۾ بيشڪ پٿرن کاڌل، ٽنگن چٿيل، بکايل ۽ ستايل ڪتن جو اڪيلو وارث ۽ ابو هئو. جيڪڏهن کيس سنڌ جو ”ابو الڪلب“ (ڪتن جو بابو) سڏجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هو لاڙڪاڻي جي ڪاساين جون ڇڙٻون سهندي ۽ ماڻهن جون اڇلايل نفرتون ميڙيندي، ڪتن لاءِ ڇيڇڙا، هڏا ۽ مانيءَ جا ٽڪر گڏ ڪندي، کين درجنن جي تعداد ۾ پاڻ سان سلهاڙيو هلندو هئو. هو يوناني حڪيم پئٿا غورث وانگر جانورن سان ڳالهائڻ جي دعويٰ ڪندي چوندو هئو:”ماڻهو ڪتن کي اجايو ٿا مارين، ڪتا ته دعائون ڏيندا آهن، مان روزانو سندن دعائون ٻڌندو آهيان.“ ڪنهن مون جهڙي نادان هڪ ڏينهن پڇيس:”فقير ايترا ڪتا ڇو ڌاريا اٿئي؟“ جمعي وراڻيو:”اڄوڪي ماڻهوءَ کان ڪتو چڱو آهي، کيس گهر وٺي وڃبو ته بسڙي ڪيو پيو ڏسندو. پر جي ماڻهوءَ کي وٺي وڃبو ته گهر جو ڇا حشر ٿيندو؟ اهو پاڻ سمجهي سگهين ٿو.“ اڄ هن جهان ۾ جمعو فقير موجود ڪونهي ۽ نه ئي سندس وفادار ڪتن جي پرگهور لهڻ واري ڪا پهر نظر ٿي اچي.
ائين به ڪونهي ته جمعو فقير مردم بيزار راڪش هئو. حقيقت هيءَ آهي ته هن جهڙو انسان دوست، سيڪيولر ۽ سونهن پرست شخص شايد ئي لاڙڪاڻي جي رستن ڪو ٻيو ڏٺو هجي! هن توا ۽ پادر ڳچيءَ ۾ پائي يا تلڪ هڻي ۽ ڌوتيون ٻڌي تماشا وجهڻ بجاءِ سماج سان پنهنجو سنٻڌ سادگيءَ سان سگهارو ڪيو ۽ هڪ سچي صوفيءَ وانگر انسانيت کي عظيم ترين مذهب جو درجو ڏيئي ڇڏيو. ڪٿڪ ناچ واري گرو مهراج غلام حسين جو هم شڪل جمعو فقير جيڏانهن به ويندو هو، مختلف مذهبن ۽ فرقن جا ماڻهو سندس چوڌاري معتقدن جيان مڙي ويندا هئا، هو به پيار ۽ پاٻوهه سڀني سان ورڇيندو ۽ ونڊيندو هو. هڪڙي ڏينهن ڪنهن پُڇيس”فقير! پُٽ ڇا ڪندا اٿئي؟“ چيائين: ”ٻيا سڀ ڪم ڪار سان آهن، پر هڪڙو اڻ سُڌريل نڪمو ٿي پيو اٿم“. اڳلي چيس:”فقير نيٺ ڪو ڪم ته ڪندو هوندو؟“ وراڻيائينس ”ڪو ڪم نه ڪري سڄو ڏينهن مسيت ۾ پيو هوندو آهي. ٻُڌاءِ ته اهو ڪو سُڌريل ٿيو؟!“ جمعو نالو ته ڌڻيءَ جو پيو وٺندو هُئو، پر ثابت سجدو فقط سونهن کي ڪندو هئو. شٽل ڪاڪ برقعن ۾ بند هئڻ ڪري عورتن جي جهلڪ ته ڇهين ٻارهين مهيني نصيب ٿيندي هوندس، پر جتي به ڪو خوبرو ڏسندو، اتي پنڊ پهڻ ٿي ويندو. تيسيتائين وک اڳتي نه وجهندو جيسيتائين سندس ديدار پورو نه ٿئي، ساڻس هٿ نه ملائي يا ڳالهه ٻولهه نه ڪري يا گهٽ ۾ گهٽ ٿڌو ساهُه ڀريندي چئي سگهي:”صدقو وڃانءِ، هيڏي به هڪ نظر وِڌيون وَڃُ.“ اسان جو دوست ڊاڪٽر حميد گل شيخ اڄ پنجاهه جي پيٽي ۾ به لاڙڪاڻي جي حسين ترين مردن منجهه ڳڻجي ٿو. جهڙي سندس صورت سهڻي آهي، تهڙو قدرت کيس خلق جي خدمت جو درد بخشيو آهي. ويهن ورهين جي ڦوهه جوانيءَ ۾ جڏهن حميد گل ايندي ويندي کان آهون ڀرائيندو هو، تڏهن شاهي بزار جي مُهڙ ۾ سندس والد صاحب جي دڪان تي ويٺي مٿس جمعي فقير جي نظر پئجي ويئي....سمجهو ٿا ته ڇا منظر هوندو! جمعو نه فقط ”زمين جُنبد نه جنبد گل محمد“ جي مصداق ”گل محمد“ بڻجي رهيو هو، بلڪه ڇوڪر جي والد گل محمد شيخ جو به لحاظ ڇڏي ڏنائين. نيٺ شيخ کلي پڇيو:”جمعا، ڇوڪري ۾ ڀلا ڇا ڏٺو اٿئي؟“ جمعي ٿڌو ساهه ڀريندي وراڻيو:”ادا شيخ صاحب، ڏسان ٿو ته قدرت واري هن ڇوڪر کي ڪيئن پاڻ ويهي ٺاهيو آهي.... رنگيءَ جا رنگ آهن، منهنجي ڪهڙي مجال! مان، ڇا ٿو ڪيانس؟ مان ته ڇوڪر کي ڏسي سندس ٺاهڻ واري کي ٿو ويچاريان.“
اسان منجهان اڪثريت پنهنجي اکين سان وتايي کي نه ڏٺو، پر منهنجي دوست عنايت ميمڻ جي اها دعويٰ سؤ سيڪڙو سچ آهي ته جمعي جو ديدار ٿيڻ کانپوءِ وتايي جي درشن جي طلب باقي نه ٿي رهي. جمعي فقير زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن شيءَ تي بانور نه ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن وَٿ کي بقادار سمجهيو.”هينئن به سڄڻ وهوا ته هُونئن به سڄڻ واهوا“ واري ڳالهه کي ڳَرِ لائيندڙ جمعي ڪنهن سان نفرت نه رکي، نه ئي ڪا دشمني کنئي. کيس ناپسند فقط جنرل ضياءُ هئو، جيڪو بقول سندس ”معشوق جو قاتل“ هو. انهيءَ ناپسنديءَ کي ڀوڳيندي هو به ڄڻ ته قدرتي انصاف جي انتظار ۾ اسٽيشن تي اوڪڙو ويٺل مسافر پئي لڳو.... جيئن ئي جنرل هوا ۾ ڦلهيار بڻجي وکريو، تيئن ئي فقير پنهنجا پراڻ پرينءَ جي حوالي ڪري ڇڏيا ۽ 20 آگسٽ 1988ع تي لاڙڪاڻي جي ساهه نهوڙيندڙ گرميءَ ۾ زندگيءَ جون 80 خزائون گهاريندي، فقير سائين ابوبڪر مقام ۾ وڃي سکيو ٿي ستو. ...لوڪ کي سياستدانن، اميرن ڪبيرن ۽ وڏيرن جي سنگت تي ناز هوندو آهي، پر لاڙڪاڻي جا اهڙا بيشمار انسان آهن، جيڪي جمعي سان گهاريل گهڙيون ياد ڪري، ٿڌو ساهه ڀري سوچيندا آهن:
يڪ زمانا صحبتي با اوليا
بهتر از صد سال طاعت بي ريا.
(فقيرن سان گهاريل ڪي گهڙيون، سوين سالن جي اخلاص ڀريل عبادت کان مٿڀريون هونديون آهن.).
No comments:
Post a Comment