Saturday, May 23, 2009

وساريل وجود

وساريل وجود
مشهور بينجي نواز
رحمت الله خاصخيليءَ سان گفتگو
محمود مغل

آتم ڪٿائن ۽ حياتين تي ڪم ڪرڻ منهنجي شديد خواهش رهي آهي... ڪجهه ڏينهن اڳ اسحاق کي فون تي عرض ڪيم ته راجا مهدي علي خان يا مجروح سلطان پوريءَ تي آرٽيڪل مڪمل ڪري رهيو آهيان. هندي فلمي جڳت جا اهي ٻئي ڪمال نالا اسان وٽ به پُهتل ته آهن، پر سندن حياتيءَ جو احوال ڪجهه ايڏو گهڻو پهتل ناهي. مجروح جون سٽون بس ذهن ۾ وڳيون پئي ته ٻن پهرن جو سائين نصير مرزا سان ملاقات ٿي وئي. اهو لائق تعريف عمل آهي جو سائينءَ بحيثيت اسٽيشن ڊائريڪٽر، اچڻ ساڻ ئي ڪيترا قدم کنيا آهن، جن مان هڪڙو فنڪارن ۽ صداڪارن کي ”مانُ“ ڏيڻ به آهي، پر اهم ڳالهه اها به آهي ته ”وساريل وجودن“ کي وري ياد ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي... ”رتيءَ جي رهاڻ“ پنجاهه منٽن جو هڪ انٽرويوءَ جو پروگرام آهي، جيڪو هر اڱاري تي رات جو نوَ لڳي ڏهه منٽن تي پيش ڪيو ويندو آهي. ميزبان استادِ محترم پاڻ هوندو آهي ۽ ڪمال ڪمال وجود شرڪت ڪن ٿا. جنهن مهل مون ملاقات ڪئي پئي ته پاڻ هڪڙو انٽرويو، ٽئپ تان ڪئسٽ تي منتقل ڪيائون پئي ۽ ڪجهه لمحن ۾ اهو سڀ ٻُڌي منهنجا ته وڻ وڄي ويا... يا الله... اسين ٻين کي الاءِ ڇا سمجهندا آهيون... پر هتي اسان جا پنهنجا ماڻهو گهٽ آهن ڇا؟ حيرت انگيز ڳالهه ناهي ته اسان جي ٽنڊي جان محمد جو ”رحمت الله خاصخيلي“ بينجي کي ڀاڪر ۾ ڀري، لاهور جي فلم انڊسٽريءَ جي موسيقارن کي مَحو ٿو ڪري؟... الاءِ ڪيترين فلمن جي موسيقيءَ ۾ سندس حصو به شامل آهي..! سندس ڳالهه ٻولهه جو هڪڙو ننڍڙو حصو ٻڌي ئي روح کي الاءِ ڇاٿي ويو. بس ان گهڙي ئي دل چيو ته اها سڄي ”ڪٿا ڪچهري“ ڪاغذن تي لهي ۽ اوهان تائين پهچي.
نصير صاحب جي مهرباني جو هن ٽئپ عنايت ڪئي، اسحاق جو ڪرم جو هن ڇپڻ قبولي... ۽ اوهان جي به مهرباني ٿيندي جيڪڏهن اوهان به هن فنڪار جي قدرداني ڪندي، رڳو سندس فن کي قبول ڪيو...
رحمت الله... جڙيو هجين... سکيو سلامت هجن... تنهنجي ڳالهه ٻولهه کي ڪاغذن تي منتقل ڪندي، ڪجهه ڪلاڪن جي خدمت ارپيان ٿو... دل چوي ٿي، تو لاءِ مجروح جون ئي سٽون ارپجن...

وه تو ڪهيڻ ھَي اور مگر دل ڪي آس پاس
پھرتي هي ڪوئي شئي، نگاه يار ڪي طرح
مجروح لکهه رهي هين در اهل وفا ڪا نام
هم ڀي کهڙي هوئي هين، گنھگار ڪي طرح.

(سائن ٽِيوُن اَپ ٿئي ٿي ۽ آهستي آهستي جهيڻي ٿئي ٿي. نصير مرزا جو آواز بلند ٿئي ٿو)
نصير مرزا: اسلام عليڪم، پروگرام آهي رتيءَ جي رهاڻ. اسان پنهنجي هن مقبول پروگرام ۾ نه فقط ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان وابسته معروف شخصيتن سان توهان کي متعارف ڪرائيندا آهيون، پر سنڌي ادب، موسيقي، ثقافت ۽ تاريخ سان لاڳاپيل اهم شخصيتن جي گفتگو به اسين هن پروگرام ۾ اوهان تائين پهچائيندا آهيون. ريڊيو پاڪستان جنهن ستين آگسٽ 1955ع کان هن سفر ۾ پنهنجي هئڻ جو اعلان ڪيو، ان ۾ ڪيتريون ئي اهم شخصيتون آهن، جن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ پاڻ ملهايو ۽ سنڌي علم، ادب، فن ۽ موسيقيءَ جي خدمت ڪئي. ريڊيو پاڪستان اهو خوشنصيب ادارو جنهن عظيم انسان، عظيم فنڪار، عظيم صداڪار ۽ عظيم آرٽسٽ پيدا ڪيا. بلاول بيلجم جو نالو به انهن ۾ سر فهرست... بلاول، جنهن بينجي جهڙي ساز کي وڄائي، پنهنجو نالو دنياءِ موسيقيءَ ۾ روشن ڪيو. کانئس پوءِ سندس شاگرد پيدا ٿيا... اهڙن ئي سندس لائق ۽ نهايت معروف شاگردن مان هڪ اسان جو مهمان... رحمت الله!
(ٽيون اپ ٿئي ٿي).
نصير مرزا: رحمت الله، اسين اوهان کي پنهنجي پروگرام ۾ ڀليڪار چئون ٿا.
رحمت الله: سائين مهرباني.
نصير مرزا: رحمت الله... هونئن ته اسين به ڄاڻون ٿا ۽ اسان جا خاص طور ريڊيو پاڪستان سان وابسته به ڄاڻن ٿا ته توهان بحيثيت بينجو نواز جي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان اسٽاف آرٽسٽ طور متعارف ٿيا، پر اسين چاهينداسين ته توهان اسان کي ٻڌايو ته اوهين سنڌ جي ڪهڙي علائقي جا آهيو.
رحمت الله: سائين سنڌ جو ٿرپارڪر ضلعو... ۽ تعلقو ان ٽائيم تي ڊگهڙي هو ۽ ٽنڊو جان محمد منهنجي رهائش... منهنجو شهر آهي... اتي آئون رهان ٿو...
نصير مرزا: اوهان جي بنيادي سڃاڻپ هڪڙي بينجي نواز واري آهي. اهو ٻڌايو ته اوهان بلاول بيلجئم جا شاگرد ڪيئن ٿيا؟
رحمت الله: سائين... بس شوق هو... استاد بلاول بيلجئم ميرپورخاص ۾ رهندو هو... اصل ڳوٺ اهو ئي آهي اهو اسانجي ويجهو آهي... اتي استاد سان ملياسين، انهيءَ کانپوءِ استاد مڙئي مون کي پنهنجو ڪجهه فن سيکاريو... بينجو سيکاريو... آئون استاد بلاول سان ڪجهه وقت اتي رهيس گڏ... هن جي گهر جو ڪم ڪار ڪندو هوس. تقريباً ڪو ڏهن ٻارهن سالن جو هئس... پوءِ ڪجهه وقت استاد وٽ سکيس... ان کان پوءِ وري استاد ويا هليا ڪراچي پوءِ وري هتي حيدرآباد ۾ به استاد گهر ورتو... اتي مان پڄي ڪو نه سگهيس ايترو... پوءِ وري ڳوٺ ۾ هيس... ان کان پوءِ وري ڪن ٻين فنڪارن سان سکندو به رهيس، سنگت به ڪندو رهيس... ائين آهستي آهستي پوءِ ريڊيو جي هن دنيا ۾ به آيس.
نصير مرزا: توهان وٽ جيڪو هي فن آهي اهو ڪجهه خاندان وٽان به ورثي ۾ مليو هو؟
رحمت الله: نه سائين... منهنجو مامو هيو... آئون... تنهن وقت چئن پنجن سالن جو هوس ته وفات ڪري ويو... پوءِ مون کي شوق هيو، پوءِ استادن جي سکيا ڪٿي ڪٿي ملي... پهرين جيڪو منهنجو استاد آهي... اهو به استاد بلاول جو شاگرد هيو... استاد شاهه محمد... پيتي وڄائيندو آهي. اسان جي شهر سان ئي گڏ هن جو ڳوٺ آهي، اتي به آئون ويندو هوس... ۽ ان زماني ۾ ڪجهه آواز به منهنجا صحيح هئا... ڪجهه ڳائڻ جو به شوق هو... پوءِ آهستي آهستي آواز منهنجو ساٿ نه ڏنو... ڪجهه موسيقي سيکاري استاد مون کي... ان کان پوءِ ڇاڪاڻ ته هو استاد بلاول جو شاگرد هيو... پوءِ استاد بلاول سان ملاقات ٿي، پوءِ استاد بلاول چيو ته هن کي ڇڏي وڃ مون وٽ... هي منهنجو ٻچو آهي... مان هن کي بينجو سيکاريندس. استاد بلاول کانپوءِ تعليم ورتيسين.
نصير مرزا: ان وقت توهان جي عمر ڪيتري هئي؟ گهڻي ڄمار هئي، جڏهن توهان استاد بلاول کان تربيت ورتي!
رحمت الله: ٻارنهن تيرنهن سالن جو هوس.
نصير مرزا: ڀلا ٽنڊي جان محمد سان اوهان جو تعلق آهي ته اتي جي مير صاحبن سان اوهان جو ڪو رابطو... ڪو واسطو رهيو؟
رحمت الله: مير خدا بخش ٽالپر... جنهن جو شهر آهي اهو... حاجي خدا بخش ٽالپر ايم پي اي هو، ان سان واسطو هيو... بس ان جي به معنيٰ حاضري ڀريندا هئاسين... مون کي پاڻ وٽ رکندو هو ڪم ڪار لاءِ... تڏهن سنڌ اسيمبلي لڳندي هئي لاهور ۾، ته هو ميمبر هئا ته انهن سان گڏجي ويندو هوس... اتي... لاهور ۾.
نصير مرزا: لاهور جيڪو ان وقت تي ۽ هاڻي به فلمي دنيا جو هڪ وڏو ڳڙهه آهي.
رحمت الله: جي...
نصير مرزا: پوءِ اتي توهان جو فلمي موسيقارن سان ڪو واسطو... رابطو رهيو؟
رحمت الله: جي... سمن آباد ۾ بنگلو هو مير صاحب جو... مسواڙ تي ورتو هيو... اسين گڏ هوندا هئاسين... اتي ئي تنوير نقوي شاعر... انهيءَ سان اڳي ئي رابطو منهنجو هيو. اهي رئيس ڪريم بخش ماتليءَ واري وٽ اڳي ئي ايندا هئا... پوءِ اتي ملاقات ٿي.. اهو شاعر هو... پوءِ هن وٽ جيڪي به موسيقار ايندا هئا، گانا کڻي ايندا هئا... وٺي ويندا هئا هُن کي طرز لاءِ ته، پوءِ منهنجي شفارت (سفارش) ڪندو هو، چوندو هو ته هي اسان جو پنهنجو ڇوڪرو آهي، هن کي گاني ۾ کڻو.
نصير مرزا: ها... سنڌ مان آيو آهي...
رحمت الله: سنڌ مان آيو آهي... پوءِ ڪنهن موسيقار جا هڪ ئي فلم ۾ اَٺ اَٺ، نَو نَو گانا هوندا هئا ته هڪڙي ٻن گانن ۾ مون کي به رکندا هئا.
نصير مرزا: هونهن...
رحمت الله: ائين ڪافي موسيقارن جا مون گانا وڄايا.
نصير مرزا: اهو فلم اسٽوڊيو ڪٿي ۽ ڪهڙو؟
رحمت الله: اهي اتي مختلف آهن. مسئلن شاهه نور اسٽوڊيو ۾ رڪارڊنگ ٿئي ٿي... باري ۾ به آهي... ايورنيو ۾ به آهي... ٻيو هڪڙو اسٽوڊيو آهي اڇري ڏانهن...، پر زياده تر اهي گڏ جيڪي اسٽوڊيوز آهن... شاهه نور، باري... ايورنيو... اتي رڪارڊنگ ٿيندي هئي.
نصير مرزا: ان وقت اوهان جي ڄمار ڪيتري هئي، جڏهن توهان لاهور ويا هُئيو ۽ سن ڪهڙو هو؟
رحمت الله: اهو... تقريباً... ڄمار ته منهنجي پندرنهن، سورنهن سالن جي هئي... ۽ سن جيڪو آهي سو چوهٺ... اوڻيهه سئو...
نصير مرزا: پهريون موسيقار ڪهڙو مليو جنهن توهان کي...
رحمت الله: (ڳالهه ڪٽي ٿو) ماسٽر عنايت حسين...
نصير مرزا: ماسٽر عنايت حسين... سبحان الله...
رحمت الله: اتان ابتدا ٿي منهنجي.
نصير مرزا: ڪهڙو گانو ۽ ڪنهن جو آواز هو... جو توهان کي شامل ڪيائين؟
رحمت الله: اهو... عالم لوهار جو هڪ گانو هو... ڪِدي مَنئي تي ڪي نان مَنئي... پنجابي... اها به تنوير نقويءَ جي شاعري هئي... ماسٽر عنايت حسين کي چيائون ته هن کي گاني ۾ رکو ته آسان ٿي ويو. ٽي ڏينهن ريهرسلون ٿينديون هيون... پوءِ مون کي گانو ياد ٿي ويندو هيو. نئون نئون منهنجو ذهن هيو... ٻه ٽي گانا وڄاياسين، پوءِ بس روانگي دوراني ٿي وئي... اتي... تقريباً پنجاهه سٺ گانا مون وڄايا آهن ۽ ڪافي موسيقارن جا گانا وڄايا آهن...
نصير مرزا: ڪهڙا ڪهڙا... ڪافي معنيٰ ڪير ڪير؟
رحمت الله: نثار بزمي... اي حميد ۽ مصلح الدين... سليم اقبال... منظور اشرف... ايم اشرف جيڪو هينئر آهي... منظور اشرف ۽ ٻئي اهي سؤٽ هئا پاڻ ۾... پوءِ ٽٽي ويا... پوءِ ٿيو ايم اشرف...
نصير مرزا: هونهن
رحمت الله: انهيءَ جا گانا وڄاياسين... بابا چشتيءَ جا ڪافي گانا مون وڄايا... خليل احمد جا...
نصير مرزا: پوءِ هاڻي جيڪو پهريون گانو اوهانجو ٻُڌجي... جنهن ۾ توهان انهن موسيقارن سان گڏ جيڪو بينجو وڄايو... يا ڪو ننڍڙو پيس... يا بار پيس... هنن رکيو... ته انهيءَ چونڊن مان ڪو اهڙو گانو... جيڪو اوهان ٻڌڻ چاهيو ته اسين توهان کي ٻڌرايون.
رحمت الله: ها... انهن ۾ مصلح الدين جي هڪ موسيقي آهي... ’جوش‘ فلم ۾. ان ۾ هڪڙو گانو وڄايو آهي مون... رُشدي... احمد رُشديءَ جي آواز ۾ ”تجهه ڪو ڀي بنايا الله نَي“.
نصير مرزا: ان فلم جا هيرو ڪير هئا، جنهن ان گاني تي لپسنگ ڪئي هئي؟
رحمت الله: هاڻي اهو... مون فلم ڪونه ڏٺي... باقي هاڻي مون کي ياد ڪونهي. ٿي سگهي ٿو محمد علي هجي... پر اها پڪ ناهي.
نصير مرزا: وحيد مراد... سُڌير... ۽ فلم جوش ۾ اهي سڀ اداڪار...
رحمت الله: ها... اِهي اِهي... هي فلم منهنجي ڏٺل ڪونهي... بهرحال جنهن مهل اهو گانو ٿئي ٿو ته هنن چيو ته ڀئي اهو فلم جوش جو گانو آهي.
نصير مرزا: ڀلا اهو ٿورو ٻڌايو ته احمد رشدي ڪيئن هو... ۽ ان جو موسيقار ڪيئن هو؟ ان سڄي دؤر کي ياد ڪيو.
رحمت الله: سائين مصلح الدين جيڪو آهي... سو هڪڙو پڙهيل لکيل ماڻهو هو. سٺي فيمليءَ جو هو ۽ جيڪو احمد رشدي هيو... سو ان وقت ۾ تمام پاپولر هيو سنگر...
نصير مرزا: هونهن.
رحمت الله: ۽ پوءِ بس اسان کي گانو ملي ويو... تنوير نقويءَ سان هنن جو رابطو هوندو هو.
نصير مرزا: اهو لاهور جي ڪهڙي اسٽوڊيو ۾ گانو رڪارڊ ٿيو؟
رحمت الله: هي ٿيو ايورنيو ۾...
نصير مرزا: ڀلا جيڪو توهان کي پيس ٻڌايائون توهان آسانيءَ سان وڄايو يا موسيقار دڙڪا ڏنا.
رحمت الله: نه سائين.
نصير مرزا: اڇا
رحمت الله: پهرين مون کي ياد ڪرايائون... ڪافي ٽَيم هنن کي لڳو ياد ڪرائڻ ۾... ڇو جو آئون نئون نئون هوس... بهرحال ٻئي ڏينهن آئون ان کي ڪليئر ڪري ويس، ڇو جو ٽئين ڏينهن اهو فائنل هو... پوءِ اسٽوڊيو ۾ رڪارڊنگ ٿي هئي.
نصير مرزا: ڀلا احمد رشدي آسانيءَ سان ان کي ڳائي ويو؟
رحمت الله: تمام سهڻي نموني سان ان کي ڳائي ويو.
نصير مرزا: ان سان توهان جي ڪا دعا سلام ٿي؟
رحمت الله: دعا سلام ٿي، جڏهن گانو ان سان وڄايوسين... پوءِ وچ ۾ وقفه ٿيا جيڪي چانهن جا... انهن ۾ ملاقات ٿي... بلڪل.
نصير مرزا: ته پوءِ اچو ته انهيءَ ياد سان فلم جوش جو هي گانو ٻڌون جنهن ۾ اسان جي رحمت الله، جنهن جو سنڌ سان تعلق آهي ۽ جيڪو بينجي نواز آهي... هن نغمي ۾ اوهان جيڪڏهن ڌيان سان ٻڌندؤ ته ڪيترين ئي جاين تي اوهان کي بينجي جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو... اهو بينجو اسان جي رحمت الله وڄايو آهي.
(گيت... رحمت الله جي بينجي جي سُرن سان بلند ٿئي ٿو... احمد رُشدي ڳائي ٿو... تج ڪو ڀي بنايا الله ني... مجهه ڪو ڀي بنايا الله ني... تُجهي حسن ديا مُجهي عشق ديا... سب کيل رچايا الله ني... گيت مڪمل ٿيڻ کان پوءِ فَيڊ آئوٽ ٿئي ٿو).
نصير مرزا: رحمت الله انهن اسٽوڊيوز ۾ ڪڏهن، ملڪه ترنم نور جهان سان اوهانجو ڪڏهن ڪو رابطو... ڪو واسطو پيو؟.
رحمت الله: جي ها... سائين ٿيو... ۽ ان جو گانو به هڪ مون وڄايو پنجابي... فلم جو... پر ڇاهي جو اها فلم رليز ڪو نه ٿي.
نصير مرزا: ڪهڙو هو اهو؟
رحمت الله: گاني جا ٻول هئا ”ٽُر گيا ماهي تي روڻا پَلي پاگيا.“
نصير مرزا: منهنجو خيال آهي ته اها طرز به ٿي وڃي.
رحمت الله: (کِلي ٿو) سائين هاڻي آواز ته اهڙو ڪونهي...
نصير مرزا: پوءِ جهڙو ڀي آهي.
رحمت الله: (ڳائي ٿو...) ٽُرڳيا ماهي تي روڻا پَلي پاڳيا.
دور جاڻي واليا، ڪٿي دل لا ليا.
(کلي ٿو)
نصير مرزا: موسيقار ڪير هو ان گاني جو؟
رحمت الله: اهو هو سليم.
نصير مرزا: سليم اقبال صاحب.
رحمت الله: جي ها... بس پوءِ ڇاهي جو هيءَ فلم... بس پوءِ رليز ڪو نه ٿي اها.
نصير مرزا: نور جهان صاحبه سان ڪو رابطو... ڪو واقعو... جيڪو اوهان ٻڌائڻ گهرو...
رحمت الله: جي ها... ريهرسل ٿيندي هئي... ايڇ ايم وائي ڪمپني هئي هڪڙي... اهو جدا آهي... فلمن کان علاوه هڪڙو ادارو آهي... پوءِ اتان آئون اٿي ويندو هوس... جڏهن منهنجو ڪم ڀي نه هوندو هو نه... پوءِ ڏسندو هوس ته ڪهڙا موسيقار آهن... ڪنهن جو اڄ گانو پيو ٿئي... پوءِ هڪ ڏينهن اتي ويس ته ميڊم نور جهان آيل هئي...
نصير مرزا: هونهن
رحمت الله: پوءِ مون کي شوق ٿيو ته ڏسان... پهريون دفعو ڏسان ته هيءَ ڪيئن ٿي گانو ڳائي ۽ ڪيئن ٿا وڄائين اهي سازندا... موسيقي، موسيقار کيس ڪيئن ٿو ٻڌائي! اڃا شروع ڪو نه ڪيو هئائون ميوزڪ... ويٺا هئا ته ٻه ٽي ميوزيشن اهڙا هئا جن سان ٻه ٽي فلمن ۾ اڳ مون گانو وڄايو هو... انهن... هن کي چيو... موسيقار کي... ته هي سنڌي آهي، بينجو سٺو ٿو وڄائي... هن چيو ته ٺيڪ آهي... پوءِ ڏسون ٿا هن کي... هُو سڀ ويٺا هئا ته ميڊم نور جهان اها گفتگو اسان جي ٻُڌي ڪو نه.
نصير مرزا: هونهن
رحمت الله: مطلب پاڻ ۾ ئي اها ڊسڪس ٿي ته ميڊم نور جهان چيو ته هتي ڪو اهڙو ماڻهو هجي... جيڪو منهنجي هيٺ ڪار بيٺي آهي... ان ۾ جيڪو منهنجو بيگ آهي، سو کڻي اچي. پوءِ سڀ ويٺا هئا ته مون کي هن ننڍو ڏسي عمر جو، چيائين ته هي ڇوڪرو آهي... شايد هتي ڪم ٿو ڪري... هن جي ذهن ۾ اهو آيو... مون کي سادا ڪپڙا هئا، ته هن مون کي چيو ته ”بيٽا سنڌي... جائو بيگ لي ڪي آئو...“ اهو ٻين به چيو ته ”ميڊم ڪا بيگ لي ڪر آئو...“ مون چيو ٺيڪ آهي... آئون ويس هيٺ... اتي ڪار ڳاڙهي هئي ان مان بيگ کڻي آيس آئون... بيگ جڏهن مون رکيو ته هن چيو ”مهرباني“... پوءِ جڏهن هنن ڊسڪس ڪئي مون کي وڄائڻ جي ۽ جيڏي مهل مون بينجو کوليو ته ميڊم نور جهان مون کي ڏٺو ۽ چيائين ته ”مون کان اڄ هڪڙي وڏي گلطي (غلطي) ٿي وئي آهي.“ هن پنجابيءَ ۾ چيو ”مي نون بڙي گلطي هو گئي هي... مين بڙي پشيمان هوندي آن... پتا نهين مينون ڪي هو گيا هي؟“ انهن چيو... ڇو ڀلا... ڇا جي لاءِ...؟ ميڊم چيو ته مون کي اها خبر ڪو نه هئي ته هي ڪو وڄائڻ وارو آهي. مون ڀانئيو هتي جو ڪو چپڙاسي آهي، وغيره... ته ڪر مون چيو ته مان هن کان معذرت وٺان ٿي... هي استاد آهي... اٿي بيهي هن مون کان معافي ورتي. ڇو جو مان هن جو بيگ کڻي آيو هوس.
نصير مرزا: سبحان الله.
رحمت الله: ۽ مون ميڊم کي چيو ته اها ته منهنجي لاءِ وڏي سعادت آهي ته تو جهڙي فنڪار جو آئون کڻي آيو آهيان... ته مونکي ته وڏي کشي (خوشي) ٿي آهي.
نصير مرزا: معنيٰ ته هڪڙي سازندي جو هن ايڏو وڏو احترام ڪيو.
رحمت الله: جي ها...
نصير مرزا: اڇا... ان کان پوءِ جيڪي ٻيا موسيقار آهن... انهن مان ڪنهن سان توهان ڪم ڪيو؟
رحمت الله: سائين... اي حميد سان... ۽ بابا چشتيءَ جا جام گانا مون ڪيا... تمام گهڻا وڄايا.
نصير مرزا: اڇا بابا چشتيءَ کي جيئن اسان پوڙهو ڏٺو ڪافي... ته هن جي ڌن ٻڌائڻ جو انداز ڇا هوندو هو...
رحمت الله: (آواز ۾ مرڪ ڀرجيس ٿي) سائين ڇا ٻڌايان اوهان کي...!
نصير: مثال...
رحمت الله: هڪڙي دفعي هُو گانو پيو ٺاهي... نسيم بيگم کي پيو ياد ڪرائي... تمام مشهور هليو آهي... ته هن کي ان مهل پيو آئون ڏسان... آئون ڏاڍو کليس بابا تان.. جام کليس... هن جو آواز ڪو خاص ڪو نه هو...
(نقل ڪري ٿو) ٿوڙا ٿوڙا چَن ويکيا... بيٽي يه گائو... ڪي ٿوڙا ٿوڙا چَن ويکيا...
(نصير صاحب کلندو رهي ٿو... انداز نقل جو ڪمال آهي...)
رحمت الله: مون چيو هي ڪري ڇا ٿو!... پوءِ ان کي سائين Follow ڪيو نسيم بيگم...
نصير: (لقمو ڏيندي) نسيم بيگم...
رحمت الله: (آواز مؤج ۾ اچي ٿو ۽ نسيم بيگم جي ڪاپيءَ جي ڪوشش ٿئي ٿي) او ٿوڙا ٿوڙا چن ويکيا...
ته گاني ۾ جڏهن هن نکار ڪيو...
نصير: سبحان الله.
رحمت: ته اهو گانو ايڏو هليو، جو آئون ته حيران ٿي ويس...
نصير: چانڊوڪيءَ وانگر ڀرجي آيو.
رحمت: جي ها... ۽ تمام هُو مشهور گانو هليو...
نصير: ته ان جي لاءِ توهان ڪهڙي مشهور فلم ۾ بينجو وڄايو؟
رحمت: ڪافي فلمون هيون... انهن ۾ ڪي رليز ٿيون، پر هاڻي ڇاهي ته جنهن مهل اهي گانا جتي ٽيڪ ٿيندا هئا ته اهي گانا هڪٻئي جي پٺيان پيا هلندا هيا. هو چون بابا سڀاڻي توکي اچڻو آهي ۽ اسان جو گانو وڄائڻو آهي... هاڻي آئون ڪو نه ٿو پڇان ته ڪهڙي فلم جو... مون کي پئسا کپن... ته اهڙيون ڪيئي فلمون ٿي ويون... خاص خاص جيڪي فلمون هيون، جيئن ڊولي فلم آهي... جوش فلم آهي... ڦني خان فلم آهي... لائي لگ فلم آهي... ٻيون به اهڙيون ڪيئي فلمون آهن... ته اهي مون کي ياد هيون.
نصير: ڊولي جو ڪو گانو جيڪو اسين اوهان کي ٻڌرايون...
رحمت: اهو نسيم بيگم ۽ منير حسين ڳايو... دو گانو آهي... منظور اشرف جي موسيقي آهي... ۽ بابا تنوير نقوي شاعر آهي ان جو... جي ها...
نصير: ان جا ٻول ڇا آهن؟
رحمت: بجيان هوائان رخ ڊولدي...پِپلي دي پيڇي چن آگيا... دل ديان گلان آج کول دَي...
نصير: هاڻي ڀلا ان جو ترجمو به ٻڌايو.
رحمت: (کلي ٿو) ڀڳل هوائون آهن... معنيٰ چانڊوڪي رات آهي... پپلي دي پيڇي چن... معنيٰ ٻٻر جي پويان چنڊ اچي ويو... اڄ پنهنجي دل جون ڳالهيون کول.
نصير: سبحان الله.
(رحمت الله ٻارڙن وانگر کلي ٿو)
نصير: هن نغمي ۾ به... هي نغمو فلم ”ڊوليءَ“ جو... موسيقار منظور اشرف... ته ان ۾ جتي جتي به اوهان کي بار پيس ٻڌڻ ۾ اچي ته اهو سمجهو ته اهو اسانجي سنڌ جي، ٽنڊي جان محمد جي رحمت الله خاصخيليءَ وڄايو آهي...
(رحمت الله جي بينجي جي گونج سان ئي گيت شروع ٿئي ٿو... نسيم بيگم ۽ منير حسين جو آواز ”دل ديان گلان اج کول دي“ ۾ رنگ ڀريندو رهي ٿو... گيت ختم ٿئي ٿو ته نصير صاحب جو آواز بلند ٿئي ٿو.)
نصير: رحمت الله اسان فلم ڊوليءَ جو نغمو ٻڌوسين پي... اوهان ٿوري دير اڳ ۾ چيو پي ته اسانجو ته ڪم هيو ته رڳو معاوضو ملي اسان کي... پئسا ملن... ته ان زماني ۾... جيڪو چوهٺ جو زمانو اوهان ٻڌايو، ته ڇا پئسا ملندا هئا...
رحمت: ان ٽيم تي سائين پنجاهه روپيا، هڪڙي گاني جا... پنج رپيا ڪنوينس ڏيندا هئا... اسٽوڊيو کان اسين پنهنجي گهرن ڏي ويندا هئاسين... رڪشي کي ڏيندا هئاسي چار رپيا... هو پنج رپيا ڏيندا هئا ۽ پنجاهه روپيا گاني جا ڏيندا هئا... ٽن ڏينهن ۾ گانو ٿي ويندو هو... سستائيءَ جو زمانو هو... هاڻي اوهين حساب لڳايو اڄ جي دؤر جو.
نصير: ڀلا ان زماني ۾ جيڪي ٻيا سازندا مشهور هيا... جن سان گڏ توهان وڄائيندا هيئو انهن مان ڪي حيات آهن...؟
رحمت: طافو آهي... جيڪو استاد طافو طبلو وڄائيندو هو.
نصير: (لقمو ڏئي ٿو) پنجابي فلمن جو مشهور موسيقار... ۽ وڏو پاڪستان جو...
رحمت: (لقمو ڏئي ٿو) ”سن وي بلوري اک واليا” اها طافو جي فلم آهي.
نصير: (لقمو ڏئي ٿو) ”منڊا شهر لاهور دا“
رحمت: ها اُهي... تمام وڏو استاد ڀي آهي طبلي جو... سڀ ساز وڄائي ٿو تقريباً... وائلسي، ستار، گٽار، باجو، طبلو، مردنگ... چاٻين واري ڍولڪ جيڪا آهي... اها وڄائي ٿو... وڏو فنڪار ماڻهو آهي.
نصير: طافو کان علاوه ٻيا جيڪي مشهور ماڻهو... سارنگيءَ وارا ڪير هئا... منڊولن وارا ڪير هئا؟
رحمت: ميڊولين وارو منير حسين... اهو پنهنجو... (کلي ٿو) منير حسين ته هتي جو آهي، منهنجي ڌيان ۾ اچي ويو... پر اتي ڪافي هئا... نذير خان هيو... پنهنجو نذير خان.
نصير: (لقمو ڏيندي) وائلن وارو... هو...
رحمت: جي ها وائلن وارو هو... ۽ نامور ڪلارينٽ وارو هو... ۽ گٽار وري طافوءَ جا ڀائر وڄائيندا هئا... ۽ وائلن وارا ته جام هئا... ظهير وائلن وارو هو... ۽ پنجاهه سٺ ماڻهو هئا وائلن وارا... ان کان پوءِ ستارن وارا... ته اهو پورو بئنچ جنهن سان فلم جو گانو ٿيندو هو ته تقريباً سٺ، ستر اسي ماڻهو هوندا هئا، سازن وڄائڻ وارا...
نصير: ڀلا توهان اتي جي فنڪارن لاءِ... جن جي گاني لاءِ بينجو وڄايو... مثال طور اوهان جيئن نسيم بيگم جو ذڪر ڪيو... ته ان جي شخصيت طبيعت. بدن بيهڪ ڇا هئي؟
رحمت: هوءَ تمام خوش مزاج عورت هئي... بدن ۾ ٿوري ڀريل هئي... ۽...
نصير: نڪ نقشي ۾ ڪيئن هئي؟
رحمت: صحيح هئي... تمام سٺا نيڻ نقش هئا.
نصير: اڇا.
رحمت: جي ها.
نصير: ۽ ڳالهائڻ ۾ ڪيئن هئي.
رحمت: ڪلر جيڪو آهي... اهو ڪڻڪ رنگ هو... ڳالهائڻ ۾ سبحان الله... عابده پروين وارو نمونو هو هن جو ۽ کلڻ ڳالهائڻ جي تمام سٺي هئي.
نصير: جيڪڏهن نسيم بيگم جو اوهان ڪو ٻيو گانو ڪيو هجي. جيڪو اسان اوهان کي ٻڌرايون.
رحمت: اهو به ڊولي فلم جو آهي... ”اج ميرا نچندا اي لُولُو... ڪڇ ڪڇ هوندا هي دل ۾...“
نصير: اهو اوهان کي به ڪڇ ڪڇ ٿئي ٿو دل ۾ يا رڳو هن گاني ۾ آهي؟
رحمت: (ٽهڪ ڏئي ٿو) اهو سڀ ڪنهن کي ٿئي ٿو... ڪڏهن... هي جيڪا شئي وڄي ٿي...
نصير: چڱو ... اسين هن نغمي ڏانهن اچون ٿا... پر ڪڏهن دل توهان ڪنهن کي ڏني رحمت الله!
رحمت: سائين... هاڻي اهو ته اسين چئي ڪو نه ٿا سگهون... اوڏي مهل اسانکي شونق هيو هن فن ۾...
نصير: اڇا...
رحمت: ڀلا ان کان پوءِ به؟
رحمت: اهو به هاڻي عشق... ڇا ٿو مان چئي سگهان...
نصير: معنيٰ سچي نٿا ڪرڻ چاهيو.
(ٻئي کلن ٿا)
نصير: چڱو پوءِ ڀلا ان ”لُولُو“ کي گڏجي ٻڌون ٿا، آواز نسيم بيگم جو...
(گيت بلند ٿئي ٿو... ”اج ميرا نچدا اي لُولُو... ڪڇ ڪڇ هوتا هي. دل نون...“ گيت مڪمل ٿئي ٿو، نصير صاحب جو آواز بلند ٿئي ٿو.)
نصير مرزا: نسيم بيگم جو اسان جيڪو هي گيت ٻڌو فلم ڊوليءَ جو... ان جي به بار پيس جي جاءِ تي هي جيڪو بينجي جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، اهو اسانجي ماسٽر رحمت الله صاحب جو وڄايل هو... رحمت الله پوءِ ٻيو ڪنهن موسيقار سان جيڪو توهان کي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو؟
رحمت: سائين جام آهن... بابا چشتيءَ سان ڪيوسين ۽ خليل احمد جو به ڪيوسين. وڄايوسين ۽ اي حميد...
نصير: انهن سڀني ۾ ڪو فرق هيو... موسيقارن ۾؟
رحمت: سائين... زبردست.. هڪٻئي وڌيڪ ۽ هر ڪنهن جو پنهنجو انگ هو... اوهان وٽ هاڻي جيڪي گانا وڄن ٿا... هاڻي فلمن ۾ جيڪي موسيقار آهن... ڏسو... رشيد عَطري جو پنهنجو حساب ڪتاب آهي... اي حميد جو پنهنجو آهي. سڀ هيٺ... وڏا موسيقار.
نصير: ڀلا مالا جو ڪڏهن ڪو گانو يا عائشه پروين جو ڪو گانو اوهان وڄايو هجي.
رحمت: عائشه پروين جو ته هي... ڦني خان ۾ مون وڄايو آهي...“ تڪ ليا اوئي اوئي اوئي دلبر جاني... رک ليا پيار نشاني...“ گانا ته ڪافي آهن...
نصير: ڀلا مالا جو ڪو؟
رحمت: مالا جا به مون وڄايا آهن... پر هاڻي اهي فلمون مون کي ياد ناهن..
نصير: ڀلا مالا جي شخصيت ڪيئن هئي... شڪل شبيهه ڪيئن هئي؟
رحمت: معنيٰ... نيڻ نقش صحيح هئا. پوري قد جي هئي ۽ ڪڻڪ رنگي هئي... تمام اخلاق سٺو... آواز فس ڪلاس...
نصير: ڀلاعائشه پروين!!
رحمت: عائشه پروين وري سنهي هئي ٿوري... رنگ جي ڳوري هئي... ۽ نيڻ نقش تمام سٺا هئا... آواز ته ڪمال هو...
نصير: ڦني خان جو موسيقار اوهان ڪير ٻڌايو.
رحمت: سليم اقبال .
نصير: سليم اقبال صاحب... جنهن ’باجي‘ فلم جي موسيقي ڏني...
رحمت: باجي فلم... جي ها... ۽ ان ۾ هو گانو به آهي... پر ان ۾ مون وڄايو ڪونهي... اهو آهي ”جيو ڍولا...“
نصير: اڇا اهو به ان ڦني خان جو گانو آهي...
رحمت: ان ۾ ئي آهي... پر ان ۾ معنيٰ منهنجي بينجي جو ڪو نه هو پيس... ائين ڪافي گانا هئا... جن ۾ آئون ويهندو هوس. مان پنجاهه موسيقارن جي گاني وڄائڻ کان سواءِ انهن وٽ ويهندو به هوس ۽ انهن جون طرزون ٻڌندون هوس. منهنجو ذهن کلي ويو ۽ مان پاڻ طرزون ٺاهڻ لڳو هوس، پر پوءِ وري مان لاهور ڇڏي هتي آيس ۽ ريڊيو تي ملازم ٿي ويس... اهي ڳالهيون منهنجي ذهن ۾ هيون پر مون انهن تي پريڪٽس ڪو نه ڪئي.
نصير: ڀلا اهي جيڪي لاهور وارا موسيقار هئا، انهن ۾ توهان کي پنهنجي طبيعت جي لحاظ کان ڪهڙو ويجهو لڳو... ڇو ته توهان چيو ته توهان کي به موسيقار ٿيڻ جو شوق هيو... توهان ڪنهن کان وڌيڪ متاثر ٿيا ته آئون به ههڙي موسيقي ڏيان؟
رحمت: سائين ائين ته هڪٻئي کان وڌيڪ آهن، پر مون کي وري بابا چشتي... پسند هو... ڇا ڪاڻ ته لوڪ طرزن سان گهڻي مشابهت هن جون طرزون رکنديون هيون... ته انهيءَ حساب جي ڪري... هونئن ته موسيقار... نثار بزمي تمام... خورشيد انور.
نصير: انهن سڀني ۾ گلي جو سريلو ڪهڙر موسيقار هيو... اهي جيڪي توهان لاهور وارا ٻڌايا... بابا چشتيءَ جو توهان انداز ٻڌايو.
رحمت: هاڻي انهن ۾ جيڪو آهي سو... اي حميد جو گلو به سٺو هو... بخشي وزير مصلم الصوبي... اهي تمام سريلو ڳائيندا... طبيعت کي وڻندي هئي ڌن...
نصير مرزا: ها بخشي وزير... جنهن ”اُت خدا دا وير“ ۽ گانو ٺاهيو هيو ”ايدي ڪٽ ڪي نه ڦڙ ميڏي بانهن... مين ٿان مرجانيان...“
رحمت: ۽ ٻيو هو جيڪو مائيءَ ڳايو آهي ”جدون هولي جئي ليندا ميرا نان...“
نصير: جي ها... اهو ئي.. جدون هولي جئي ليندا ميرا نان . اڇا ڦني خان جو ڪهڙو گانو هو، جنهن ۾ توهان وڄايو... اهو ٿورو ڳائي ٻڌايو... جهونگاري ٻڌايو... ته پوءِ پاڻ ڳوليون ٿا پنهنجو اهو رڪارڊ ۽ نشر ٿا ڪيون...
رحمت: اهو گانو ڦني خان جو جيڪو مون وڄايو آهي... (ڳائڻ شروع ٿو ڪري) تڪ ليا اوئي اوئي اوئي دلبر جاني رک ليا اوئي اوئي پيار نشاني...
نصير: آواز عائشه پروين... اچو ته گڏجي ٻڌون...
(گيت بلند ٿئي ٿو... اتفاق سان شروعات ئي رحمت الله جي وڄايل بينجو جي نصيب ۾ آيل آهي... ”تڪ ليا اوئي اوئي... دلبر جاني...“ ... عائشه پروين جو ڳايل گيت مڪمل ٿئي ٿو... نصير صاحب جو آواز بلند ٿئي ٿو)
نصير: رحمت الله... هاڻي توهان جي زندگيءَ جو جيڪو وڏو حصو آهي، اهو آهي ريڊيو پاڪستان سان وابستگيءَ جو، ته توهان ڪڏهن هتي آيا... ريڊيو حيدرآباد تي؟
رحمت: تقريباً سائين آئون هتي ڇاهٺ ۾ آيس (اوڻيهه سئو ڇاهٺ).
نصير: ڪنهن آڊيشن ڪيو توهان جو...
رحمت: سائين... ڇاڳلا صاحب... جيڪي اسٽيشن ڊائريڪٽر هئا... نالو هنن جو مون کي پورو نٿو ياد اچي...
نصير: (لقمو ڏئي ٿو) علي محمد ڇاڳلا صاحب...
رحمت: جي ها... علي محمد ڇاڳلا صاحب.
نصير: ڪيئن هوندو هو هُو... ڇاڳلا صاحب...؟
رحمت: تمام هوشيار ۽ تمام نفيس طبيعت جو ماڻهو هو ۽ خوش مزاج ۽ همدرد ماڻهو هو... ۽ موسيقيءَ سان لڳاءُ به ڏاڍو هئس...
نصير: توهان کان ڇا ٻڌائين جو توهان کي پاس ڪيائين.
رحمت: مون کان پڇيائين ته ڀئي تون ڪيتري عرصي کان وڄائين ٿو... مون کي ٻڌايو ته مون کي اڃان هي ٻه ٽي سال ٿيا آهن. ڪٿي ڪٿي وڄايو ٿئي پروگرامن ۾؟ مون پنهنجو اهي پرائيويٽ فنڪشن ڪو نه ٻڌايا، سو هڪڙو مون کيس سرڪاري فنڪشن ٻڌايو ته مون لاهور ۾ هڪڙو وڄايو آهي، جنهن ۾ صدر ايوب به هو... مون خميسي خان سان وڄايو. چيائين پوءِ لاهور ۾ ٿو رهين ته اتي جو ٻيو ڪو احوال؟ ته مون چيو ته فلمن جا مون گانا وڄايا... ڪهڙن ڪهڙن موسيقار سان!... سڀني جا ته مون نالا ٻڌايا... مصلح الدين جو ته... فلم جوش جو... ته چيائين اهو گانو مون کي ٻڌاءِ... وٿ ميوزڪ. اهو ئي گانو مون ٻڌايو، بس جيئن مون اهو گانو ٻڌايو ته يڪدم مون کي سليڪٽ ڪري ڇڏيائين.
نصير: اڇا... ڀلا پوءِ توهان هتي اسٽاف آرٽسٽ ڪيئن ٿيا. بحيثيت بينجي نواز جي...؟
رحمت: جي ها، بس پوءِ اهو ڪانٽريڪٽ بيس تي. مهيني لاءِ پهرين اسان جو ڪانٽريڪٽ ٿيو، پوءِ سال جو ٿيو، پوءِ ٽن سالن جو ٿيو.
نصير: پوءِ توهان پڪا ڪڏهن ٿيا هئا؟
رحمت: 1994ع ۾.
نصير: اڃا جڏهن ريڊيو پاڪستان ڪارپوريشن ٿيو ته توهان ان جا ملازم ٿيا...
رحمت: جي ها...
نصير: هتي ڪير ڪير موسيقار هئا، جن سان اوهان گڏجي ڪم ڪيو؟
رحمت: پهرين... نذر حسين موسيقار...
نصير: استاد نذر حسين...
رحمت: غلام نبي عبداللطيف، استاد محمد جمن، استاد محمد ابراهيم، انهن جي انڊر ۾ ڪم ڪيو مون ڪافي وقت...
نصير: ڀلا ڪي اهڙا مقبول ڪافي ڪلام... جن ۾ توهان بينجو وڄايو... استاد ابراهيم جي... غلام نبي عبداللطيف جي... ائين جي جلديءَ ۾ اوهان کي ياد اچي...؟
رحمت: ڪافي ڪلام انهن جا سائين مون وڄايا آهن... ريڊئي جا جيڪي رڪارڊ ٿيا آهن... ”ايندو ڍولڻ سائين، الا منهنجو ايندو ڍولڻ سائين...“ محمد جمن جو جيڪو آهي هو... ”جنهن سان دلڙي لڳي... تنهن کان ڌار ٿيڻ...“ ڪافي ڪلام هئا.
نصير: ڀلا پروڊيوسر ڪهڙا ڪهڙا جن جا اوهان نغما وڄايا... ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي...؟
رحمت: پروڊيوسر سائين ان ٽائيم تي قادر بخش ملاح ڀي هو ۽ شيخ غلام حسين ڀي هو.
نصير: انور بلوچ صاحب...
رحمت: انور بلوچ صاحب... بلڪل. انور بلوچ صاحب...
نصير: جهانگير قريشي...
رحمت: ها... ها... جهانگير قريشي بلڪل ۽ پوءِ سائين اوهان ڀي هئو...
نصير: (کلي ٿو) جي ها... يعني مان نصير مرزا صاحب.
رحمت: جي ها... نصير مرزا صاحب... ڪوثر ٻرڙو صاحب... اهي سڀ... انهن جي انڊر ۾ وڄايوسين.
نصير: اندازن هتي ڪيترو ڪلام آهي، جنهن ۾ اوهان جو هي بينجو شامل ٿيو هوندو.
رحمت: ڪافي ۾... جيڪي به سنڌ ۾ فنڪار ٿيا آهن نه... تقريباً... ڪو اهڙو فنڪار ڪو نه ٿيندو... ها جيسين آئون ملازم ٿيو آهيان، ان کان اڳ جي ڳالهه مان نه ٿو ڪري سگهان... انهيءَ دؤر کان... باقي جيڪي ڀي فنڪار سُٺا سُٺا آهن... استاد منظور علي خان کان وٺي، محمد ابراهيم، محمد جمن... حسين بخش خادم.
نصير: (لقمو ڏئي ٿو) زيب النساءَ، امينه، فوزيه سومرو، الهه داد زرداري.
رحمت: بلڪل... بلڪل...اهي سڀ.
نصير: ذوالفقار...مظهر حسين
رحمت: بلڪل... مائي ڀاڳي...
نصير: اڇا توهان بحيثيت موسيقار، پهريون ڪهڙو نغمو هتي موزون ڪيو؟
رحمت: اهو...
نصير: اوهان پوءِ موسيقار به رهيو هتي...
رحمت: جي ها.. اهو منهنجي ”محبوب ڪئي مون تي...“ ان کان اڳ ۾ مون ”رسي وڃ نه راڻا“ ۽ ”هل ته هلون ٿرپارڪر ۾...“ به ڪيا.
نصير: نگهت جعفري کان ڳارايوسين.
رحمت: جي ها... نگهت جعفريءَ ڳايو... ان کان پهرين ڳايو عابده پروين...
نصير: ڪهڙو...؟
رحمت: ”محبوب ڪئي خاص عنايت؟...“
نصير: ”محبوب ڪئي مون تي اڄ خاص عنايت آ-“ منصور ويراڳيءَ جي ان ڪلام مان ڇو نه هڪڙي جهلڪ ٻڌندا هلون.
(گيت اَپ ٿئي ٿو. عابده جي آواز ۽، منصور ويراڳيءَ جي لفظن جي سونهن، رحمت الله جي آڱرين سان ڇُهيل بينجي جي لئه بلند ڪندي رهي ٿي... گيت ختم ٿئي ٿو... نصير صاحب جو آواز بلند ٿئي ٿو).
رحمت: جي ها...
نصير: ٻارڙا ڪيترا آهن؟
رحمت: پهرينءَ مان نياڻيون آهن... پهرين گهر واري، جيڪا گذاري وئي.
نصير: معنيٰ پهرين گهرواري به هئي...
رحمت: جي ها... اها جيڪا گذاري وئي... ان مان پنج نياڻيون... ۽ ٻي شادي ڪيم، ٻه انهي مان آهن...
نصير: اولاد مان ڪنهن کي ڪو پنهنجو فن سيکاريو...
رحمت: نه سائين... ڪو نه آيا... منهنجي معيار تي ڪو نه لٿا.
نصير: ۽ پهرين جيڪا اسان جي ڀاڄائي هئي ۽ ٻي جيڪا آهي، ان کي توهان جي فن سان ڪا دلچسپي رهي؟
رحمت: ٻڌن ٿا... ٻڌن ٿيون... پر ڪو ايترو سمجهه ڪو نه ٿي اچين.
نصير: سمجهن ٿيون ته رحمت الله ڪيترو اهم آهي؟
رحمت: ايترو انهن کي سمجهه ڪو نه ٿي اچي... پهرين جيڪا گذاري وئي... ان کي سمجهه هئي ٿوري...
نصير: ان ڀاڄائيءَ جو نالو ڇاهي اسانجي؟
رحمت: شيرين...
نصير: ۽ ٻيءَ جو نالو ڇاهي؟
رحمت: فهميده...
نصير: معنيٰ ڏاڍا سٺا، پيارا نالا آهن... ٻنهي زالن توهان کي خوش رکيو!
رحمت: جي ها...
نصير: هُن به توهان جو خيال رکيو... اسانجي ڀاڄائي فهميده...
رحمت: تمام گهڻو... تمام گهڻو خيال رکيو... خدمت ڪري ٿي...
نصير: ڀلا نياڻين ۽ پُٽن ۾ ڪو ٻارڙو... موسيقيءَ سان جنهن جي ٿورڙي به ڪا دلچسپي هجي...
رحمت: نه سائين... ڪو به نه.
نصير: اڇا... زندگي جيڪا توهان جي گذري، مطمئن آهيو ته چڱي گذري؟
رحمت: جي ها...
نصير: ريڊيو مان رٽائر ڪڏهن ٿيا توهين؟
رحمت: 2002 ۾ ...
نصير: اهو پري ميچوئر ٿيو... معنيٰ توهان جي رٽائرمنٽ اچي پوري هئي.
رحمت: ها پري... اڃان معنيٰ سٺ تائين هلي ها... پنجويهه سال جيڪا آهي، ان سروس ۾ مون رٽائرمنٽ ورتي.
نصير: طبيعت ڪيئن ٿي رهي...؟
رحمت: طبيعت سائين هاڻي بس... ڪڏهن ڪيئن ٿي رهي، ڪڏهن ڪيئن. ڪيڏي مهل ٺيڪ آهي... ڪيڏي مهل نه... الله جو شڪر آهي، هلائي ٿو مالڪ...
نصير: ڀلا مطمئن آهيو ته توهان جي جيڪا قدرداني ڪا ٿي... توهان جي فن جي... توهان جي.
رحمت: بس اها ٿي آهي... توهان جي ريڊيو جي طرفان ته گهڻي ئي ٿي آهي... اوهان به ڪئي آهي... ڪجهه عوام به ڪئي آهي.
نصير: ڪجهه ايوارڊ مليا ڪٿان؟
رحمت: ها ڪجهه مليا آهن، فنڪشنن مان يا ڪجهه سرڪاري فنڪشنن مان.
نصير: رحمت الله... وقت ڏاڍو مختصر آهي، توهان وٽ طويل زندگيءَ جو داستان آهي... آئون پڇڻ چاهيندو آهيان ته ڪيترو ماڻهو جيئي؟... يعني جيڪا ڄمار هينئر آهي، اوهان جي هينئر ٽيهٺ چوهٺ سال عمر آهي... ته ماڻهو آخر ڪيترو هن زمين تي جيئي... گهڻا سال...؟
رحمت: اهو ته سائين طبيعت تي آهي. جيتري طاقت هجي... سڪون هجي.
نصير: توهين ڪيترو جيئڻ چاهيو ٿا؟
رحمت: (کلي ٿو) اسان ته سائين هاڻ چئون ٿا ته الله سائين پنهنجو ڪري...
نصير: (ٻئي کلن ٿا...) الله سائين توهان کي حياتي ڏئي ۽ ان جيڪو توهان چيو ته الله سائين اسان کي ڀلي گهرائي پاڻ وٽ... ته اسين اوهان جي گفتگوءَ جي انهن جملن تي... توهان جي موسيقيءَ ۾ توهان کان موڪلايون ٿا ته توهان اسان وٽ آيئو... هي اسان جي دل جو آواز آهي، جيڪو اسين پروگرام جي پڄاڻيءَ تي ٻڌايون ٿا... ”رسي وڃ نه راڻا... دنيا جي چوڻ تي.“ اسان جي رحمت الله جي موسيقي۽ غلام شبير جو خوبصورت آواز آهي.... ان تي ئي اسين اوهان کان موڪلايون ٿا... سدائين گڏ.
(رسي وڃ نه راڻا. بلند ٿئي ٿو... جنهن ۾ پروگرام جي سائن ٽيون ملي ٿي)

نثري نظم

نثري نظم
آدرش

ديس بابت هڪ نظم

مُنهنجي ديس جو قومي ترانو
ڪهڙِي ٻولِيءَ ۾ لِکيلُ آهي؟

ماني چنڊَ وانگرُ پري ٿِي وَئي آهي
بصرَ ستارا ٿي وَيا آهِنِ
اَسان ڦاهِيءَ ڦندا تيار ڪري رهيا آهيُون.

مُنهنجي ديسَ ۾
وقت گذرندو ويندو آهي
زندگِي الائي ڪٿي آهي؟

جَهنم جو دَروازو
مُنهنجي ديسَ وٽان کُلندو آهي.

مُنهنجو ديسُ ڇا آهي؟
صحرا ۾ رُلندڙ قيسُ آهي
يا ڪو ڪارو ماتِمي ويسُ آهي.

منهنجي ديسَ ۾
بادشاههَ جي نظر ۾
زوريءَ زَنا ٿيندڙَ عورت
آمريڪن شهريتَ وٺڻَ جي
ريهرسل ڪندي آهي.

مُنهنجو ديسُ هڪ اُٿيٽر آهي
جنهن ۾ هَلندڙ ناٽڪ
خُدا به نَه لِکيو آهي.

مُنهنجي ديسَ جي آسمانُ جو رنگُ
برابَر نيرو آهي
پر بادشاههَ جي دل جو رنگُ
ڪارو آهي.

بادشاهه عوام جو
ڌَنارُ هوندو آهي.
منهنجي ديسَ جو بادشاهه
بگهڙ آهي.



¯

هڪَ عربَ بابَت نظم

عربَ جو گهوڙو
عربستان ۾ آهي

عَربُ اَسان وٽ
شِڪارَ تي آيلُ آهي
۽ ريسٽ هائوس ۾ ٽِڪَيلُ آهي.

اَڌَ رات جو
عربَ جي ڪَمري ۾
تيرهن سالن جي نينگري کي
اُماڻيو ويندو آهي
هُنَ جون رڙيون
آسمان تائين ڇو نه ٿيون پُڄَن؟

عربَ جو گهوڙو
عربستان ۾ اَڪيلو آهي
کجيءَ ۾
کارڪُون سُڪِي وَيُون آهِن.

ادل سومرو

اجازت نامي کانسواءِ لکيل نظم

آمر جون اکيون بگهڙ جون
۽ دل گدڙ جي هوندي آهي.
آمريت جي پن ڇڻَ ۾،
پکي اُداس رهندا آهن.
هوائون روئنديون آهن
گُل مُرجهائجي ويندا آهن.
۽ شڪارين جي تعداد ۾
واڌارو ٿيندو آهي.
مون آمر بابت هڪ نظم لکڻ چاهيو
پر مونکي چيو ويو ته:
نظم لکڻ لاءِ اجازت نامو ضروري آهي.
مون سوچيو ته
اجازت نامي سان لکيل
هڪ ڊنل نظم کان بهتر آهي ته
هڪ نعرو ايجاد ڪيو وڃي
پر نَعرو به آمر کي نٿو وڻي
۽ نظم لکڻ کان پهريائين
رَت سان لکيل هڪ نعرو
روڊ تي بڪتر بند گاڏيءَ هيٺان اچي
مري وڃي ٿو.
جن اکين جا ڳوڙها سُڪي ويا آهن
آمر، اُنهن اکين لاءِ
ڳوڙها- گئس جا گولا اُماڻي ٿو.
اخبارن ۾، ايمبولينس سروس، جيلن
گرفتاريءَ جي وار نٽن
۽ ڪوڙن جي خبرن سان گڏ
ريس ڪورس جي گهوڙن جون خبرون
شايع ٿينديون رهن ٿيون.
مان اُنهيءَ شخص بابت
هڪ نظم لکڻ چاهيان ٿو
جيڪو، نعري ايجاد ڪرڻ جي ڏوههَ ۾
تخت کان تختي تائين پهچي ويو.
مان لاکاٽ جي مائرن بابت به
هڪ نظم لکڻ چاهيان ٿو
جيڪي، شهيدن جا رَت هاڻا ڪپڙا
ڦاٽل پوتيون
۽ سڙيل خواب
پنهنجن ٻارڙن کان لڪائي رکن ٿيون.
ديس تي اُداسيءَ جو رنگُ
ڦهلبو ٿو وڃي
چهرن کان مسڪراهٽ
رُسي وئي آهي
پر آمر، دندان ساز جي مشوري سان
مسڪرائيندو رهي ٿو.
مون اجازت نامي کان سواءِ
هڪ آزاد نظم لکڻ شروع ڪيو ته
منهنجي نالي گرفتاري جا وارنٽ
جاري ڪيا ويا
جنهن وقت آمر کي
هجرت جون هوائون کڻي ويون
انهيءَ وقت منهنجي نظم جي شاخن تي
نوان گؤنچ ڦٽي رهيا هئا!...


نظم

مصطفيٰ نانگراج

هن جو ڪوئي دوست ناهي!

هُن جو گهر ۾ ڪوئي دوست ناهي
ڇاڪاڻ ته هو گهر ۾
پگهار کان اضافي پئسا نٿو آڻي.

هُن جو آفيس ۾ ڪوئي دوست ناهي
ڇاڪاڻ ته هو آفيس ۾
ڪمچوري ۽ بي ايمانيءَ جي اجازت نٿو ڏئي.

هُن جو ان جاءِ ڪوئي دوست ناهي
جتي هو زمانن کان رهي ٿو
ڇاڪاڻ ته هو هر ڪنهن مان
اجتماعي سوچ جي تقاضا ڪري ٿو.

هڪ ڏينهن هن جي معصوم ڌيءُ
هن کان پُڇي ٿي
”اَبُو اوهان جو ڪو ئي دوست ڇو ناهي؟
جنهن کي آئون چاچو چئي سگهان!!“

هُن ڌيرج وچان وراڻيو:
”پاڻ ٻئي جو دوست آهيون!
اڄ کان آئون تنهنجو چاچو آهيان.“
ٻار فرشتا ٿيندا آهن.








¯

انسان جي تخليق
هڪڙي مصور
هڪ ڏينهن ڊگهي خاموشيءَ کانپوءِ
ننڍڙي ٻار جا مُرڪندڙ چَپَ
ٺاهڻ شروع ڪيا-
چَپَ ٺهندي ٺهندي
بندوق جي ناليءَ ۾ بدلجي ويا
ڪاوڙ مان هُن اُها شيٽ ڦاڙي ڇڏي
۽ نئين شيٽ تي ٻارڙي جون اکيون ٺاهڻ لڳو
اکيون ٺهندي ٺهندي ٻه ڪارتوس بڻجي ويا
تڏهن مصور نهايت ئي بخيل ٿيندي
اُن شيٽ کي ٻرندڙ چُلهه ۾ اڇلي ڇڏيو
۽ ڀر ۾ پيل پُٽَ جي سليٽ تي
ٻارڙي جو قلم جهليل هٿ ٺاهڻ لڳو
۽ اُهو هٿ به ٺهندي ٺهندي
بندوق جو ٽائگر بڻجي ويو...
تڏهن مصور قلم ۽ برش ٽوڙيندي
اکين مان لڙڪ لاڙيندي ڀُڻڪيو:
هاڻ شايد ڪو ئي به تخليقڪار
”انسان“ کي تخليق نه ڪري سگهندو.
ڪجهه مختصر نظم
نياز نديم
معاهدو

اسان اهو طئه ناهي ڪيو ته
هڪ ئي وقت، هڪ ئي موضوع تي
هڪ جهڙا نظم لکنداسين.
اڄ جي نيرن تي آمليٽ ئي کائڻو آ
اهو به اسان گڏجي ناهي سوچيو.
هڪ ٻئي کي اهو ناهي ٻڌايو ته
اسان مان هڪ سمهندو ۽
ٻئي جي ننڊ پوري ٿيندي
هڪ روئيندو ۽
ٻئي جو بار هلڪو ٿيندو
پوءِ به ڪيترن ئي ڏينهن کان
اهو ئي سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، جو
محبت ڪوئي ٿيل معاهدو ناهي هوندو.

واعدي خلافي

تو اڄ منهنجي حصي جو ڏک به روئي ڇڏيو
دل مان ڪِريل هڪڙو لڙڪ
صرف پاڻيءَ جو ڦڙُو ناهي هوندو
هڪ پورو سمنڊ هوندو آ
جيڪو هڪ ٻيءَ دل کي ٻوڙي سگهي ٿو
پر منهنجو واعدو ته
تنهنجا ڳوڙها پي وڃڻ هو
انهن ۾ ٻڏي وڃڻ جو نه.


پَرَ
تو منهنجا پَرَ ڪٽڻ جي ڳالهه ڪئي
پر مان ته پکي ناهيان
مان هڪ لغڙ آهيان
جنهن جا پَرَ نه پر ڏور ٿيندي آ
جيڪا اڳ ۾ ئي تنهجي هٿ ۾ آ.

گُڏي

مون
* گُڏيءَ جي اک سان
شهر ڏسڻ ته شروع ڪيو
پر هاڻ جڏهن
گُڏي شهر بدر پئي ٿئي ته
مان انڌو ٿيندو پيو وڃان.

آزادي

تون ۽ مان
ڪتابن ۾ پڙهيل
ان لٺ جيتري آزاديءَ جو
حق ئي استعمال ڪندا آهيون
جنهن جي سِڌَ ۾ ڪنهن جو نڪ نٿو اچي
پر پوءِ به
اسان جو نڪ
روزانو ڪنهن ڪنهن جي
لٺ جي سِڌَ ۾ اچي وڃي ٿو.
توسان گڏ

تو سان گڏ گهمندي
منهنجو پورو جسم پير هوندو آ
توکي ڏسندي
سمورو وجود اک بڻجي ويندو آ
توکي چمندي
سڄو سَرير چَپ ٿي پوندو آ
ان ڪري
تو سان گڏ گهمندي
توکي ڏسندي
۽ توکي چمندي
ڪڏهن ناهيان ٿڪبو.

حسن پرست

ها مان حسن پرست آهيان
پر ڳالهيون به وارن جيان
خوبصورت ٿي سگهن ٿيون.
فرق صرف ايترو آ
جو خوبصورت وار وکري
اُڻٽيهينءَ جي اونداهي آڻين ٿا
۽
ڳالهيون وکري چوڏهينءَ جي چانڊوڪي-
۽ مون کي انڌيرو نه روشني گهرجي.

سينڊوچ
مان زندگيءَ کي
۽ تنهنجي پيار کي
اهو سينڊوچ بنائڻ نٿو چاهيان
جيڪو مان کائي نه سگهيس ۽
تنهنجي پرس ۾ رهجي ويو.
بک

ڪڏهن جي پڇڻ چاهين ته
مون کي بک لڳي آ يا نه
ته منهنجي پيٽ کي نه پر
اکين کي ڏسندي ڪر.


تون ۽ مان

حقيقت هڪ نانگ آ
جنهن تي ڪير پير نٿو رکي
نه تون- نه مان.
خواب خوبصورت پرندا آهن
جن کي هر ڪوئي پالڻ چاهي ٿو
تون به- ۽ مان به.


تنهائي

ڳاڙهي چَپ تي
ڪاري تِر جي تنهائي
تون ڇا ڄاڻين.؟


هڪ ڇٽي I
هڪ ڇٽي
بارش کي روڪي نه سگهندي آ
صرف
بارش ۾ گهمڻ جو
اعتماد ڏيندي آ.

سمنڊ ۾ ڍنڍ

او سامونڊي جي شهر جي ڇوڪري
پنهنجي اکين کي
اها ڍنڍ نه بڻاءِ
جيڪا دک جي هڪ پٿري لڳڻ تي
ڇلڪڻ لڳي.





¯

هڪ ڇٽي III

زندگي ائين ئي آ منهنجي جان!
جڏهن بارش هجي ته ڇٽي ميسر نه
۽ جڏهن بارش رُڪجي وڃي ته
ڇٽي به مليو وڃي!

تون چوين ٿي
مان Accommodating آهيان
پر ڇا ڪريان جو
مان خود
ڪٿي Accommodating نٿو ٿي سگهان.

’ھميڻ چاھيئڳ تھا ملنا.‘
تون ۽ مان
رزانو هڪ ٻئي کي
سمجهائيندا آهيون ته
’ھميڻ چاھيئڳ تھا ملنا
ڪس اور سر زمين پر
ڪس اور آسمان ميڻ‘
پر اسان پوءِ به
ان ئي سر زمين تي
ان ئي آسمان هيٺ ملندا آهيون
جيڪي اسان جا ناهن.

On Your disposal
فون جي گهنٽيءَ سان
ساههَ جو سڳو جڙيل آ
فون وڄي ٿو
”تو سان ملڻ پئي چاهيم پر...“
”سوچيم توکي گُهرائي وٺان پر...“
”چڱو، سڀاڻي ته ملنداسين نه...“
روزانو هڪ فون جي گهنٽي
هڪ ڏينهن جو انتظار ڏئي ويندي آ
۽ هڪ ڏينهن جو ساهه ڏئي ويندي آ.
ضياءُ شاهه

سازش رڳو دشمنن طرفان ناهي ٿيندي
اسان جي ڪمرن جون ڀتيون
پٺيون مليل جاڙن ڀينرن وانگي هيون
۽ پلويڙا چوڪيدارن وانگي
وچ ۾ رڪاوٽ هئا.
اسان جو پيار
کٽمٺڙن جي ڏي وٺ کان
شروع ٿيو
اهو ڪنهن نرواڻ وانگي هو
يا پهرئين کاڌل صوف جي
ذائقي وانگي.
مان جڏهن
جبلن ڏانهن ويل هوس يا
اماڻيو ويو هوس
ته هوءَ
پرڻجي ويئي
پنهنجي گهر ڀاتين مون کي
ٻار مشهور ڪيو هو
تنهن ڪري ملي نه سگهياسون
سازش رڳو
دشمنن طرفان ناهي ٿيندي!

رستي ۾ شام

بلبلون ڪڏهن ٻولينديون؟
ڪجهه اڃا اوسيئڙو ڪر!
گل ڪڏهن ٽڙندا؟
ڪجهه اڃا اوسيئڙو ڪر!
مچ ڪڏهن مچندا؟
ڪجهه اڃا اوسيئڙو ڪر!
چڳون اڇيون ٿي ويون ۽ امنگون سرد ٿي ويون
بلبلن ٻوليو، گل ٽڙيا، مچ مچيا-
ڇا ٿيو!



عشق جو انعام

سڙيل چيچ جو زخم ڀرجي وڃي
ساڙو رهجي ويندو آهي
تڙيل شخص پاڻ سنڀالي وٺي
ساڙو رهجي ويندو آهي
زلزلو اچي، لنگهي وڃي
ساڙو رهجي ويندو آهي.
تنهنجي منهنجي وچ ۾
هجر جو سمنڊ ڇوليون پيو هڻي
ساڙو ته هوندو!


ذائقو

اوجاڳن ۾ وڏو مزو آهي
رڃ پٺيان ڊوڙڻ ۾ به
راحت لڪل آهي
درد، جيڪو نسن ۾
رت سان گڏ ڊوڙي ٿو
ان جو ذائقو پنهنجو آهي.


سنڌ راڻيءَ جي شهادت
ناريءَ نِوڙي ميڻ بتي ٻاري آهي
ٻار تصوير چمي آهي
ٻاهر ڪاري ٻاٽ آهي
ڏور کان نعرن جا
پڙاڏا پيا گونجن
ساڻ بندوقن جا ٺڪاوَ
ماڻهن جي انبوهه باهيون ڏنيون آهن
دفترن کي به، بينڪن کي به
ڄڻ پنهنجا ايمان ساڙيندا هجن
ناريءَ جي اکين مان لڙڪ ٽميا آهن
ٻار سندس ڳل چميا آهن
ٻاهر ڪاري ٻاٽ آهي.


















شبنم بلوچ
ٽي ننڍڙا نظم

سازش

الميو

اڌورين شين کان
نفرت ڪندڙ هوءَ ڇوڪري
زندگيءَ جي شروعات
اڌوري پيار سان ڪري ويٺي!


ڪجهه به ڍنگ سان ناهيان ڪري سگهي
.
اڄ توکي معاف ڪندي
سوچيان پئي ته مان!
ڪا به شيءِ ڍنگ سان
ناهيان ڪري سگهي
نه محبت، نه نفرت!


هو ماڻهو

هو ماڻهو جو پنهنجن
حقن لاءِ رڙي پيو
سوچيان ٿي کيس
ڪير ٻڌي پيو؟
سواءِ ديوارن جي.

فوزيه بانو
خوف

نصير مرزا...
تون ”دردانه“جي
”شڪ“ خاطر
پاڻ کي هڪ ڪمري ۾
”لاڪ“ ڪري
ان جي چاٻي
ان ئي حوالي ڪري ڇڏي آ
پر...
ڇا دردانه نٿي ڄاڻي
ته هر شيءَ جي
ڊپليڪٽ مارڪيٽ ۾
”اويليبل“ آ...!














احتجاج

جڏهن کان ”پريس ڪلب“ آڏو
زندگي هٿ ۾ بينر کڻي
ڪرڻ لڳي آ احتجاج...
تڏهن کان ”وقت جو سلطان“
رعايا کان
ساهه کڻڻ جو به
وٺڻ لڳو آ ”وياج“.









زندگي

سانجهيءَ کانپوءِ ٻهراڙيءَ ۾
زندگي
ائين ستي پئي آهي
ڄڻ
ڪائي ”ڪتي“
مئي پئي آهي!
* گڙيا ڪي آنکھه سي شهر ڪو ديکهو،
مظهرالاسلام جي افسانن جو مجموعو

فيملي پلا ننگ

مزاح





فيملي پلا ننگ
امتياز ابڙو

اها پلاننگ جيڪا ڪنهن فيمليءَ جي خلاف ڪجي ته ان کي فيملي پلاننگ چئبو آهي....چون ٿا،’’ وقفو ڪريو....ڪيئن به ڪري وقفو ڪريو...“اسانکي ته وقفو ، ٽي وي ڊرامن ۾ به نه وڻندو آهي...جيڪڏهن ڪمپيئر چوندو ته ، ”هاڻي وٺون ٿا وقفو“ ته لڳندو ڄڻ اسانکي چئي رهيو آهي ته ، ’’ اهي ٻار کوڙ آهن ، هاڻي وقفو ڪريو...‘‘ جيئن هڪ هوسٽ ڇوڪريءَ چيو ته، ’’ ...دوستو..هاڻي وٺون ٿا وقفو...‘‘ ته منهنجي هڪ دوست ان ڇوڪريءَ جي مڙس کي وڃي چيو ته ، ’’ تنهنجي زال ٽيويءَ تي هر پندرنهن منٽن کان پوءِ چوي ٿي ته..وقفو ڪريو..ڇا، تنهنجي زال هيلٿ ورڪر آهي!؟‘‘
جيئن اسان هڪ ٻارنهنِ ٻارن جي پيءُ ، جنهن جي ٻارن جو تعداد ايترو آهي جو ٻاهر پاڙي ۾ اگر ڪو ٻار ٿنڀي جو بلبُ به ڀڃي ڇڏيندو ته سڀني کي پَڪ ٿي ويندي ته اهو بَبَن بادشاهه جو ٻارُ هوندو...اسان ان جي زال کان پڇيو ،’’ ايترن ٻارن ۾ گذران ڪيئن ٿو ٿئي؟‘‘ ته چيائين،’’ صبح جو پاپا کائون...ٻارن جو پاپا خود پاپا کائيندو آهي...چانهه جو ايڏو وڏو ديڳڙو چڙهندو جو پاڙي جون مايون گهر اچي پڇنديون ته،’’ اَدي... چانهه ڪيڏي مهل ورهائيندائو ؟‘‘ منهنجو مڙس وري اهڙو وات جو وائڙو،جو صبح جو آئون ٻارن ۾ چانهه ورهائيندس ته پري کان ئي رڙ ڪري چوندو ته، ’’ دو چاءِ مارو استاد...!‘‘ چانهه جي اها ديڳ جڏهن اسان خريد پئي ڪئي ته خود دڪاندار به پڇيو هو ته ، ’’ ايڏي وڏي ديڳ پيا خريد ڪريو...ڇو ، گهر ۾ سمهڻ لاءِ ڪمرا ڪونه آهن ڇا؟‘‘
فيملي پلاننگ جي ٻي معني اها به آهي ته ،’’ اها فيملي جيڪا سڄو ڏينهن ويٺي، ڪنهن نه ڪنهن جي خلاف پلاننگ ڪري...!‘‘ فيملي پلاننگ کي انگريزيءَ ۾ خانداني منصوبابندي چئبو آهي ۽ خانداني منصوبابنديءَ کي وري سنڌيءَ ۾ فيملي پلاننگ چئبو آهي...اهي ڪم جيڪي خانداني منصوبابنديءَ ۾ ٿيندا آهن، اهڙا ساڳيا ڪم فيملي پلاننگ ۾ نه ڪري سگهبا آهن. جيئن هڪ نوجوان شادي شده کي چيم ته ،’’ ٻار فقط ٻه ڄڻيو“..ته مرڳو منهنجا ٻه اَڌ ٿي ڪيائين..! وري هڪ ٻئي شخص کي چيم ته ،’’ ٻار ايترا ڄڻيو، جو گهٽ ۾ گهٽ توهان کي ڳڻپ ۾ تڪليف نه ٿئي !‘‘ ته اهو ٻڌي، هن مون ۾ ائين نهاريو ڄڻ مون هن کان ٻه ٽي ٻار اُڌارا گهريا هجن!...وري هڪ ٽئين شخص کي چيوسين، ”گهڻا ٻار مٿي جو سور آهن!‘‘ ته يڪدم ايڏو وڏو ليڪچر شروع ڪيائين جو خود منهنجي مَٿي ۾ اچي سور پيو!
هڪڙي ڀتِ تي لکيل هو ،’’ ٻار ايترا ڄڻيو جو اهي وڏا ٿين ته توهان هنن کي سڃاڻي سگهو!‘‘ ائين ئي هڪ پاپوليشن جي ملازم کي چيوسين ته ’’ توهان هيستائين ڪجهه به نه ڪيو آهي؟‘‘ ته چيائين،’’ڪجهه نه ڪرڻ به ڪجهه ڪرڻ آهي!‘‘ هڪ ٻئي ملازم وري چيو ته، ’’ اسان جي آفيسر کي خود اَٺ ٻار آهن.!‘‘ آفيسر کان پڇيوسين ته چيائين، ’’ ڀلي ايترا ٻارَ هجن.آفيسر آهيون.مال ٿا کائون..ايتري ملڪيت ويندي ڪيڏانهن؟ ‘‘ هڪ قوم پرست کان پڇيوسين ته چيائين، ’’ اسين ٻار گهٽ ڄڻينداسين ته اقليت ۾ تبديل ٿي وينداسين...اها اسانکي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي...!‘ هڪڙي غريب کان پڇيوسين ته ،’’ توهان کي يارنهن ٻار آهن ته پوءِ سمهندا ڪيئن آهيو؟‘‘ ته چيائين ،’’ هڪڙي کَٽ تي ايترا ٻار سمهندا آهن جو ڪوبه هڪڙو ٻئي کي سمهڻ نه ڏيندوآهي...ڪو ٻار کَٽ هيٺان ، ڪو ٻار کٽن جي وچ ۾ ، ڪو ٻار الماڙيءَ مٿان ، ڪو ٻار الماڙيءَ ۾ اندر، ننڍا ننڍا ٻار ته اسان ڀِت ۾ ڪوڪا هڻي ٽنگي ڇڏيندا آهيون ڪڏهن هن وري وال ڪلاڪ لاهي، ان جي جاءِ تي ٻار ٽنگي ڇڏيندا آهيون..!“ هڪ صفا مِسڪين ٻڌايو، ’’ منهنجا اَٺَ ٻار آهن...‘‘ ۽ ائين چيائين، ڄڻ چوندو هجي ، ’’منهنجا اُٺَ ٻار آهن...!‘‘چيائين ، ’’منهنجي گهر جي ڀر ۾ شادي هال آهي...‘‘ جيتوڻيڪ شادي هال جي ڀر ۾ هن جوگهر آهي...وڌيڪ چيائين ، ’’ انهيءَ شادي هال جي ڪري ئي اسين سٺن حالن ۾ آهيون!‘‘
....حالن تي زور ائين ڏنائين ڄڻ هو هالن ۾ پيدا ٿيو هجي!
هڪ ٻئي همراهه چيو ،’’ملڪ ۾ تيرنهن ڪروڙ ماڻهو آهن ۽ مون نَو ٻار ڄڻيا ته ڪهڙو ملڪي ايڪا نامي تي بار پوندو!‘‘ هڪڙي هيلٿ آفيسر کان گهڻن ٻارن جي نقصان جو پڇيوسين، جنهن جي خود هيلٿ خراب پئي لڳي... چيائين،’’ گهڻن ٻارن جي ڪري وڏڙا غائب ٿيو وڃن.ڪمرو سڄو ٻارن سان ڀريو پيو هوندو ، ۽ وڏڙا انهن ۾ ائين لڪا پيا هوندا، جهڙو ٽافين جي گودام ۾ ٻه ٽي ناريل پيا هجن!‘‘
اسان جو دوست بَبن بادشاهه ٻارن ۾ ايترو مقبول ڪونهي جيترو ٻارن جي ڪري مقبول آهي ڇوته بَبن بادشاهه کي ايترا ته ٻار آهن... ڄڻ هن اهي ٻار چانهه جي دٻن مان کٽيا هجن..۽ جڏهن چانهه وارن ٽي ويءَ تي ڀَريس ته چيائين، ’’ منهنجو نالو بَبن بادشاهه آهي. ويٺل ڳوٺ انڌو نگر.. مون هڪڙو اوڌر تي چانهه جو دَٻو ورتو ۽ انعام ۾ نڪتيون آهن ، ٻه هزار سي سي واريون ٽي زالون..!‘‘پڇيائونس ،’’ ايترا ٻار ڪٿي سمهاريندو آهين؟‘‘ چيائين،’’ مون وٽ ٻارن جي لائبرري آهي...A کان Z تائين هر ٻار مون وٽ پڪي جلد ۾ رکيل آهي!‘‘
پوليو جا ڦڙا ائين پياريندو، جو ٻه ٻار پيئندا ۽ ٽي ڀڄي ويندا..۽ جيڪي نه پيئندا انهن جي بدران وري پاڻ پي ڇڏيندو چيائين،’’ مون واري هڪ ننڍڙي ته هن ڀيري رڙيون ڪندي چيو: ’’one hundred ‘‘ دفعا پي چڪوآهيان...ڦڙا ڦڙا ڪري پيا ڏيو ، يڪو گلاس نٿا پياريو...!‘‘
ٻارن کي اسڪول ڇڏيندو ته ڳڻي ڏيندو ۽ ڳڻي وٺندو...ڪيڏانهن گهمڻ ويندو ته موٽر سائيڪل تي ايترا ٻار ويهاريندو جو جنهن موٽر سائيڪل تي ٻارَ ويهاريندوآهي، اها صرف ڌِڪن ۽ ڌُڪن سان هلندي آهي .اها شهر جي واحد موٽر آهي جيڪا سائيڪل کان به آهستي هلندي آهي...۽ ان تي ٻار وري ايترا اچي ويهي رهندا، جو اڌ موٽر تي ويهندا ۽ اڌ سائيڪل تي ويهندا. پاڻ وري چوندو،’’ هي شهر جي واحد سائيڪل آهي جنهن مان آئون موٽر وارو ڪم وٺندو آهيان.‘‘ ٻار وري چوندا، ”اسين موٽر سمجهي چڙهندا آهيون ۽ سائيڪل سمجهي لهندا آهيون...‘‘ڪنهن چيس ،’’ مٿي تي هيلمِٽ ڇو نٿو پائين؟‘‘ چيائين ،’’ هيلمِٽ پائيندس ته پوءِ ننڍڙو پَپوُ ڪٿي ويهندو ؟‘‘
بَبن بادشاهه ڇاڪاڻ ته اخبار ۾ ڪم ڪندو آهي ان ڪري ٻارن کي به اهڙين نظرن سان ڏسندو ڄڻ انهن ۾ به پروف جون چُڪون ڳوليندو هجي...ٻارن کي سزا ڏيڻي هوندس ته سڀني کي اخبار جو ڪو ايڊيٽوريل پيج ڏيئي چوندو،’’هاڻي اهي سڀ ڪالم سڄي جا سڄا پڙهي ڏيکاريو...!‘‘ هڪ ڀيرو ڪنهن پڇيس، ’’ توهان کي ڀلا ٽوٽل گهڻا ٻار آهن ؟‘‘ چيائين،’’ اوڻيهه شايع ٿي چڪا آهن ۽ ويهون پريس ۾ آهي..!‘‘

سنڌي شاعريءَ ۾ وطن دوستي


سنڌي شاعريءَ ۾ وطن دوستي:
ون يونٽ وارو دور(1971-1955)

ڊاڪٽر هدايت پريم


وطن دوستيءَ جو اظهار حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ موجود آهي. لطيف سائين سنڌ کي ۽ ساري عالم کي آباد ڪرڻ جون دعائون گهريون آهن. سُر مارئي، سر سارنگ وطن دوستيءَ جا بيمثال مظهر آهن. شاهه لطيف کان آخوند گل تائين قديم شاعرن سنڌ وطن کي نه وساريو آهي. خليفي گل کان شيخ اياز تائين ۽ اياز کان اياز گل تائين، جديد شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ وطن پرستي ۽ سنڌ دوستيءَ جا جذبات بخوبي بيان ڪيا آهن. ون يونٽ جي دور۾ (1955ع کان 1971ع) تائين، جڏهن سنڌ تي ڏکيا ڏينهن آيا ته سنڌي شاعريءَ ۾ قوميت جو لاڙو نهايت پرجوش نموني اڀريو. هونئن ته سنڌي شاعري ويهين صديءَ جي فڪري لاڙن کان متاثر ٿيندي رهي آهي، جن ۾ مکيه طور سوشلزم، ڪميونزم، ماڊرن ازم، وجوديت، تجريديت، ترقي پسندي، حقيقت پسندي (ريئلزم) سر ريئلزم وغيره وارا لاڙا ڳڻي سگهجن ٿا. سموري دنيا جون قومون پنهنجي ديس جا ڳڻ ڳائين ٿيون. جديد ادب توڙي ترقي پسند ادب، وطن دوستيءَ جي جذبن سان سرشار آهي. سنڌ جي جديد شاعرن ۾ شيخ اياز جو نانءُ سڀ کان مٿي آهي. اياز کي وطن دوستيءَ جي ڏوهه ۾ ڳري سزا ڀوڳڻي پئي ۽ جيل جي سختي پڻ سهڻي پئي. رشيد ڀٽي، جيڪو اياز جو ويجهو ساٿي هو، لکي ٿو: اياز سنڌ جي قومي ۽ بين الاقوامي مسئلن کي لکڻين جو موضوع بنايو. حسام الدين راشديءَ جي تاريخي تحريرن ۽ بصيرت افروز مباحثن کان متاثر ٿي، هن سنڌ جي تاريخ کي هڪ نئين ۽ تعميري انداز ۾ پنهنجن تحريرن ۾ پيش ڪيو. هڪ ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ جوا نتساب به راشدي صاحب جي نالي ڪيو. ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۽ ڪلهي پاتم ڪينرو“ ڪتاب 1963ع ۾ ڇپيا هئا، انهن ڪتابن ۾ قومي جاڳرتا ۽ جدوجهد جي جذبي اڀارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي. (1)
شيخ اياز جي ڪلام ۾ سنڌ دوستي جابجا نظر اچي ٿي. ڪجهه سٽون مثال طور هت پيش ڪجن ٿيون:
- مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦٽندا سرخ گلاب.
- تو تان واريان جند، منهنجي مٺڙي سنڌي.
- ڪڏهن ڪرندي ڪاڪ، ڪڏهن ملندو مينڌرو.
- ڌرتي منهنجو ديس، مگر مان سنڌڙي جندڙيءَ لايان وو.
- سنڌڙي تنهنجو ساهه اياز، مري نه ٿيڻو آهي.
- سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو.
- هي پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ پر سنڌ اياز نه مرڻي آ.
- جتي لڪ لڳي، جت اڪ تپن، سو ديس مسافر منهنجو ڙي،
- سنڌ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نوايان،
مٺي ماٿي لايان.
ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين، توکي چشمن چايان.
ورهاڱي کانپوءِ سنڌي شاعريءَ جا ڪيئي دور گذريا آهن. جيئن روايتي شاعريءَ جو دور، طبقاتي نظرياتي دور، قوم پرستيءَ وارو دور، ترقي پسندي وارو دور ۽ جديد شاعريءَ جو دور. انهن ڄاڻايل دورن ۾ وري قوم پرستيءَ وارو دور حاوي هو، جنهن جو اثر اڃا تائين ڇانيل نظر اچي ٿو. (2)
جيئن ته ون يونٽ 1955ع ۾ ٺاهيو ويو ۽ ائين اولهه پاڪستان جي ننڍين قوميتن جو تشخص ختم ڪري، سندن پيرن ۾ ون يونٽ جا زنجير وڌا ويا. 1958ع ۾ مارشل لا لڳائي وئي ۽ زنجير اڃا به مضبوط ڪيا ويا. 1968ع تائين هر طرف خوف ۽ هيبت ڇانيل رهي. اهڙي وقت ۾ شيخ اياز چيو:

جاڳ ڀٽائي گهوٽ! سنڌڙي ٿي توکي سڏي،
مرن پيون مارئيون، قابو آهن ڪوٽ،
اچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري وجهون.

سنڌ جي شاعرن جي ڪلام کي ڇپجڻ کان روڪيو. ويو اديبن ۽ شاعرن جي محفلن کي منعقد ٿيڻ کان روڪيو ويو. ادبي سنگت جي هلچل کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اياز جي مجموعي ”ڀنئور ڀري آڪاس“ تي پابندي وڌي وئي. جنهن تي تاج بلوچ نظم چيو:


وري دار سينگار جي ٿي،
اجهو ڪوئي منصور ڦاهيءَ چڙهيو
وري رت پرستيءَ جا الزام آيا،
ثنا خوان حسن و جواني جي تهمت لڳي
وري دار سينگار جي ٿي
اجهو ڪوئي منصور ڦاهيءَ چڙهيو
اها ڪا نئين ڳالهه ناهي
هي دستور آهي پراڻو
ائين ئي ٿيو آهي،
ازل کان ابد تائين ٿيندو ئي رهندو
اڳي ڀي ته منصور ڪيئي،
ڌري حق پرستي جي تهمت
سدا دار تي چاڙهيا ويا
سهي ڏنگ ڏاهپ سندا.
ائين ئي هي ڪونڌر ته ڪسندا رهيا،
مگر حق پرستيءَ ۾ اڳرن کان اڳرا رهيا.
ڪري ٿا سگهو بند جسمن کي بيشڪ
مگر روح تي
حسن ۽ حق جي رهندي حڪومت
ڀلي دار سينگاريو،
ڳڻي ڳولي منصور ڦاهيءَ تي چاڙهيو
اوهان کي به دنيا مڃيندي
اسان کي به دنيا مڃيندي.
قوم پرست دور واري تحريڪ دوران ڪيترن ئي سنڌي رسالن تي پابندي هنئي وئي. ان جي باوجود به سنڌ جو شاعر ون يونٽ خلاف باغيانه آواز بلند ڪندو رهيو. (3)
شيخ اياز ڌرتيءَ جي دردن جي نشاندهي ڪئي. انهن دردن جي دوا لاءِ هن قوم کي دڳ ۽ نوان نوان گس ڏنا. اياز جي اندر ۾ هڪ حساس انسان موجود هو، جنهن کي پنهنجي ديس ۽ ديس واسين سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين ۽ ڏاڍاين تي احتجاج ڪرڻ کان ڪو به روڪي نه سگهيو. اياز پنهنجي قوم کي پسماندگيءَ جي دور ۾ سجاڳيءَ جو هر هر سڏ ڏيندو رهيو. ون يونٽ دوران جيڪي سنڌي قوم ۽ ٻوليءَ تي راتاها هنيا ويا، انهيءَ جي پوري سڌ سنڌي قوم تائين پهچائي ۽ وقت جي حڪمرانن خلاف پنهنجي مزاحمت جاري رکي. اياز چيو:
ڀٽ ڌڻي! او ڀٽ ڌڻي، او منهنجا ڀٽ ڌڻي،
تنهنجو ڏيهه ڏڪاريل، جنهن ۾ ناهي قرب ڪڻي.

اياز سنڌي قوم کي ننڊ مان جهنجهوڙي جاڳايو:

هي بيت اٿئي، هي بم گولو،
جيڪي به کڻين، جيڪي به کڻين!

ايوبي دور جي آمريت پنهنجي ننگي روپ ۾ نروار ٿي، اختيار ۽ اقتدار جي صاحبن پنهنجي پوري سگهه ان تي صرف ڪئي، ته جيئن سنڌ پنهنجي ذهني ۽ سياسي غلاميءَ مان اڀري نه سگهي، پر ان جي باوجود سنڌ جو شاعر خاموش ٿي نه ويٺو. اياز چئي ڏنو:

باغي آهيان، باغي آهيان، تنهنجو آءٌ سماج،
تو سان وڙهندي رهندي منهنجي هر هڪ رت ڦڙي.

اياز سنڌي قوم جي دلين، جذبن ۽ احساسن جي حقيقي ترجماني ڪئي ۽ همت بلند ڪري، نراسائي واري زندگيءَ مان ڪڍي آس واري زندگي ۾ هلڻ سيکاريو ۽ زندگيءَ ۾ جيئڻ جو ويساهه ڏنو. اياز تخليق وسيلي زبردست مزاحمت ڪئي ۽ اها وائي چئي، جيڪا جهر جهنگ ۾ هارين نارين، انقلابين ۽ شاگردن جي زبان تي ٻڌڻ ۾ آئي.

سهندو ڪير ميار او يار،
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو!

شيخ اياز جي هن وائيءَ کانپوءِ ڄڻ شاهي محلن ۾ ڏار پئجي ويا ۽ حڪمران مڪاريءَ واريون محلاتي سازشون سٽڻ لڳا. حڪمران هٿ ڌوئي شيخ اياز جي پويان پئجي ويا ۽ حڪومت جا پگهار دار سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر ۾ ڳولي ڳولي ماڻهن کي اذيتون ڏيندا رهيا. اياز جو هر شعر، بيت، نظم، گيت ۽ وائي وطن جي تسليمي، وطن جي بچاءَ، وطن جي آبرو ۽ عظمت جو شعر آهي.
ان دور ۾ خاص طور اياز جو نظم ”مان ڏوهي هان“ بيحد مقبول ٿيو:

مون آزاديءَ جي سئن هنئين،
مون لاٿا طوق غلاميءَ جا،
هي گيت هيا يا جادو ها،
زنجير ٽٽا ايامن جا،
سڀ موتي سمجهي چونڊن ٿا،
اڄ ڳوڙها منهنجي دامن جا
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان!

اياز پاڻ کي ڌرتيءَ جي سپرد ڪيو، پر جڏهن زنجيرن جي جهنڪار ٻڌائين ته چئي ويٺو:

مان تو کي گيت ڏيان اي ڌرتي!
تون مون تي زنجير وجهين.
هي گيت گلابي جهڙ ڦڙ جا،
هي گيت شرابي جهڙ ڦڙ جا،
هي سانوڻ جا من ڀانوڻ جا،
هي آگم آگم آنوڻ جا،
ريتيءَ تي ڪنٺ ڪٺورن جا،
هي گيت سنهري سنڌوءَ جا.

قوم پرستي واري شاعريءَ ۾ تنوير عباسيءَ جو هڪ مکيه ڪردار رهيو آهي. هن جو لهجو ڌيمو ضرور آهي، پر جذبات ۾ سچائي ۽ خلوص ڀريل آهي. تنوير سچ سان ساٿ نڀائڻ لاءِ پهريائين هن ڌرتيءَ جا ۽ ڌرتيءَ وارن جا دک درد محسوس ڪيا آهن ۽ پوءِ انهن کي بيتن، غزلن ۽ واين جي گهاڙيٽن ۾ پيش ڪيو آهي. اُهي سرن سان سجايل ۽ سنواريل آهن ۽ انهن ۾ سچ جا آلاپ آهن. تنوير چئي ٿو:

گيت پڙاڏا گونجن هر دم
ناهي چپ چپات
اسان لئه موت نه آهي مات.

تنوير ٻئي هنڌ چوي ٿو:

علم آهي جنهن هيٺ هيسيل دٻايل،
ڌتاريل، ڌڪاريل، اچي نيٺ مڙندا،
انهن جي اميدن جا گل نيٺ ٽڙندا.

وطن دوستيءَ جي رجحان واري شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو حوالو پڻ ملي ٿو. ون يونٽ واري دور ۾ وڏي ۾ وڏو نقصان ته سنڌي ٻوليءَ کي رسيو هو. تنهنڪري شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي عظمت جا ڳڻ ڳايا. سرويچ سجاوليءَ لکيو:

هيءَ ٻولي مرد مٿيرن جي،
هيءَ ٻولي ڇٽ ڇڳيرن جي،
هيءَ ٻولي دنگ دليرن جي،
هيءَ ٻولي وير ونجهيرن جي،
هيءَ ٻولي مردن مانجهين جي،
هيءَ ٻولي وانگين وانجهين جي.

ون يونٽ جي دؤر ۾ اسان کي وڏن وڏن نعرن سان ڀنڀلائي، اسان جي هر پياري چيز کي ڳڙڪائڻ جي سازش ڪئي وئي. اسين انهيءَ سازش جي نتيجن کان سجاڳ هئاسون، پر مڪمل ايڪي ۽ اتحاد نه هئڻ سبب 1955ع کان 1969ع تائين ان گهاڻي ۾ پيڙبا رهياسين. اسان جي اديبن شاعرن ۽ دانشورن پنهنجيءَ قوم ۽ سر زمين جي اهڙيءَ افسوسناڪ حالت کي پروڙيندي پنهنجي فن ۽ ڏات وسيلي پنهنجي اندر جي اڌمن جو جيڪو اظهار ڪيو، تنهن آخر رنگ لاتو ۽ اسان جي نئين ۽ پراڻي رت کي غفلت جي ننڊ مان جهنجهوڙي سجاڳ ڪري ميدان ۾ آندو ۽ کين پنهنجي قومي حقن جي حاصلات لاءِ هر قربانيءَ ڏيڻ تي آماده ڪيو. (4)
قومي هلچل دوران جن شاعرن پنهنجيءَ تخليق ۽ فن کان ڀرپور ڪم ورتو. تن ۾ شيخ اياز کي نمايان حيثيت حاصل آهي. جڏهن ته ٻين شاعرن به پاڻ ملهايو تن ۾ تنوير عباسي، نياز همايوني، امداد حسيني، رشيد ڀٽي، قيوم طراز، احمد خان آصف، حيدر بخش جتوئي، عبدالڪريم، نثار بزمي، بردو سنڌي، قمر شهباز، راشد مورائي، خاڪي جويو، سحر امداد، تاج جويو، درگاهي ميراڻي، اختر درگاهي، اياز گل، ادل سومرو ۽ ٻيا ڪيترا شامل آهن.
نامور هاري اڳواڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ به قوم پرست شاعري ڪئي. هن پنهنجن جذبن جو اظهار نهايت ئي سادي ۽ سهڻي طريقي سان ڪيو آهي:

اي مٺي سنڌ! اي سنهاري سنڌ،
جان منهنجي آ تو جياري سنڌ،
تو مٺي ٿڃ آ پياري سنڌ،
تنهنجو آ فيض عام جاري سنڌ،
مون کي تو بخشي آ بهاري سنڌ،
تو مٿان ساهه صدقي پياري سنڌ،
اي مٺي جيجل، اي سنهاري سنڌ.

عبدالڪريم گدائي، سنڌ جو هڪ بزرگ شاعر هو، هن جي شاعريءَ ۾ وطن دوستيءَ جا جذبا ڀريل هئا. هن سنڌ وطن جو نقشو هن طرح چٽيو آهي:

ستابي ۽ سکي سنڌڙي، سدا سر سبز ۽ شادان،
ٻٻر، ٻيريون، کجون کٻڙيون، وطن جا باغ ۽ بستان،
ڪنڊا ۽ ڪرڙ ڪانڊيرا، اسان لئه نسل ۽ ريحان،
ڳٽو ڳيرا، چڙيون چيها، ڪبوتر، مور، خوش الحان،
سدا معمور گيتن سان، رهي باغ اِرم پنهنجو،
وطن بيت الصنم آهي، وطن بيت الحرم پنهنجو.
رشيد ڀٽيءَ جو به هڪ شعر ان دور ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو.

سنڌڙي رهي، اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو!
هر روز صبح و شام سؤ سؤ مٿس سلام،
وڌندي رهي عوام، سنڌڙي نه ٿئي غلام،
بدلي ۾ بند ۾ جي پياسين ته ڇا ٿيو!
سنڌڙي رهي، اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو!

نياز همايونيءَ جو نالو سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ وطن دوستيءَ جا جذبا ڀريل آهن هو. مشاعرن ۾ سُر سان پنهنجو ڪلام پڙهندو هو ۽ حاضرين کيس تمام گهڻو داد ڏيندا هئا. سندس هڪ مشهور شعر هت پيش ڪجي ٿو:
سنڌڙي منهنجي ماءُ! او منهنجي جيجل تو تان گهور ٿيان،
شال نه ٿيان غدار سندءِ، ڀل ڊاڪو ٿيان يا چور ٿيان.
ڪڏهن ته لال ڪنوار هئينءَ، اڄ بيوه جيان بيحال ابوءِ،
جيجل تنهنجي جهول کي جس، پر دل وارن جو ڪال ابوءِ.
مڪلي ٿي اڄ ڳوڙها ڳاڙي، مياڻي ٿي فرياد ڪري،
آهي ڪو جو سنڌڙيءَ کي اڄ سڌڙين کان آزاد ڪري.

امداد حسيني موجوده سنڌي شاعريءَ ۾ صف اول جو شاعر آهي. هن جي تخيل جي بلندي، لفظن جي معنويت، احساس، امنگن ۽ جذبن جي نزاڪت، هن جي شاعريءَ ۾ لفظن، معنائن ۽ خيالن جي هم آهنگي هڪ هارموني جيان موجود آهي. (5)
امداد جي هڪ غزل جا چند بند هت لکجن ٿا:
سنڌڙي سر سنگيت سڳنڌ،
مون کي سائينءَ جو سوڳنڌ.
مشاهدو ماڻڻ چاهين،
ڪور ڪلهن تان پهرين ڪنڌ.
سنڌڙي جندڙي ساهه پساهه،
سُرهو آهي هر ڪو سنڌ.
لطيف هوندي ڇا جو ڀؤ،
سورج هوندي ڪهڙو انڌ.
بردي سنڌيءَ به پاڻ ملهايو. هن جي شاعريءَ مان چند سٽون هت پيش ڪجن ٿيون:
اي سنڌ! اي مادرِ وطن،
قربان توتان جان و تن،
فردوس آ تنهنجو صحن،
اي واديءِ رشڪِ عدن.
تنهنجي فضائن ۾ سحر،
تنهنجي هوائن ۾ عطر،
آ هير مٺڙيءَ ۾ اثر
۽ وهه بهارن ۾ سرور.

راشد مورائي سنڌ جو مشهور شاعر آهي. سندس ڪلام جو به سنڌ جي قوم پرست شاعرن ۾ ڪافي مقبوليت رکي ٿو.
هيءَ سنڌڙي گهوٽ ڀٽائي جي، هيءَ سنڌڙي مارئي مائيءَ جي،
هيءَ سنڌڙي ٻاگهل ٻائيءَ جي ۽ نوري نياز نماڻيءَ جي،
هيءَ هوشوءَ دودي دلبر جي ۽ دريا خان دلاور جي،
هيءَ شاهه عنايت پارن جي، مخدوم بلاول وارن جي.

ون يونٽ جي دور ۾ سنڌي شاعرن وطن دوستي، سنڌي ٻوليءَ سان الفت، سنڌ جو تاريخي پسمنظر، بي مثال قومي ڪردارن ۽ سنڌ جي عظمت سميت انيڪ موضوعن تي شاعري ڪئي، جنهن جي تمام گهڻي اهميت آهي.

حوالا
(1) رشيد ڀٽي، مضمون ”شيخ اياز جي شاعريءَ جو سياسي ۽ ادبي پس منظر ڪتاب: ”شيخ اياز“ مرتب: جامي چانڊيو ڪراچي 1998ع،ص:67.
(2) طارق عزيز شيخ: مضمون ”جديد سنڌي شاعريءَ جا مختلف لاڙا، “ ڪراچي، مارچ 2003ع ص: 185.
(3) طارق عزيز شيخ، حوالو ساڳيو، ص: 193.
(4) ابن حيات پنهور، ”قومي گيت“، 1970ع. ص: 2.
(5) سحر امداد، مهاڳ ”هوا جي سامهون“، امداد حسينيءَ جو شعري مجموعو، 2000ع، ص: 16.

اسحاق سميجو

اسحاق سميجو

ٻه نظم، ٻه غزل

گدلا چنڊ

هي ڦاٽل ڪپڙا، مُنهن ميرا،
هي نيل ڪنول ڄڻ نالين جا.
هي گدلا چنڊ نصيبن جا،
جي سڏجن ڇورا ٻالين جا.

هي گندا ۽ بدبوُءِ ڀريل،
هي ڪوجها، اڀرا، هڙٻاٺيون.
هر روز جهنگن مان ميڙن ٿا،
پنهنجيءَ چِتا جي لئه ڪاٺيون.

بي نُور جهانن پاليا هِن،
بي رنگ زمانن پِرڀايا.
هي فطرت جا ناجائز پُٽ،
گمنام خدا جا همسايا.

هي چنڊ کِڙن جي گٽرن ۾،
هي تارا ماريل گردش جا.
هي ساوا صحرا خواهش جا،
ڇاڇوليل ساگر لرزش جا.

هي خواب لهن رانديڪن جا،
۽ کيڏن راتيون تارن سان.
ٿو موت به جنهن سان رِيس ڪري،
سا ننڊ سمهن فوٽ پاٿن سان.

هي دوست شهر جي ڪتن جا،
۽ ويري ڪُل سپاهين جا.
هي پلجن باسي ٽُڪرن تي،
۽ سوچن سپنا محلن جا.

هي تهذيبن تي داغ سهي،
پر آهن هي معصوم خدا.
هي ٺُڪرايل، هي اُڇلايل،
هي چيڀاٽيل، مغموم خدا.

تون ، مان ته رهون ٿا جنت ۾،
هي دوزخ چوڙن، پائن ٿا.
چُپ چاپ مرن ٿا ڍيرن تي،
تاريخ سڄي شرمائن ٿا.


سنڌ
اياز!
جا سنڌ تو ٻُڌائي،
اها ته آهي خيال هڪڙو
اها ته ڪائي پري قصي جي
اها ته شايد مثال هڪڙو
اها ته شاعر جو ڪرشمو آ
اها ته تنهنجو ڪمال هڪڙو!

هتي ته آهي مٽي مٿن ۾
هتي ته بدحال حال هڪڙو
گهٽي گهٽي ٿي نصيب روئي
نگر نگر ۾ دجال هڪڙو
اسان ته سکڻي ڏٺي تباهي
اسان ته پاتو زوال هڪڙو!
اياز!
جا سنڌ تو ٻُڌائي،
اها ته آهي خيال هڪڙو!


غزل

انڌيري کي هٽائڻ لئه بتي ٻاريان،
يا پنهنجو پاڻ پائڻ لئه بتي ٻاريان!

ڇِڄي اوندهه کان جِي سگهنديون الائي نه،
اکين کي آزمائڻ لئه بتي ٻاريان!

ته ڏسجي روشنيءَ جي رُت لڳي ڪيئن ٿي،
ڪڏهن منظر مَٽائڻ لئه بتي ٻاريان!

ڪڏهن ويهي ڏسان توکي اڪيلي ۾،
اندر جي گگهه گهٽائڻ لئه بتي ٻاريان!










































¯

سماعت ۾ عطر اوتي ڇڏي ٿو،
سُڳنڌن مان ٺهيل آواز هڪڙو.

اکين کي ڪوڙ جي عادت نه هئي، سو،
سلي ويٺيون شهر سان راز هڪڙو.

رنگيني، روشني، خوشبو رُسي وئي،
جڏهن کان دوست ٿيو ناراض هڪڙو.

شهيدِ حُسن هئاسين، اڄ به آهيون،
وڃايوسين نه هي اعجاز هڪڙو،

وطن تنهنجي مٽي اوڍي سُتاسين،
اهوئي کوڙ آ اعزاز هڪڙو.

ٽئگور جي ديس ۾!

سفرنامو



ٽئگور جي ديس ۾!
جامي چانڊيو

رات جا پويان پهر صبح جي اَڇاڻ ۾ الوپ ٿي رهيا هئا. آسمان ڄڻ ته ڪنهن تجريدي آرٽ جو وسيع ۽ اَپار ڪينواس لڳي رهيو هو. بابُو سيٽي وڄائي ۽ اسان جي ريل گاڏي ڪنهن ٿڪل مسافر جيان ڌڏڪو کائي بيهي رهي ۽ منهنجي اک کُلي وئي. اسان بِهار صوبو ٽپي اولهه بنگال جي سرحدن ۾ داخل ٿي چڪا هئاسون. دري کولي ٻاهر نهاريم. ٻاهر ٿڌڙي هير گهُلي رهي هئي، بلڪل ٽئگور جي شاعريءَ جهڙي. ٿڌي هوا جي سرور ماڻڻ لاءِ ڊگها ڊگها ساهه کڻڻ شروع ڪيم. ايئن لڳم ڄڻ بنگال جو روح منهنجي اندر اوتجي ويو هجي. ڇا ته سڳنڌ ۽ سُرور هو هوا ۾! اسٽيشن تي سانورا بنگالي ٻارڙا ناشتي لاءِ دال پوريون کنيو بيٺا هئا، بک نه هوندي به دل چيو ته اِهي گرم گرم پوريون کائجن. حسن درس، جيڪو زمان ۽ مڪان کان بي نياز ننڊ پيو هو، تنهن کي زوريءَ اُٿاريم. ”اڙي شاعرِ نامراد، بنگال اچي ويو اٿئي. تو واري ٽئگور جو بنگال!“ هن اکيون مهٽيندي پهرين مون ڏانهن نهاريو، پوءِ ٻاهر اسٽيشن ڏانهن. بنگله ٻوليءَ ۾ دال پورين جا هوڪا ٻُڌي چوڻ لڳو: ”ضرور توکي هميشه جيان بک لڳي هوندي، تڏهن ننڊ مان اُٿاريو اٿئي.“ ”بک ته گهڻي ڪونه لڳي آهي پر دل چوي ٿي ته گرم گرم دال پوريون کائجن.“ خبر ناهي هن کي صبح سوير دال پورين کائڻ ۾ ڪهڙو رومانس نظر آيو، جو يڪدم کڻي ها ڪيائين، نه ته اڪثر هو کائڻ جي معاملي ۾ مون سان پيو وڙهندو آهي. دال پوريون کائي مٿان وري گرم گرم ڪافي پيتي سون. ايتري ۾ بابُو ٻي سيٽي وڄائي ۽ گاڏي رڙهڻ لڳي. اسان جي چڙهڻ شرط گاڏي تيز رفتاريءَ سان هلڻ لڳي. پرهه ڦُٽيءَ جو وقت، ٿڌي هير- جيڪا گاڏيءَ جي تيز هلڻ سبب هوا جيان لڳي رهي هئي ۽ اهڙي ماحول ۾ هڪ مخصوص آواز سان ريل جو هلڻ ۽ اسان جو اُن ۾ سفر ڪرڻ، اُهو سڀ ڪجهه مون کي بيحد وڻندڙ لڳي رهيو هو. جيتوڻيڪ دهليءَ کان بنگال تائين جي سفر ۾ اسان کي چاليهه ڪلاڪ ٿي چڪا هئا پر مون کي ٿَڪَ جو احساس بلڪل به نه ٿي رهيو هو. پنهنجي اندر هڪ عجيب تازگي ۽ لطافت محسوس ڪري رهيو هئس. اسان جلد ئي ڪلڪتي پهچڻ وارا هئاسون. حسن، جيڪو اڃا پاڻ به ننڊ جي خمارن ۾ هو، تنهن مظفر کي به اُٿاريو ۽ هو ٻئي تيار ٿيڻ لڳا. منهنجون اکيون دريءَ کان ٻاهر کُتل هيون. پري پري تائين ٻنيون ۽ اُنهن ۾ ساوا چهچ فصل نظر ٿي آيا. سانورا بنگالي ۽ بنگالڻيون پنهنجين ٻنين طرف اچي رهيا هئا. هر طرف ايڏي ساوڪ ئي ساوڪ ڏسي مون کي نيپال ياد ٿي آيو. ڪلڪتو توڙي بنگال گهمڻ اسان ٽنهي لاءِ هڪ رومانس هو ۽ جيئن جيئن اسان جو سفر پورو ٿي رهيو هو، اسان هڪ عجيب سرهائي محسوس ٿي ڪئي. ايتري ۾ بابُو هڪ دفعو وري سيٽي وڄائي، جنهن جو مطلب هو ته اسان ڪلڪتي پهچي چڪا هئاسون. مون گهڙيءَ ۾ ڏٺو، صبح جا ڇهه ٿي رهيا هئا. سامان کڻي هيٺ لٿاسون. اسٽيشن جي احاطي کان ٻاهر نڪري سامان هيٺ رکيوسين. مون دل ئي دل ۾ چيو: ”اي مها ڪوي ٽئگور جي جنم ڀومي! توکي ٽن اهلِ دل سنڌين جو سلام!“ ڪلڪتي جو شهر پهرين نظر ۾ مون کي پراڻي هيرآباد يا شڪارپور جيان لڳو. پراڻيون پر خوبصورت جايون، ڪشادا رستا، آسمان صاف شفاف- ڄڻ ته پکالين هاڻي هاڻي ڌوئي صاف ڪيو هجي. چون ٿا ته اوڀر يورپ جي ملڪ چيڪوسلواڪيه جو شهر پراگ به ايئن ئي آهي.
”هاڻ ڇا ڪبو؟ ڪيڏانهن هلبو؟“ اوچتو مظفر پڇي ٿو.
”پاڻ کي ڪريڪ رو (Creek Row) هلڻو آهي، اُتي پهچي دوستن کي اطلاع ڪبو ۽ وڌيڪ پروگرام پوءِ ٺاهبو.“ مان کيس مطمئن ڪريان ٿو.
جيتوڻيڪ ڪلڪتو اسان ٽنهي لاءِ بلڪل اوپرو هو، جو اسان اُتي پهريون ڀيرو وڃي رهيا هئاسون، پر منهنجا اُتي ڪجهه واقفڪار هئا. 1990ع جي ڏينهن ۾ مان اُتر پرديش صوبي جي الهه آباد شهر ۾ ٿيل ايشيائي نوجوانن جي هڪ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ آيو هئس ته اُن ۾ هڪ وفد اولهه بنگال کان به آيو هو ۽ هنن سان منهنجا چڱا ڀلا لاڳاپا ٿي ويا هئا. وري دهليءَ مان به ڪميونسٽ پارٽيءَ جي هيڊ آفيس مان پارٽيءَ جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل دپنڪر ڀٽاچاريه، جيڪو منهنجو دوست به آهي، پنهنجي ڪلڪتي واري صوبائي آفيس کي اطلاع ڪيو هو ته هو اسان جي ميزباني ڪن. سو اسان کي پهرين اُن آفيس ۾ وڃڻو هو. سائيڪل رڪشا ته اسان پراڻي دهليءَ ۾ ڏسي آيا هئاسون ۽ اسان کي اُنهن ۾ چڙهندي هڪ عجيب ڏک ۽ ندامت جو احساس ٿيندو هو پر هتي ڪلڪتي ۾ ته اڃا به ٻيو جهان هو. هتي وري ننڍا ٽانگا هئا، جن کي گهوڙا يا گڏهه نه پر انسان پنهنجن ڪلهن تي رکي هلائي رهيا هئا. اُنهن کي ڏسي مونکي ڪلڪتي جي پس منظر ۾ ڊامنڪ ليپئر جو لکيل ناول “The City of Joy” ياد ٿي آيو، جنهن تي بعد ۾ هڪ عاليشان فلم پڻ ٺهي هئي. اسان جي محسوسات پنهنجيءَ جاءِ تي، پر اسان کي ڇاڪاڻ ته اندر شهر هلڻو هو، سو اهڙي هڪ ٽانگي تي پنهنجو سامان رکيوسين ۽ ڪجهه ئي گهڙين ۾ ٽانگو ڄڻ ته هوا ۾ اُڏامي رهيو هو. پنهنجن ڪلهن جي زور تي ٽانگو هلائيندڙ بنگاليءَ کان وٺي ڪلڪتي جي هر شيءِ کي اسان تجسس ڀرين نظرن سان ڏسي رهيا هئاسون، ڄڻ ته اهو سڀ ڪجهه اسان لاءِ نئون، اوپرو ۽ عجيب هو. شهر جون پراڻيون، عمر رسيده ۽ سنجيده عمارتون، رستن تي هلندڙ ٽرامون، اُجرو آسمان ۽ هر طرف سانورا چهرا، اسان لاءِ ڄڻ ته هڪ نئين دنيا هئي. ٽانگو هلائيندڙ بنگالي، جيڪو ايترو ڊوڙڻ ڪري پگهر ۾ شَلُ ٿي چڪو هو، مين روڊ کان ساڄي هٿ تي هڪ گهٽيءَ ۾ مُڙيو. هن ٽانگي جا بمپر پنهنجن ڪلهن تان لاهي زمين تي رکيا، جنهن جو مطلب هو ته اسان ڪريڪ رو تي پهچي چڪا هئاسون. مون کانئس پئسا پڇيا، پر هو اڃا تائين سهڪي رهيو هو. مون کي سندس زباني جواب جي گهرج محسوس نه ٿي. هن جو ايئن سهڪڻ ئي هن جو جواب هو. سندس اکين ۾ عجيب بيوسي ۽ نظرن ۾ ويچارگي هئي. غربت جون ماريل ۽ ڏرا ڏنل هن جون اکيون سڄي اولهه بنگال جي مفلسيءَ ۽ غربت جو ڏَس ڏئي رهيون هيون. هو عمر جي حوالي سان جوان هو، پر جواني سندس جسم جي وڻ تان گهڻو اڳ ڇڻي چڪي هئي. مون سڄو بنگال هن جي اکين ۾ ڏسي ورتو هو ۽ دل ئي دل ۾ چيم: ”هڪڙو بنگال ٽئگور جي شاعريءَ ۾ آهي ۽ ٻيو بنگال هن ٽانگي هلائيندڙ جي اکين ۾ آهي.“ ٻنهي ۾ ڪيڏو نه فرق هو. ٽئگور جي شاعريءَ جي بنگال ۾ حُسناڪي آهي، جذبن ۽ جسمن جو رقص آهي، دلپذير شامون ۽ شامَ رنگ جهڙيون سانوريون بنگالي اپسرائون ۽ اُنهن جون ادائون آهن. ٻئي طرف هن پورهيت جي اکين مان بَکندڙ بنگال آهي، غربت ۽ غلاميءَ جي ٽياس تي ٽنگيل بنگال! غربت ۽ غلامي انسان جي وڏي ۾ وڏي توهين آهي. جيتوڻيڪ اولهه بنگال ۾ گذريل پندرنهن سالن کان پورهيت راڄ جي ڳالهه ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي حڪومت آهي، پر اُها اڃا تائين بنگالي پورهيتن کي اُن قابل به نه بڻائي سگهي آهي، جو هو پنهنجي ٽانگي ۽ گاڏي گهلڻ لاءِ ڪو گهوڙو يا گڏهه وٺي سگهن.
اسان سامان کڻي اڳتي وڌياسين. ڀرسان ئي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي صوبائي آفيس هئي. اسان ڪاٺ جي هڪ سوڙهي ڏاڪڻ چڙهي مٿي آفيس وياسين. صبح جا سَتَ ٿي رهيا هئا ۽ اندران ڪڪڙن جون ٻانگون اچي رهيون هيون. مون حسن کي ڀوڳ ڪندي چيو: ”ڪامريڊ لڳا پيا آهن.“ ڀرسان شايد ڪو گهر هو، جتان اُهي ڪڪڙن جون ٻانگون اچي رهيون هيون. آفيس ۾ گهڙياسين ته آفيس سيڪريٽري اسان کي ڀليڪار ڪيو. چيائين توهان ٿڪل ٿا ڏسجو، آرام ڪريو، تيسين اسين ٻين دوستن کي توهان جي آمد بابت اطلاع ڪريون ٿا. ڏٺم ته مظفر کي ڳالهه نه ٿي وڻي. چوڻ لڳو: ”هاڻي ايندا اِهي ڪامريڊ ۽ تون سڄو ڏينهن ويٺو اُنهن سان مارڪسي فلسفي ۽ جديد سرمائيداريءَ تي بحث ڪندين، اسان جا ته لاهه نڪري ويندا. بهتر آهي ته ڪنهن هوٽل تي هلجي ۽ پنهنجي منهن سان بنگال گهمجي.“
حسن لاءِ هيءُ زندگيءَ جو نئون ۽ پهريون تجربو هو، سو هو هر شيءِ کي انجواءِ ڪري رهيو هو. اسان چاليهه ڪلاڪ سفر ڪري آيا هئاسون. ظاهر آهي ته ٿَڪ هو. ڳالهيون ڪندي ڪندي سامان سيراندي ڪندي اڃا اَهلياسين ته ننڊ اچي وئي. ايئن اسان ٽئي پنهنجي پنهنجي لاشعور جي دنيائن ۾ هليا وياسون. ننڊ ڄامشوري جي هجي يا ڪلڪتي جي، اُن جو رنگ ساڳيو ٿيندو آهي. سو اسان جا جسم ته اُتي ئي هئا، پر خبر ناهي روح ڪٿي هئا. جاڳ ۾ انسان ڪيئن به هجي پر خوابن ۾ هر انسان آواره گرد هوندو آهي، سو جسم ته اُتي هئا، پر خبر ناهي اسان جا رولاڪ روح ڪٿي ڪٿي آواره گرديون ڪري رهيا هئا!
شايد ڪنهن ڪمري ۾ بلب ٻاريو ۽ اسان جي اک کُلي وئي. ڏسون ته آفيس سيڪريٽريءَ سان گڏ هڪ بنگالي ڇوڪري ۽ ڇوڪرو ساڻ هئا. بنگالي گاڏڙ هندي ڳالهائيندي چيائين ته، ”هي ٻئي توهان کي وٺڻ آيا آهن.“ ٻنهي اسان کي نهايت پنهنجائپ مان سلام ڪيو ۽ جلدي تيار ٿيڻ لاءِ چيو. نوجوان پنهنجو نالو ڊاڪٽر شانتو ٻُڌايو ۽ ڇوڪريءَ پولي دتا. ڊاڪٽر شانتو مون لاءِ به اوپرو هو، پر پوليءَ سان مان 1990ع الهه آباد ۾ مليو هئس، پر هو جنهن پنهنجائپ ۽ قرب سان مليا، ايئن ٿي لڳو ڄڻ اسان جا ننڍپڻ جا دوست هجن. مون مظفر کي چيو: ”ڏس- تو هرو ڀرو ڪاوڙ ٿي ڪئي، هي ڪيڏا نه دلبر ماڻهو آهن، تو ڪميونسٽن جو قرب هت ڏٺو ئي ناهي.“ مظفر منهنجيءَ ڳالهه جو ڪوبه جواب نه ڏنو، جنهن جو مطلب هو ته هو مون سان سهمت هو. اهو هن جو خاص انداز آهي. مظفر طبيعت جو تيز ۽ سخت ضرور آهي، پر دلي طرح هڪ نهايت ڀلو ۽ پُرخلوص ماڻهو آهي. سو مون ڏٺو ته هاڻي هو نارمل هو. هاڻي اسان پوليءَ جي حوالي هئاسون. هوءَ اسان جي ميزبان هئي. آفيس مان سامان کڻي اسان پوليءَ ۽ شانتو سان گڏ روانا ٿياسون. شهر جي مختلف رستن تان گهمائيندي، پولي اسان کي هڪ پنج ماڙ بلڊنگ ۾ وٺي آئي ۽ چوڻ لڳي، ”جامي! هيءَ سڄي بلڊنگ اسان جي آهي. ٽين ماڙ تي هڪ فليٽ اسان اوطاق طور ڪم آڻيندا آهيون ۽ مون توهان جي رهائش جو انتظام اُتي ڪيو آهي. ٻيءَ ماڙ تي هڪ فليٽ ۾ اسان پاڻ رهندا آهيون. اهو به توهان جو پنهنجو گهر آهي، اُن ڪري توهان کي ڪو مسئلو نه ٿيندو.“ هوءَ پنهنجي مخصوص بنگالي گاڏڙ هندي لهجي ۾ چئي رهي هئي. هن جي ڳالهائڻ جو انداز ڏاڍو پيارو آهي. هن جي شخصيت هڪ ئي وقت بيحد پُراعتماد ۽ شرميلي آهي. اسان فليٽ ۾ سامان رکيو. اهو هڪ ڪشادو ۽ ڪارنر جو فليٽ هو. دريءَ ۽ گئلريءَ کان سڄو ڪلڪتو اسان جي سامهون هو.
ڪلڪتي جو شهر پنهنجي سياسي ماحول جي لحاظ کان هندستان جو ڪو شهر نه پر اڳوڻو سُرخ ماسڪو لڳي رهيو هو. شهر جي هر چوڪ تي ڳاڙها جهنڊا، لينن، مارڪس ۽ دنيا جي ٻين انقلابي سُورمن جا مجسما، سندن قول ۽ عبارتون آويزان هئا. مون دل ئي دل ۾ چيو، ”ڪميونسٽ پارٽي ڪلڪتي جي چوڪن تي ڳاڙها جهنڊا ڦڙڪائي ۽ لينن جا مجسما آويزان ڪري سمجهي ٿي ته هنن بنگال ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي!“ انسان ڪيڏو نه خودفريب آهي. ڪميونسٽ پارٽيءَ چوڏنهن سال بنگال تي حڪومت ڪئي آهي، پر اها اڃا تائين بنگالي مزدور کي خوشحال بڻائڻ ته ٺهيو پر کيس انسان جو درجو به نه ڏياري سگهي آهي. بنگالي پورهيت اڄ به ٽانگن ۽ گاڏن ۾ گهوڙن ۽ گڏهن جيئن وَهن ٿا. اُنهن لاءِ هنن ڳاڙهن جهنڊن جي ڪهڙي وقعت هوندي؟ مون پنهنجا احساس ڊاڪٽر شانتو کي ٻُڌايا، جيڪو نهايت گهٽ ڳالهائو ۽ سنجيده نوجوان ٿي لڳو. هو مون سان سهمت ٿيو ۽ چوڻ لڳو: ”اهو ئي مؤقف اسان جو به آهي. اصل ۾ CPI – M (ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا- مارڪسسٽ) پنهنجو اصل ڪردار وڃائي چڪي آهي. اُها ڪنهن به ريت اسٽيٽس ڪو (Status – quo ) کي ٽوڙڻ نه ٿي چاهي. اولهه بنگال جو ئي مثال وٺو. هيءُ ٽيون ڀيرو آهي، جو اقتدار هن پارٽيءَ وٽ آهي پر توهان ڏسندؤ ته بنگال ۾ توهان کي ڪابه بنيادي تبديلي نظر نه ايندي. چوڪن تي حڪومت طرفان لڳايل مجسمن کي ته سماج ۾ ڪنهن بنيادي تبديليءَ سان تعبير نٿو ڪري سگهجي.“ ڏٺم ته مظفر، جنهن کي سياست سان ڪابه دلچسپي نه هئي، تنهن جي چهري تي بيزاريءَ جا آثار نمايان ٿيڻ لڳا هئا. مون موضوع مٽائڻ خاطر پوليءَ کي چيو: ”پاڻ ڪيڏانهن هلي رهيا آهيون؟“ پولي، جنهن جو قد ڪنهن جاپاني هائيڪي جيترو هو، سا چوڻ لڳي: ”توهان بنگال جو ڪلچر ڏسڻ ٿا چاهيو نه- بنگال جا ماڻهو مٺاين جا بيحد شوقين آهن. ڪلڪتي ۾ چانهه جي هوٽلن کان وڌيڪ مٺاين جا دڪان آهن. شام ٿيندي ئي ماڻهو اُنهن جو رُخ ڪندا آهن. ڪلڪتي ۾ مٺاين جا ريسٽورانٽ به بيشمار آهن.“
”خاص مٺاين جا ريسٽورانٽ!؟“ اسان حيرت وچان سڀ هن کي ٻُڌي رهيا هئاسون. ”ها! خاص مٺاين جا ريسٽورانٽ. اهي ريسٽورانٽ اولهه بنگال جي سڃاڻپ آهن. سو اسان سڀ کان پهرين اهڙي ڪنهن ريسٽورانٽ ۾ هلنداسين. جي توهان اهڙي ماحول ۾ ڪلڪتي جا رَس گُلا نه کاڌا ته چئبو اوهان بنگال گهميو ئي نه.“
ايئن اسان ڳالهيون ڪندا ۽ گهمندا گهمندا هڪ وڏيءَ بازار ۾ اچي پهتاسون. اها پراڻي طرز جي هڪ نهايت طويل بازار هئي. اهڙين بازارن جو پنهنجو هڪ خاص وڻندڙ ماحول ٿيندو آهي. اُنهن جي پنهنجي هڪ خوشبوءِ ٿيندي آهي. اهڙي خوشبوءِ، جيڪا ڪاٺ جي پراڻين پيتين ۾ سانڍيل شين ۾ ٿيندي آهي، پر ڪلڪتي جي هن پراڻيءَ بازار ۾ مٺاين جي سڻڀي خوشبوءِ هر هُڳاءَ تي حاوي هئي. بازار گهمي واقعي لڳو ته ڪلڪتو مٺاين جو شهر آهي. اسان کي به پولي هڪ ريسٽورانٽ ۾ وٺي وئي. اهو هڪ ڪشادو ريسٽورانٽ هو. هر طرف ماڻهو پنهنجين پنهنجين ڪچهرين ۽ مٺاين کائڻ ۾ مصروف هئا. پوليءَ بيري کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ مٺاين جو آرڊر ڏنو ۽ ٿوريءَ دير ۾ اسان جي ٽيبل مٺاين سان ڀرجي وئي. مون کي مٺاين کان به وڌيڪ اُنهن جي پيشڪش جو انداز وڻيو. مٺايون پليٽن بجاءِ پَٻَڻِ جي وڏن پنن تي رکي پيش ڪيون ويون. پولي اسان جي نظرن مان ئي سمجهي وئي ته اسان ان ماحول کي خوب انجواءِ ڪري رهيا هئاسون. چوڻ لڳي: ”توهان سنڌي مزاجن ڏاڍا رومانٽڪ آهيو. توهان کي پَٻَڻِ جي پنن ۾ به رومانس نظر ٿو اچي.“ مون حسن درس کي چيو: ”يار اها حقيقت آهي ته سنڌين جي رڳ رڳ ۾ رومانس ڀريل آهي. سنڌ جي حاڪم، راءِ ڏياچ ته هڪ سُر تي سِرُ ڏنو هو. تاريخ ۾ اهڙو مثال ورلي ڪو ملندو.“
مٺايون کائي بازار کان ٻاهر آياسون ۽ اها رات دير تائين ڪلڪتي جي گهٽين ۾ گهمندا ۽ شهر جي رستن تي نانگ جيان سُرندا ٽرام ۾ چڙهندا ۽ لهندا رهياسين.
ٻئي ڏينهن ڪڪڙن جي ٻانگن تي اسان جي اک کُلي. اک کوليون ته پولي ناشتي سان گڏ تيار بيٺي هئي. ڄڻ ڪڪڙن کي ٻانگن لاءِ چيو ئي هُن هو. ڪڪڙ به سندس پارٽيءَ جا ڪي ڪارڪن ٿي لڳا. ضابطي جا پڪا، جهڙوڪ مٿن اسان کي اُٿارڻ جي ڊيوٽي لڳل هئي. اهو ڪلڪتي ۾ اسان جو ٻيو ڏينهن هو. صبح جا اَٺ ٿي رهيا هئا ۽ اسان جو مختصر قافلو يعني حسن درس، مطفر، مان، پولي، ڊاڪٽر شانتو، سوءِ من راءِ ۽ ساءِ من، جَداوَپور يونيورسٽيءَ لاءِ روانا ٿياسون. اولهه بنگال جي اها اهم يونيورسٽي ڪلڪتي شهر کان لڳ ڀڳ ٽيهه ميل پري واقع آهي، بلڪل ايئن جيئن حيدرآباد کان ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو. هونئن تعليمي ادارن کي شهري گوڙ کان پري قائم ڪرڻ جو تصور مون کي ڏاڍو سُٺو لڳندو آهي. ڳالهين ڳالهين ۾ خبر ئي نه پئي. بس هڪ وڏيءَ عمارت آڏو اچي بيٺي. اها جَداوَپور يونيورسٽي هئي. پوليءَ اڳ ئي يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجن ڪجهه دوستن کي اطلاع ڪري ڇڏيو هو ۽ اُهي آرٽس فيڪلٽيءَ جي سامهون اسان جي آمد جو انتظار ڪري رهيا هئا. پوليءَ واري واري سان اسان جو هنن سان تعارف ڪرايو. يونيورسٽي پنهنجي ماحول جي لحاظ کان ڏاڍي خوبصورت لڳي رهي هئي. ڪشادا ميدان، هڪ ننڍڙي ڍنڍ، جنهن ۾ پٻڻ ۽ ڪنول جا گُل تَري رهيا هئا ۽ ڍنڍ مٿان ڪاٺ جي پُل ٺهيل هئي.
آرٽس فيڪلٽيءَ جو ماحول به زندگيءَ سان ڀرپور هو. هر طرف نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پاڻ ۾ ڪچهرين ۽ مستين ۾ رُڌل. فيڪلٽيءَ جي ورانڊن ۾ اهو ئي شور. ڏاڪڻين تي به اهي ئي جوڙا جوڙا بيٺل. مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽي ٿي ياد آئي. هوبهو ساڳيو ماحول هتي به هو. رڳو ماڳ بدليل هو، ماڻهو بدليل هئا، سندن رنگ ۽ لباس بدليل هئا- پر دليون ساڳيون هيون، نظرون ۽ جذبا ساڳيا هئا، شرارتون ۽ مَستيون ساڳيون هيون. جوانيءَ جو ڪوبه ديس ناهي ٿيندو. اُن جي مَستيءَ ۽ لااُباليت جو رنگ جتي ڪٿي ساڳيو ٿيندو آهي. پوليءَ يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجن جن دوستن کي اطلاع ڪيو هو، اُهي به يونيورسٽيءَ جا شاعر ۽ اديب هئا. اسان ساڻن گڏجي يونيورسٽي گهمي. مون ٻن ڏينهن ۾ ئي محسوس ڪري ورتو هو ته بنگالي ماڻهو ڏاڍا قربائتا ٿين ٿا. سندن وَسَ پُڄي ته مهمانن کي دلين ۾ ويهاري ڇڏين. هنن اسان کي ايترو قرب ڏنو، جو اسان کي محسوس ئي نه پئي ٿيو ته اسان ڪنهن اجنبي ديس ۾ اوپرن ماڻهن سان گڏجي گهمي رهيا آهيون. اسان کي ڪلڪتي يونيورسٽي گهمڻ ۽ ڏسڻ جو به گهڻو شوق هو. سو جَداوَپور يونيورسٽي گهمي، اسان جو اهو مختصر قافلو ڪلڪتي يونيورسٽيءَ ڏانهن روانو ٿيو. ”پهرين ڪٿي هلي ماني کائجي ۽ پوءِ يونيورسٽي گهمجي.“ پوليءَ بس ۾ هلندي تجويز ڏني. پولي به مون وانگر بُک جي ڀاڙي ٿي لڳي.
بس ڪلڪتي جي نيو مارڪيٽ ايريا ۾ داخل ٿي ته پوليءَ اسان سڀني کي لهڻ لاءِ چيو، ”هيءُ ڪلڪتي جو سڀ کان سُٺو ڪمرشل ۽ ترقي يافته علائقو آهي ۽ توهان کي اهو ٻُڌي شايد حيرت ٿئي ته هن علائقي ۾ اڪثريت سنڌين جي آهي.“ پولي اسان کي ٻُڌائي رهي هئي. ”هتي بنگال ۾ سنڌي ايترا گهڻا ۽ مضبوط آهن!؟“ اسان واقعي به اچرج وچان پڇيو. ”مضبوط ڇا، مان دعويٰ سان چوان ٿي ته توهان نيو مارڪيٽ ايريا جي ڪنهن به وڏي دڪان تي گهڙي وڃو. ڪجهه به گهرو، توهان کي جواب سنڌيءَ ۾ ملندو.“ پولي وڏيءَ دلچسپيءَ سان اسان کي ٻُڌائي رهي هئي. ”پوءِ ڇو نه ماني به ڪنهن سنڌيءَ جي هوٽل تي هلي کائجي.“ حسن جي ڏنل راءِ سان سڀ متفق ٿيا ۽ ڀرسان ئي هڪ گهٽيءَ ۾ وڏو واڻڪو ريسٽورانٽ هو. اسان سڀ اُن ۾ داخل ٿياسين. ريسٽورانٽ جي اندر چئني طرفن کان هنومان، ڪالي ديوي، جهولي لال ۽ بابا گرونانڪ جون تصويرون لڳل هيون. ڪلچر به ماڻهن سان گڏ سفر ڪن ٿا، نه ته ڪٿي ڪلڪتو ۽ ڪٿي سنڌي هندو ۽ جهولي لال. سنڌي مسلمان جو الميو اهو آهي، جو هو اڃا تائين بين الاقوامي شهري بڻجي نه سگهيا آهن. جڏهن ته سنڌي هندو ورهاڱي کان اڳ به سڄيءَ دنيا ۾ سفر ڪندا هئا. سڄيءَ دنيا سان هنن جو واپار وهنوار هلندو هو. ٿائيلينڊ ۽ هانگ ڪانگ ۾ ته مون پاڻ ڏٺو ته اُتي سنڌي هندو ۽ سِکَ ڪيئن نه واپار تي ڇانيل هئا. سڄي هندستان ۾ سِکَ ۽ سنڌي هندو، ٻه اهڙيون برادريون آهن، جيڪي دنيا جي هر ڪُنڊ ۾ ڏسڻ ۾ اينديون. ڏکڻ اوڀر ايشيا هجي، يورپ هجي، وچ اوڀر يا آمريڪا، اُهي هر هنڌ نظر ايندا. مون کي سنڌي مسلمانن جو ته حال نظر نٿو اچي ته ڪو اُهي سڀاڻي دنيا ۾ سنڌ جو نالو روشن ڪندا، جي ايئن ٿيو ته به شايد سنڌي هندن جي ڪري ٿيندو. سنڌي مسلمان پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪري رڳو ٻئي شهر ويندو ته به پاڻ کي ڏکيو ۽ پرديس ۾ محسوس ڪندو ۽ هتي هي سنڌي هندو ڪلڪتي کي به شڪارپور ۽ ميرپور ماٿيلو بڻايو ويٺا آهن.
ريسٽورانٽ تي مانيءَ به اسان کي خوب مزو ڏنو. اصل واڻڪي طِرز جون ڀاڄيون، چَٽ پٽيون چٽڻيون، بيسڻ ۽ جِيري جا پاپڙ ۽ ڪڻڪ جا گرم گرم ڦُلڪا. اصل مزو اچي ويو. ماني به بيحد سَستي. هندستاني پنجاهه رپين ۾ اسان سڀني ماني کاڌي. ماني کائي ريسٽورانٽ کان ٻاهر نڪتاسين ته سامهون واري بلڊنگ ٻاهران لڳل بورڊ تي اسان جي نظر پئي. لکيل هو: “Sindhi Youth Association”. مظفر خيال ڏيکاريو ته اندر هلجي ۽ ساڻن ملجي. حسن، مظفر ۽ مان مٿي چڙهياسين. ڪاٺ جي ڏاڪڻ ٽپي اندر هال ۾ داخل ٿياسون ته هال جي وچ ۾ هيمون ڪالاڻيءَ جو وڏو مجسمو رکيل هو ۽ ڀرسان لکيل هو: ”هيمون ڪالاڻي يادگار لائبريري“. اسان جو اُتساهه ويتر وڌيو. ڪلڪتي ۾ هيمون ڪالاڻيءَ جو مجسمو ظاهر آهي ته اسان لاءِ خوشيءَ ۽ فخر جي ڳالهه هئي. هڪ نوجوان ڊوڙي اچي اسان سان مليو. اسان کيس ٻُڌايو ته ”سنڌ مان آيل سنڌي ليکڪ آهيون ۽ توهان جو بورڊ ڏسي اندر گهمڻ آيا آهيون.“ هن اسان کي ڀليڪار ڪيو ۽ لائبريري گهمائي. ”هيءُ ادارو ڪنهن جو قائم ڪيل آهي؟“ مظفر هن کان پڇي ٿو.
”لکمي کلاڻي“. هو جواب ڏئي ٿو.
اصل ۾ دهليءَ ۾ اسان کي لڇمڻ ڪومل اڳ ئي لکمي کلاڻيءَ بابت گهڻو ڪجهه ٻُڌايو هو ۽ ساڻس ملڻ لاءِ اُتساهه ڏياريو هو. اسان جي وڌيڪ پڇڻ تي هن نوجوان ٻُڌايو ته لکمي کلاڻي ٻاهر ويل آهي، يعني هندستان کان ئي ٻاهر. بهرحال لکمي سان ملڻ جي سِڪَ تَشنه ئي رهجي وئي. هن جو ڪيل اهڙو ڪم ڏسي اسان جي دل ۾ هن لاءِ احترام ويتر وڌي ويو.
”بهتر اهو آهي ته ڪلڪتو يونيورسٽي سڀاڻي هلجي.“ ڊاڪٽر شانتو، جيڪو مسلسل خاموش هو، تنهن راءِ ڏني. دير به گهڻي ٿي چڪي هئي، اُن ڪري سڀ هن سان متفق ٿيا. اهو فيصلو ڪري سڀ فليٽ تي موٽي آياسين. پولي اسان کان موڪلائي پنهنجي فليٽ ڏانهن ڊوڙي وئي. ”ياد رکجو، اڄ شام مون بنگال جي موجوده دؤر جي وڏي ۾ وڏي شاعر سنکا گهوش سان توهان جي ملاقات جو ٽائيم رکيو آهي. پاڻ کي اوڏانهن هلڻو آهي.“
”هيءَ ته ڪا عجيب ڇوڪري آهي!“ حسن درس پنهنجي مخصوص انداز ۾ مسڪرائيندي وڏي آواز سان چئي ٿو ۽ پولي فليٽ جو در بند ڪري هلي وڃي ٿي.
شام ٿي چڪي هئي ۽ مان فليٽ جي گيلريءَ ۾ بيهي شهر کي ڏسي رهيو هئس. هيءُ ڪلڪتو آهي. هندستان جو سڀ کان وڏو شهر، جنهن کي ڊامنڪ ليپئر “City of Joy” سڏيو آهي. هيءُ شهر هر قسم جي ماڻهن لاءِ پنهنجي اندر جاذبيت جو وڏو سامان رکي ٿو. اولهه جا جپسي هن شهر کي “Magical Paradoxical City” سڏيندا آهن. هر قسم جي ماڻهن لاءِ هن شهر ۾ خاص قسم جي ڇِڪَ ۽ رومانس آهي. اسان جهڙن ماڻهن لاءِ هن شهر جي عظمت جي دليل لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته هيءُ گرديو ٽئگور، سوامي وويڪانند، ايم اين راءِ، ستيه جيت ري ۽ مادام ٽيريسا جو شهر آهي. هن ئي شهر جي گهٽين ۾ گرديو کيڏيو ۽ سندس اندر جو فنڪار جوان ٿيو. مون ڪٿي پڙهيو هو ته ٽئگور کان سندس آرٽسٽ بڻجڻ جو راز پڇيائون ته هن جواب ۾ چيو هو ته، ”ڪلڪتي جو آسمان ايڏو خوبصورت هوندو آهي، جو اهو هر آرٽسٽ کي پنهنجو ڪينواس آڇي ٿو ۽ منهنجي اندر جو آرٽسٽ سڀ کان پهرين پنهنجين نظرن ۽ تصورن سان ڪلڪتي جي آسمان جي ڪينواس تي تصويرون ٺاهڻ سکيو.“ هن ئي شهر جي ماحول کان متاثر ٿي ستيه جيت ري دنيا کي لافاني ۽ شاهڪار آرٽ فلمون ڏنيون. هن ئي شهر مان ننڍي کنڊ جي سياسي ۽ علمي سجاڳيءَ جا پهريان ڪِرڻا نمودار ٿيا ۽ اڄ به هن ئي شهر جي رستن تي مادام ٽيريسا جا مسيحائي ۽ ٻاجهارا قدم هلندا هوندا.....
فليٽ جو در کڙڪيو ۽ منهنجين سوچن جو سلسلو ٽُٽي ويو. در کوليان ته پولي سائي رنگ جي ساڙهي پايو، پنهنجي مخصوص ۽ بااعتماد انداز سان مُسڪرائي رهي هئي. جيتوڻيڪ هوءَ نهايت پڙهيل ڳڙهيل ۽ گُجَر ڇوڪري آهي، پر پوءِ به هن جي مُرڪڻ ۾ هڪ خاص ادا ۽ شرميلوپن آهي. اهو شرميلوپن ئي ته هندستان جي روح ۽ سڀيتا جي معصوميت جي سڃاڻپ آهي. مون کان به رهيو نه ٿيو. کيس چيم: ”اسان سنکا گهوش (Sankha Ghosh) ڏانهن وڃي رهيا آهيون يا تنهنجي ڪنهن......!“
هوءَ وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي، ”نه نه، اسان سنکا گهوش ڏانهن ئي هلي رهيا آهيون.“ هوءَ سائي رنگ جي ساڙهيءَ ۾ ملبوس، نرڙ تي ساڳئي رنگ جي بنديا لڳايو ڏاڍي سُندر لڳي رهي هئي. ننڍڙو قد ۽ بُت ۾ ڀريل، جهڙي ڪا گُڏي هجي. چهري تي به ساڳي گُڏين واري سنجيدگي ۽ معصوميت. پوليءَ کي ڏسي مون کي يانگ مُو (چيني ليکڪا) جي ناول ”نوجوانن جو گيت“ (Song of Youth) واري انقلابي ڇوڪري تاؤ ڇينگ ياد ٿي آئي. ايڏي پُرجوش، زندهه دل، مخلص ۽ ڊائنمڪ ڇوڪري- پاڻ اڃا تاؤ ڇينگ کان به ٻه هٿ اڳتي. اسان به تيار هئاسون، سو گڏجي فليٽ کان ٻاهر نڪتاسون. شام لڙي چڪي هئي ۽ شهر ڪنهن ٿڪل مسافر جيان ٿي لڳو. پِيلو پِيلو ۽ اُٻاڻڪو، ڄڻ ڪا شيءِ وڃائجي وئي هجيس، ڄڻ کيس ڪنهن جو انتظار ۽ اوسيئڙو هجي ۽ ڪو پرين ساڻس واعدو ڪري نه آيو هجي. جيئن ٽئگور چيو آهي:

”اي انسان!
مان توکي ڏاهو تڏهن مڃان
جڏهن
مون کي ٻُڌائي سگهين ته
شام جي رنگ ۾
اُداسي ڇو هوندي آهي؟“
ڪلڪتي جي رستن تي گورا (انگريز) گهڻا ٿي نظر آيا. مون ساءِ من راءِ کان ان جو سبب پڇيو. هو کِلندي چوي ٿو: ”هيءُ نومبر جو مهينو آهي ۽ بنگال ۾ نومبر کان سرديون شروع ٿي وينديون آهن. توهان کڻي بنگال ٻيءَ نيت سان گهمڻ آيا آهيو پر هن موسم ۾ انگريز گهڻي ڀاڱي هتي عياشيءَ لاءِ ايندا آهن، جو ڪلڪتو وئشيائن جو شهر آهي.“ هن جو جواب مون کي ڏاڍو دلچسپ لڳي ٿو. ”ڪلڪتو وئشيائن جو شهر آهي؟“ ڪلڪتي کي سڄي هندستان ۾ ڪميونسٽن جو شهر سڏيندا آهن، پر هڪ شاعر ان کي وئشيائن جو شهر سڏي رهيو هو. مان جي ڪلڪتي بابت پوليءَ يا شانتو کان پڇان ها، ته هو اُن جو جواب شايد ٻيءَ طرح ڏين ها، پر اهو هڪ شاعر جو جواب هو. نظر نظر جي ڳالهه آهي. غلط ڪوبه ناهي. ڪلڪتي جي وئشيائن بابت ته اسان کي دهليءَ ۾ لڇمڻ ڪومل به ٻُڌايو هو، ته ڪيئن نه اُتي غربت جون ماريل نوجوان بنگالي نينگريون چند رپين جي عيوض پنهنجا ناسي گلابن (Brown Roses) جهڙا بدن جنسي بُکين کي آڇينديون آهن. ”ڇا اولهه بنگال جي ڪميونسٽ حڪومت اهي جنسي واپار جا اَڏا بند نه ٿي ڪرائي سگهي؟“ مان ساءِ من راءِ کان پڇان ٿو. ”اهو سوال توهان باسو ديو کان ملاقات ۾ ضرور پُڇجو.“ هو منهنجي سوال جو عجيب جواب ڏئي ٿو.
سَٺ جي ڏهاڪي ۾ جڏهن اولهه ۾ بوهيمن جو لاڙو وڌي رهيو هو ته انگلينڊ جي ڪجهه دانشورن دنيا ۾ ٿيندڙ جنسي واپار (Prostitutions) جي خلاف وڏي مهم هلائي ۽ تنهن زماني ۾ هنن جو هڪ نعرو ڏاڍو مشهور ٿيو هو ته: ”جيسين دنيا ۾ هڪ به چڪلو يا پنهنجو جسم ڏوڪڙن عيوض آڇڻ ۽ خريدڻ وارو انسان زندهه آهي، تيسين دنيا کي مهذب سڏي نٿو سگهجي.“ مون کي اهو نعرو بيحد وڻندو آهي ۽ دنيا لاءِ ان ۾ وڏو سوچ جو سامان نظر ايندو آهي، پر اڄوڪي دؤر ۾ اهڙا نعرا جديد دؤر جي هنگامه خيزين ۽ بُڇڙاين آڏو بي اثر بڻجي ويا آهن.
اسان واڪ ڪندي اڳيان وڌي رهيا هئاسون. هڪ هنڌ ماڻهن جو وڏو ميڙ نظر آيو. حسن درس، پوليءَ کان ان بابت پُڇي ٿو: ”هيءُ اسٽريٽ ٿيٽر آهي. اهي ٿيٽر به ڪلڪتي جي خاص سڃاڻپ آهن. ڪلڪتي ۾ اهڙيون اڪيچار فنڪارن جون تنظيمون آهن، جن جو ڪم ئي رات جو رستن تي سماجي ۽ سياسي مسئلن تي ناٽڪ منڊليون رچائڻ آهي.“ هوءَ ٻُڌائي ٿي ۽ اسان جي دلچسپي ان ۾ ويتر وڌڻ لڳي ٿي. جيئن جيئن اسان شهر گهمي رهيا هئاسون، تيئن تيئن ڪلڪتي جا انيڪ روپ اسان تي واضح ٿي رهيا هئا. شاعر، اديب، ڪامريڊ، مٺايون، ٽرام، ڳاڙها جهنڊا، انساني ڪلهن تي هلندڙ ٽانگا، وئشيائون، چڪلا، اسٽريٽ ٿيٽر- اِهي سڀ ڪلڪتي جا مختلف روپ هئا. زندگي به ته ايئن ئي آهي ڪلڪتي وانگر! ڪٿي اُجري اُجري، ڪٿي سانوري سانوري، ڪٿي پوڙهين وِکن جهڙي ٿڪل ٿڪل ۽ جهيڻي، ڪٿي ڇِرڪيل هرڻين جي نگاهن جهڙي تيز ۽ تِکي، ڪٿي ايذائيندڙ، بدصورت ۽ ڀوائتي ته ڪٿي شفيق، ٻاجهاري ۽ دلپذير، ڪڏهن سرءُ جي سرينهن جهڙي اُداس ۽ ڇڻيل ته ڪڏهن سانوڻ ۾ نم جي ڇانوَ جهڙي گهاٽي ۽ ٿڌي. زندگي به ته ايئن آهي. شيلي کان ڪنهن قنوطيت پسند دانشور پڇيو: ”زندگيءَ ۾ ايڏا تضاد آهن، اها ايڏي بدصورت آهي، پر پوءِ به تون رومانويت پسند آهين ۽ رومانوي شاعري ٿو ڪرين.“ هن ان جو نهايت خوبصورت جواب ڏنو، چيائين: ”زندگي مون لاءِ ڪنهن محبوبه جيان آهي، ان ڪري مان ان جي سڀني پاسن کي ان جون ادائون سمجهندو آهيان ۽ محبوب جون ادائون ڀل ته بي پرواهه ۽ ظالم ڇو نه هجن، پر اُهي پوءِ به وڻنديون ته آهن.“
سامهون هڪ مزدور سبزيءَ جو وڏو ۽ سامان سان ڀريل گاڏو پنهنجن ڪُلهن جي زور تي گِهلي وڃي رهيو هو. مون سوچيو، ڇا شيلي وانگر هن مزدور لاءِ به زندگي ڪنهن محبوبه جيان هوندي ۽ ان جا ڏک هن لاءِ به محبوبه جي ادائن جي حيثيت رکندا هوندا؟ اها ئي ته زندگيءَ جي ٽريجڊي آهي، جو ان جون معنائون سڀني لاءِ ساڳيون ٿي نه ٿيون سگهن. مان جڏهن 1989ع ۾ ٿائيلينڊ ويو هئس ته واپسيءَ ۾ ٽرانزٽ تي ٽي ڏينهن هانگ ڪانگ ۾ به رهيو هئس. مون سان گڏ منهنجا ٻه نيپالي دوست روماني، راجن ۽ هڪ جاپاني ڇوڪري يوڪي (Yuki) به گڏ هئا. اسان روز رات جو ڪولون اسٽريٽ تي گهمڻ ويندا هئاسون. هانگ ڪانگ جي ڪولون اسٽريٽ رات جو ڪنهن نئين سهاڳڻ جيان پئي ٻهڪندي ۽ جرڪندي هئي. هر طرف روشنيون، ڪلبون ۽ اُنهن ۾ مدهوش رقص هوندا هئا ۽ فوٽ پاٿن تي انڌا چيني فقير مينڊولين جهڙا چيني ساز وڄائي، هر ايندڙ ويندڙ کان خيرات گهُرندا هئا ۽ مان دل ۾ سوچيندو هئس، ڇا هنن انڌن فقيرن لاءِ به زندگيءَ ۽ ڪولون اسٽريٽ جي رنگينين جي ڪا معنيٰ هوندي؟ خبر ناهي ڪهڙي شاعر چيو هو ته جڏهن مان دنيا ۽ زندگيءَ کي ڏسان ٿو ته ڪافر ٿي پوان ٿو، ڇو ته ڪوبه خالق پنهنجيءَ تخليق لاءِ ايڏو بي رحم ۽ ظالم ٿي نه ٿو سگهي.
وي آءِ پي روڊ جي ساڄي طرف هڪ وڏي اپارٽمينٽ وٽ پوليءَ اسان کي بيهڻ لاءِ چيو. اسان ان بلڊنگ تي هڪ نظر وڌي، جنهن جي مٿان وڏن اکرن سان لکيل هو: “Iswar Chandra Nivas”. ”اسان جو اهو شاعر هن بلڊنگ ۾ رهندو آهي.“ پولي فخر وچان چئي ٿي. اسان لفٽ ۾ چڙهي مٿي وڃڻ لڳاسون. پوليءَ ڇهه نمبر بٽڻ کي دٻايو، جنهن جو واضح مطلب هو ته سنکا گهوش ڇهين فلور تي رهندو آهي. لفٽ ۾ اسان سان گڏ هڪ پڪي عمر جي نهايت سُهڻي بنگالي عورت به چڙهيل هئي. دل چيو ڇهون فلور اچي ئي نه، بس لفٽ هلندي ئي رهي، ڪنهن بي منزل مسافر جيان! ڇا ته زائفان جو قد، منجهس ڏيا ۽ سندس ڏيلُ هو. مٿان وري هن کي به سائي رنگ جي ساڙهي پهريل هئي. اصل بيد مُشڪ (يوڪلپٽس) جو ڪو ڊگهو ۽ گهاٽو وڻ لڳي پئي، پر اُنهي نڀاڳي ڇهين فلور کي اچڻو هو، سو آيو. وتائي فقير جي ڳالهه وانگر ”نه مُڙيو، اصل نه سَٺائين.“ ڇهين فلور جي هڪ فليٽ تي پهچي پوليءَ گهنٽي وڄائي. ڪجهه ئي لمحن ۾ هڪ بنهه سادو شخص سفيد پهرياڻ ۽ پاجامي ۾ ملبوس، مرڪندڙ چپن ۽ آجيان ڪندڙ نگاهن سان در تي اچي ٿو ۽ اسان سڀني کي اندر وٺي وڃي ٿو. پولي اسان کي نظرن ئي نظرن ۾ اشارو ڪري ٿي، جنهن جو مطلب هو ته اهو شخص ئي بنگال جو، موجوده دؤر جو وڏو شاعر سنکا گهوش آهي. هو اسان کي هڪ ڪمري ۾ وٺي وڃي ٿو، جتي هڪ بيڊ، ڪجهه ڪرسيون ۽ باقي هر هنڌ رڳو ڪتاب ئي ڪتاب آهن. بلڪل ايئن جيئن حيدرآباد ۾ اسان جي ابراهيم جويي صاحب جو ڪمرو هوندو آهي. وچ ۾ هڪ بيڊ ۽ چوڌاري رڳو ڪتاب ئي ڪتاب. ڪمري جو ڪتابي ماحول ڏسي اسان تي خودبخود سنجيدگي طاري ٿي وڃي ٿي. ڪمري ۾ گهڻي ڀاڱي ڪتاب پيل هئا، اُن ڪري سندن رنگ ميرانجهڙو ٿي ويو هو. دل چيو، سنکا گهوش کان پڇان: ”بنگال جا ڪتاب به سانورا ٿيندا آهن ڇا؟“ هو اسان سان خوش خير عافيت ڪري ٿو ۽ پوليءَ سان بنگله ڀاشا ۾ ڪجهه ڳالهائي ٿو. پوليءَ هن سان حُجائتو ٿي ڳالهايو، جنهن مان واضح هو ته هن جا ساڻس سُٺا مراسم هئا. پولي واري واري سان ساڻس اسان جو تعارف ڪرائي ٿي ۽ کيس حسن درس بابت ٻُڌائي ٿي ته هيءُ به شاعر آهي. هو اسان سان مخاطب ٿئي ٿو، ”توهان سُٺو ڪيو جو بنگال گهمڻ آيا آهيو. ننڍي کنڊ جي مختلف ٻولين ۽ خِطن جي ماڻهن کي هڪٻئي جون ثقافتون ڏسڻ گهرجن. سڀيتا ۽ سماجي زندگيءَ جي لحاظ کان هونئن ننڍو کنڊ هڪڙي سڀيتڪ Entity آهي. ”ڀلا توهان کي بنگال گهمندي ڪيئن ٿو لڳي؟“ هو اسان کان پڇي ٿو.
”بنگال گهمڻ اسان لاءِ ڄڻ ته رومانس آهي.“ مظفر کيس ٻُڌائڻ شروع ڪري ٿو، ”اسان چاهينداسون ته توهان اسان کي بنگال ۽ ڪلڪتي بابت وڌيڪ ٻُڌايو. اسان لاءِ سچ پچ به خوشنصيبيءَ جي ڳالهه آهي، جو اسان جي ملاقات توهان جهڙي وڏي شاعر ۽ اسڪالر سان ٿي رهي آهي.“ مظفر کيس اسان جي جذبن کان آگاهه ڪري ٿو. ايتري ۾ مٺاين ۽ چانهن جي ٽري اچي ٿي. ”بنگالي ٻيو ته ٺهيو، چانهن سان به مٺايون ٿا کائين.“ حسن منهنجي ڳالهه تي کِلي پوي ٿو ۽ چوي ٿو، ”شايد توتي ويا آهن.“
سنکا گهوش جي رويي مان لڳي رهيو هو ته هو اسان جي وٽس اچڻ تي گهڻو خوش ٿيو هو. هن پهرين اسان کان دهليءَ ۽ ٻئي سفر جا حال احوال ورتا ۽ پوءِ پنهنجي پوري سنجيدگيءَ سان ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو: ”هندستان جي جديد تاريخ ۾ بنگال جي وڏي حيثيت آهي ۽ ان ۾ به وري ڪلڪتي جي بنيادي حيثيت آهي. جڏهن ته شايد توهان کي خبر هجي ته ڪلڪتو شهر ايترو پراڻو به ناهي، جيئن دهلي، بمبئي ۽ لکنئو يا هندستان جا ٻيا شهر آهن. ڪلڪتي جو تاريخ ۾ پهريون ذڪر يا نشان 1596ع ۾ آئينِ اڪبري ۾ ملي ٿو. هن شهر جو هندستان جي جديد سياسي تاريخ ۾ ان ڪري به وڏو ڪردار رهيو، جو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پنهنجا پهريان قدم به هتي رکيا. اها به هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي. چيو ويندو آهي ته ڪلڪتي کي مغل بادشاهن هڪ انگريز ڊاڪٽر جي پرچيءَ جي معاوضي طور سندن حوالي ڪيو هو. 1740ع ۾ گيبرئيل بائوگٽن (Gabriel Boughton) نالي هڪ ڊاڪٽر، مغل بادشاهه شاهجهان جو علاج ڪيو ۽ کانئس معاوضي طور ڪلڪتي ۾ واپار جي اجازت گهري، جيڪا هن ڏيئي ڇڏي. مغل بادشاهن وٽ ايترو عقل ئي نه هوندو هو، جو هو مستقبل ۾ ان جي نتيجن جو ادراڪ رکي سگهن ها ۽ ايئن ڪلڪتو واپار جي نالي ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي حوالي ٿيو ۽ هندستان جي تاريخ هڪ نئون موڙ کاڌو.“ هو هڪ اسڪالر جيان ڳالهائي رهيو هو ۽ اسان کيس وڏي دلچسپيءَ ۽ غور سان ٻُڌي رهيا هئاسون.”بنگال شروع کان هڪ ڊائنمڪ ڪلچر رهيو آهي. ان ڪري بنگال ان تبديليءَ جا ڪيترا مثبت اثر به قبول ڪيا. مثال طور بنگال هندستان جو پهريون خِطو هو، جنهن مغربي تهذيب ۽ ڪلچر جا اثر قبوليا. هيءُ ننڍي کنڊ جو پهريون علائقو هو، جتي ادارن جا بنياد پيا. 1784ع ۾ ئي هتي “Royal Asiatic Society” جا بنياد پيا، جنهن کي هاڻي هتي “Asiatic Society” چيو وڃي ٿو. ان ئي سوسائٽيءَ هتي ڪيترن ئي سائنسي علمن جي تعليم کي متعارف ڪرايو. راجا رام موهن راءِ، جيڪو هن شهر ۾ رهندو هو، تنهن جي مذهبي، سماجي ۽ تعليمي سُڌارن 19هين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ هتي وڏيون ذهني تبديليون آنديون. سوامي وويڪا نند جو ڪردار توهان جي سامهون آهي. مغربي طرزِ تعليم جو پهريون ادارو، جنهن کي بعد ۾ پريزيڊنسي ڪاليج سڏيو ويو، سو به 19هين صديءَ جي شروع ۾ پهرين هتي قائم ٿيو. اُنهن سُڌارن جي نتيجي ۾ هتي سياسي شعور جي هڪ لهر اُڀري. 19هين صديءَ جي وچ ڌاري هتي قومي شعور به پوريءَ شدت سان اُڀريو ۽ دراصل اُهو ئي شعور هو، جنهن 1885ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو بنياد وڌو ۽ اها ئي تحريڪ ۽ شعور هو، جو انڊين نيشنل ڪانگريس جي قيام جي تقريبن سَٺ سالن کان پوءِ هندستان آزاد ٿي ويو. توهان کي مان دلچسپ ڳالهه ٻُڌايان ته هندستان جي پهرين اخبار به “Hickey’s Gazette” جي نالي سان 1779ع ۾ ڪلڪتي کان جاري ٿي. ايئن توهان ڏسندؤ ته هندستان ۾ پهرين نئين سجاڳي (Renaissance) به سڀ کان پهرين هتي يعني بنگال ۾ آئي. سياست، صحافت، معيشت سان گڏ ادب ۽ ٻين فائن آرٽس جي شعبن ۾ به ايئن ٿيو. جديد هندستاني ادب ۾ بنڪم چندرا چيٽر جي ناول ”بندِ ماترم“ کي پيڙهه جو پٿر تسليم ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو به 1885ع ۾ يعني ٽئگور کان فقط چار سال پهرين لکيو ويو. هندستان ۾ ادب جو پهريون نوبل انعام به ٽئگور کي مليو. ٽئگور کان پوءِ به بنگال ادب جي ميدان ۾ جيواننداس، شرٽ چندرا چاٽو پاڌياپا ۽ بڀوتي ڀوشن باندو پاڌيا (مشهور ڪتاب “Apu Trilogy” جو ليکڪ) جهڙا وڏا اديب پيدا ڪيا آهن. اُن ڪري جيڪڏهن توهان کي هندستان جو اڀياس ڪرڻو آهي ته ان لاءِ توهان کي بنگال جي تاريخ ۽ ڪردار کي ضرور جاچڻو ۽ ڏسڻو پوندو.“
ٻئي ڪمري ۾ فون جي گهنٽي وڄي ٿي ۽ هو ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي ان ڪمري ڏانهن اُٿي وڃي ٿو. سنکا گهوش جي اهڙي ڪچهري رڳو اسان لاءِ نه پر اسان محسوس ٿي ڪيو ته خود پوليءَ، شانتو ۽ ساءِ من راءِ وارن لاءِ به وڏي دلچسپيءَ جو باعث بڻجي رهي هئي. جاپاني هائيڪي ۽ پشتو ٽپي جيتري ٽِڻڪ پولي وچ وچ ۾ مستيون مذاق ڪري ماحول کي رليڪس ڪندي، سنکا گهوش کي پنهنجي شاعري ٻُڌائڻ لاءِ چوي ٿي، جيڪو ٻئي ڪمري مان واپس موٽي آيو هو. هو اسان کي پنهنجي شاعري ٻُڌائي ٿو ۽ گڏوگڏ ان جو ترجمو به. ايئن اسان جي ڪچهري هلندي رهي ٿي. مظفر کانئس پڇي ٿو: ”ڇا توهان هن صديءَ جي سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز کي سڃاڻو ٿا؟“
”نه مون صرف شاهه لطيف جي باري ۾ ٻُڌو ۽ کيس ڪجهه پڙهيو آهي، ترجمي جي صورت ۾. باقي اياز کي نه سڃاڻان. ڇا هن جي شاعري انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي آهي؟“ هو پڇي ٿو. مظفر کيس ناڪار ۾ جواب ڏئي ٿو.
اياز جي وڏي بدقسمتي ئي اها آهي، جو هڪ ته هُن کي ڪو پنهنجي سطح جو اهڙو نقاد نه مليو، جيڪو هُن کي پنهنجو خاص موضوع بڻائي ها ۽ ٻيو هو ترجمو نه ٿيو، نه ته اڄ اياز جو قد گهڻو مٿي هجي ها. اياز جي بچاءَ ۾ ته گهڻن لکيو، پر اياز جي شاعريءَ جو پنهنجو اڀياس ان سطح جو نه ٿيو. اقبال ۽ فيض کي ان سطح تي سندن نقادن آندو. اقبال کي ڊاڪٽر مير عليم الدين، مير رفيع الدين، ڊاڪٽر يوسف حسين خان جي سطح جا نقاد مليا ۽ فيض ته پنهنجي دؤر جي بين الاقوامي سطح جي ادبي اسڪالرن ۽ نقادن جو موضوع رهيو. اياز پاڻ به ته ”سنڌي“ ٿي رڳو ”گهر“ ۾ ويهي رهيو. فيض سڄيءَ دنيا ۾ ويندو هو. پنهنجي دؤر جي عالمي سطح جي اسڪالرن ۽ اديبن ۽ شاعرن سان هن جا مراسم هئا. نرودا، محمود درويش، رسول حمزه توف هن جا گهرا ذاتي دوست هئا ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته فيض کي دنيا ۾ ڪيتري نه پذيرائي ملي. ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ته ڪو فڪر ۽ فن مڃتا جا محتاج آهن، پر جنهن سطح جو فڪر يا فن هجي، ان کي پنهنجا همه گير اثر ڇڏڻ لاءِ ميدان به اوترو وسيع ملڻ گهرجي، نه ته ”جنگل مين مور ناچا ڪس ني ديکا“ واري ڳالهه ٿيندي. مثلن مظهر لغاريءَ جو رڳو هڪڙو نظم ”ٽڙڻ جا ڏينهن هيا پر اسين ڇڻيا آهيون“ منهنجي خيال ۾ سنڌ ۽ پاڪستان ته ڇا پر دنيا جي شاهڪار مزاحمتي نظمن مان هڪ آهي، پر مسئلو ساڳيو Exposure جو آهي. پست ۽ غلام معاشرن ۾ اجتماعي طرح جيڪي ڪمزوريون پيدا ٿينديون آهن، اُنهن ۾ هڪ احساسِ ڪمتري به آهي. اهو گهٽتائيءَ جو احساس غلام ۽ پست معاشرن جي تحت الشعور ۾ ويهي رهندو آهي. اسان سان به ڪجهه ايئن آهي. جن معاملن ۾ اسان پوئتي پيل آهيون، اُهي اسان کي تبديل ڪرڻ ۽ سُڌارڻ گهرجن ۽ جن معاملن ۾ اسان دنيا جهڙا آهيون، اُنهن کي شعوري طرح اڳتي آڻڻ گهرجي، ايئن ئي پوئتي پيل سماجن جو مورال مٿي ٿيندو آهي. منهنجو امير علي چانڊيي سان ان ڳالهه تي جهيڙو رهندو آيو ته هو ٻيا ڪم ڇڏي سنڌي ادب جا شاهڪار انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري. امير علي ۾ اها صلاحيت هئي ۽ هُو اهو ڪم بخوبي سرانجام ڏئي سگهي، پر هن جي صحت ۽ ملازمت شايد هن کي اها اجازت نه ڏني. امير علي صاحب جهڙي اسڪالر ماڻهوءَ کي پوليس جهڙي شعبي ۾ نه وڃڻ کپندو هو. هن جهڙو ڏاهو ماڻهو يونيورسٽيءَ ۾ ادب يا فلسفي جو پروفيسر هجي ها ته وڏا وڏا ڪارناما سرانجام ڏئي ها. ماڻهوءَ کي پروفيشن جي چونڊ پنهنجي مزاج ۽ ذهني رجحان موجب ڪرڻ گهرجي، نه ته هو ڪي سُٺا نتيجا ڏئي ڪونه سگهندو.
سنکا گهوش اسان کي سنڌي شاعريءَ مان چونڊ شيون ٻُڌائڻ لاءِ چوي ٿو. حسن درس هن کي حسن مجتبيٰ جو نهايت خوبصورت نظم ”هيءَ هوا ڪنهن رولاڪ شاعر جي مثال“ ٻُڌائي ٿو ۽ مان کيس انگريزيءَ ۾ ان جو ترجمو ڪري ٻُڌايان ٿو. نظم سنکا گهوش کي ڏاڍو وڻيو. اهو ساڳيو نظم حسن دهليءَ ۾ امرتا پريتم کي به هن جي چوڻ تي ٻُڌايو هو ته هوءَ ايترو متاثر ٿي هئي، جو مون کان پنهنجي ڊائريءَ تي ترجمي سميت لکائي ورتو هئائين. حسن مجتبيٰ جا نظم گهڻا ناهن، پر اُهي سُٺا آهن. هن ۾ هڪ بهترين شاعر ۽ ناول نويس جون صلاحيتون آهن پر هن پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي شاعريءَ ۽ فڪشن بجاءِ صحافت جي ميدان تي صَرف ڪري ڇڏيو. هن جو نثر صحافت کان وڌيڪ افسانوي ادب جي ويجهو آهي. هو ٿورو ڌيان ڏئي ته بهترين ناول نويس ٿي سگهي ٿو. حسن مجتبيٰ سان منهنجي پهرين ملاقات 1987ع ۾ تڏهن ٿي هئي، جڏهن مدد علي سنڌي عبرت مئگزين ايڊٽ ڪندو هو ۽ مجتبيٰ ساڻس گڏ ڪم ڪندو هو. مدد علي سنڌيءَ سان منهنجي دوستي هئي، اُن ڪري مان جڏهن به وٽس ويندو هئس ته مجتبيٰ سان به ملاقات ٿيندي هئي. تڏهن جسم ۾ اَڀرو هوندو هو ۽ عجيب و غريب اسٽائيل اختيار ڪندو هو. ڪڏهن وڏيون وڏيون مُڇون ته ڪڏهن فرينچ ڪٽ ڏاڙهي، جينس ۽ سفيد پهراڻ پهريل، سندس لوڏ به پري کان پڌري- پري کان کيس ايندي ڏسبو هو ته خبر پئجي ويندي هئي ته مجتبيٰ پيو اچي. مجتبيٰ مئگزين جو انگريزي حصو ايڊٽ ڪندو هو. تڏهن هن صحافت ۾ اڃا پاڻ ايتري وڏي سطح تي نه مڃرايو هو ۽ مان کيس هڪ قابل صحافيءَ بدران هڪ سُٺي شاعر طور سڃاڻندو هئس. پوءِ اڳتي هلي هن صحافت جي شعبي ۾ ته پاڻ مڃرايو ۽ هڪ تخليقي ڪالم نگار توڙي رپورٽر طور سامهون آيو، پر شاعر مجبتيٰ آهستي آهستي گم ٿي ويو. منهنجي خيال ۾ هو پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي اخباري ڪالمن جي صورت ۾ سستي اگهه تي خرچ ڪري رهيو آهي، پر صحافت هڪڙو رومانس ۽ سحر آهي، جنهن مان گهٽ ماڻهو نڪري سگهندا آهن. ايئن سنکا گهوش سان اسان جي ڪچهري دير تائين هلندي رهي. مون کيس ٻُڌايو ته سنڌيءَ ۾ بنگالي ادب تمام گهڻو ترجمي جي صورت ۾ شايع ٿيو آهي. نه رڳو ٽئگور پر هن کان پوءِ جي بنگالي اديبن مان شنڪر بئنرجي، ماڻڪ بئنرجي، بمل متر، پرميندر متر ۽ اشا پورڻا ديويءَ جون ڪافي لکڻيون سنڌيءَ ۾ شايع ٿيل آهن. اهو ٻُڌي هو بيحد خوش ٿيو. اسان کانئس موڪلائڻ چاهيو. هن اسان کان واعدو ورتو ته اسان کيس چونڊ سنڌي نظم انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري موڪلينداسون. اسان ساڻس واعدو ڪري موڪلايون ٿا ۽ واپسيءَ تي هڪ چائنيز ريسٽورانٽ ۾ ماني کائي واپس فليٽ تي موٽي اچون ٿا. اهو نومبر جو مهينو هو ۽ جيئن جيئن رات لڙندي ٿي وئي، تيئن تيئن بنگال ٺرندو ٿي ويو. مان گئلريءَ ۾ اچي بيٺس. سڄو بنگال سمهي رهيو هو، پر آسمان تي چنڊ جاڳي رهيو هو. ڄڻ کيس ڪا لاحاصل جستجو هجي. مون کي هڪ دفعو وري لفٽ ۾ مليل اها حَسين بنگالي عورت ياد اچڻ لڳي، جنهن جي پيشانيءَ جي آڪاش تي بنديا، ڪنهن چوڏهينءَ جي چنڊ جيان چمڪي رهي هئي. بَلي- ڪيڏي نه حُسناڪ عورت هئي.

عالمي امن ۽


عالمي امن ۽
روشن خياليءَ جو شاعر – شيخ اياز
فياض لطيف

مهذب سماج، ملڪ ۽ قومون، پنهنجي قلمڪارن، عالمن ۽ دانشورن وسيلي سڃاتيون وينديون آهن. جيئن ڪنهن به ملڪ جي سرحدن جا محافظ ان ملڪ جا جوڌا جوان ۽ جرنيل هوندا آهن، ائين ئي قومن جي وقار، تهذيب، تمدن، ڪلچر، ٻولي ۽ ادب جي بقا جو ضامن، ان ملڪ جو اديب، شاعر ۽ سرجڻهار طبقو هوندو آهي.
ڪنهن به سماج، قوم ۽ ملڪ ۾ هڪ عظيم ۽ آدرشي قلمڪار جو ڪردار ۽ موجودگي ڪنهن وڏي وٿ جيان ٿي هُجي. سماجن ۾ عام فردن جو جنم افرادي قوت ۽ تعداد ۾ اضافي کان سواءِ وڌ ۾ وڌ اهو ئي ڪارج ۽ ڪردار ادا ڪري سگهندو آهي، جو سماج جي روايتي ڌارا جو حصو بڻجي، پنهنجي حصي جو ڪم سرانجام ڏئي سگهندو آهي، پر هڪ سرجڻهار ۽ آدرشي انسان پوري ملڪ، قوم، سماج ۽ ماڻهپي جو طرفدار ۽ داعي هئڻ سان گڏوگڏ پنهنجي وجود ۾ عملي ۽ انقلابي به هوندو آهي، انهيءَ ڪري عظيم ۽ آدرشي سرجڻهار نه صرف ڪنهن هڪ ملڪ، ڪنهن هڪ قوم ۽ ڪنهن هڪڙي سماج جو سرمايو هوندا آهن، پر اهي عالمِ انسانيت جو املهه اثاثو هجن ٿا. انهيءَ ڪري ئي سولزي نٽسن چيو آهي ته: ”هڪ سچو اديب هڪ حڪومت جي طاقت برابر هوندو آهي.“
ڪنهن به ملڪ ۽ قوم ۾ عظيم ۽ آدرشي انسان روز بروز پيدا نه ٿيندا آهن. انهن جي جنم لاءِ ڌرتيءَ کي سالن ۽ صدين جا اوسيئڙا ۽ اوجاڳا ڪرڻا پوندا آهن. تاريخ ۽ تهذيب، امن ۽ آشتي، سندرتا ۽ سچ، محبتون ۽ آجپو انهن جي آمد لاءِ عرصي تائين منتظر رهندا آهن ۽ جڏهن انهن جو جنم ٿيندو آهي، تڏهن اهي نه فقط پنهنجي دؤر جا ساکي ۽ سرواڻ بڻجي پيدا ٿيندا آهن، پر هو پنهنجيءَ ذات ۽ حيات ۾ ماضيءَ جي تاريخ ۽ تهذيب جو تسلسل، نئين ۽ روشن خيال فڪر جا ترجمان ۽ ايندڙ وقت جي حالتن جو ادراڪ ۽ احساس رکندڙ، اهڙا پُر دماغ ۽ پُر بصيرت پُرش ٿي اُڀرندا آهن، جن جو عمل ۽ ويچار نه فقط پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ رهنمائيءَ ۽ راهه جو مثال بڻجي پوندو آهي، پر انهن جي تخليقي صدا سمورين مظلوم قومن ۽ عالم انسانيت جي آواز ۽ احساس جي ترجمانيءَ جو حق به ادا ڪندڙ هوندو آهي.
قومن ۽ سماجن جا اهي مُحسن فرد، پنهنجي وجودن ۾ سراپا سمونڊ ۽ فڪري سرڪشي جو نمونو هوندا آهن. هو پنهنجي دؤر جي رواجن، روايتن ۽ طئي ٿيل تربيتي سرشتي جي پيداوار ڪونه هوندا آهن، پر هو پنهنجي ذات ۽ زندگيءَ ۾ خود ئي راهه به هوندا آهن ته روشني به، سُرت به هوندا آهن ته سگهه به، جاڳ به هوندا آهن ته جولان به، جيت به هوندا آهن ته جرئت به، مطلب ته هو پنهنجي وجود جي قطري ۾ بحرِ بي ڪران جو محبوب مثال ٿيندا آهن.
چالو ۽ روايتي نظام ۽ سرشتا ته اڪثر گهُمنڊي، کوکلا ۽ تنگ نگاهه ماڻهو پيدا ڪندا آهن، جن جي ذهن ۽ ضمير جون دريون پوريل هونديون آهن. هو پوري زندگي پاڻ پڻي جي خول ۾ گذاري مٽيءَ ۾ مٽي ٿي ويندا آهن، پر عظيم ۽ آدرشي ماڻهو روايتي راهن ۽ مروج مرده نظامن کي ٺُڪرائي، زندگيءَ جي روشن راهن کي اپنائڻ سان گڏوگڏ ٻين لاءِ سُکُ، امن، آزادي ۽ آجپي جا خوبصورت خواب کڻي جيئندڙ هوندا آهن. هو پنهنجي ذاتي مفادن بدران قومي ۽ انساني قدرن کي اوليت ڏيندڙ ۽ اجتماعي آجپي جا پاسدار ٿيندا آهن. اتهاس جي اهڙن اڏول ۽ امر انسانن ۾ ڪي ماڻهو ته بنهه ئي بي مثال هوندا آهن، ڇو ته جيڪا حاصلات هو پنهنجي ملڪ، قوم ۽ ان سان گڏوگڏ پوري انسان ذات کي ڏئي ويندا آهن، اها حاصلات ايتري ته نرالي ۽ اَملهه هوندي آهي، جيڪا ڪنهن ٻئي انسان هٿان ناممڪن هوندي آهي. اها املهه ۽ لاڀائتي حاصلات ڪا جسماني ۽ ڌن دولت جي نه هوندي آهي، پر اها انساني شعور ۽ دانشمنديءَ جي دنيا سان لاڳاپيل ۽ خالص تخليقي ۽ ادبي نوع جي هوندي آهي.
شيخ اياز جو نالو به اهڙن آدرشي ۽ اَملهه سرجڻهارن ۾ شامل آهي، جن پنهنجي تخليقي اظهار ۽ آواز سان پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي لاچار، بيوس ۽ اٻوجهه ماڻهن جي تقديرن کي تبديل ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪيو آهي.
ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ ۾ ”شاهه، سچل ۽ سامي“ جي ٽه مورتي وڏي وقعت ۽ عظمت جي حامل آهي. انهن ٽنهي آدرشي سرجڻهارن پنهنجي قلم ۽ ڪردار سان پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ماڻهن جي مَن ۾ جيڪو شعور، سجاڳي، سُرت، امن، آجپي ۽ اخوت جو ٻج پوکيو، اهو بي مثل ۽ بي بدل آهي. ڀٽائي پنهنجي نماڻي، فڪري، نفاست ڀرئي ۽ تصوف جي گيڙوءَ رتي رنگن ۾ رتل محبتن، عبادتن، عشق، جدوجهد، قرباني ۽ پنهنجن ماڻهن ۽ عالمِ انسانيت سان اُنس جو درس ڏنو آهي ته درازن جي تاج ڌڻي سچل سرمست، منصوري مستي ۽ عارفانه عشاقيءَ سان ”خود شناسي“ ۽ ”خدا شناسيءَ“ جو فلسفو ۽ فڪر سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سامي پنهنجي سلوڪن ۾ ويدانت جي ويچارن کي پنهنجي شبدن جي شاعراڻن آڱرين سان اُٿلائي پٿلائي ”مايا“ جي مُنجهيل سُٽ کي عام اڳيان سُلجهائي عيان ڪرڻ جي جستجو ڪئي آهي. توڙي جو اندازِ بيان ۽ اظهار جي حوالي سان لطيف سائين جو ”آواز“ سرمست کان ۽ سرمست جي ”صدا“ ساميءَ جي ”سلوڪن“ کان مختلف ۽ نرالي آهي، پر انهن ٽنهي جي ”سڏ، پڙاڏي ۽ پڪار“ جو فڪري ۽ احساساتي تاثر ۽ مجموعي مفهوم ”امنِ عالم، انساني اخوت، سنڌ سڪار ۽ عالم سڀ آباد“ هجڻ آهي.
”شاهه، سچل ۽ سامي“ جنهن فڪر ۽ نظريي جي نفيس ڌاڳن سان پنهنجي عشق ۽ اُنس جي آڏاڻي تي سنڌي سماج ۽ عالمِ انسان لاءِ محبتن، امن ۽ آجپي جو لباس اُڻيو آهي، شيخ اياز جديد دؤر ۾ ان فڪر ۽ نظريي جو وڏو شارح، مدبر ۽ مفسر آهي. اياز پنهنجي شاعريءَ جو تاڃي پيٽو ويدانيت ۽ وحدت الوجود جي رنگن سان گڏوگڏ جديد دؤر جي زندگيءَ جي مسئلن ۽ مامرن جي اهڙي احساساتي ۽ فڪري سنگم سان جوڙيو آهي، جو هو نه فقط هِن صديءَ جو تمام سگهارو، سُچيت ۽ عظيم شاعر ٿي اُڀريو آهي، پر سندس شاعريءَ ۾ جيڪا فڪري سگهه، سرلتا، سماجي سُرت، اندازِ بيان جي نُدرت، ٻولي ۽ خيال جي بي ساخته اُڇل، فني حسناڪي ۽ عالمِ انسانيت جو احساساتي درد ۽ اُلڪو موجود آهي، ان کي پسڻ ۽ پُرجهڻ کان پوءِ وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته ”اياز صرف موجوده صديءَ جو وڏو شاعر نه، پر صدين جو سرجڻهار آهي.“ نامياري ليکڪ تاج جويي چواڻي ”جيئن اڍائي صديون گذرڻ کان پوءِ به ڀٽائيءَ جي عظمت ۽ اهميت برقرار آهي، تيئن اياز ايندڙ صدين ۾ به زنده رهندو، ڇو ته اياز ماضيءَ جو تسلسل، حال جو ترجمان ۽ مستقبل جو رهبر شاعر آهي.“

هي سپنا منهنجي جهوليءَ ۾
هي آڌيءَ رات اُڻت لوڪو!
ڪجهه شاهه ڏني، ڪجهه شيخ ڏني
هِن سنڌڙيءَ کي صورت لوڪو!

شيخ اياز پنهنجي ڪوتائن ۾ ڪنهن حد تائين توڙي جو فڪري ۽ موضوعاتي طور ڀٽائيءَ جي صوفياڻي رنگ ۽ لوڪ داستانن کي اپنايو آهي، پر ان جي باوجود هُن پنهنجي شاعريءَ جي بدن ۾ نون احساسن، نرالين تشبيهن، انوکن استعارن، نج سنڌي ترڪيبن، تُز ٻوليءَ، حواسن کي ڇهي ويندڙ عڪسن ۽ جمالياتي منظرن کان علاوه داخلي توڙي خارجي دنيا جي هر ان ڪيفيت ۽ احساس جو روح اوتيو آهي، جنهن جو تعلق زندگيءَ سان هجي ٿو ۽ اهو عمل سچ ته اياز کي، سنڌي زبان ۾ ”شاهه، سچل ۽ سامي“ جهڙن ديو قامت ۽ عظيم شاعرن جي موجودگيءَ جي باوجود هڪ الڳ، انفرادي ۽ تمام وڏي شاعر هجڻ واري شناخت عطا ڪري ٿو.
شيخ اياز پنهنجي ڪوتا ڪتاب ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي: ”مون سنڌ جي ڪهاڻين (لوڪ داستانن) وارا سڀئي سُر ٻيهر لکيا آهن ۽ هر سُر ۾ ڪنهن خيال کي ان جي توڙ تائين رَسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون کان اڳ هر سنڌي شاعر هر سُر ۾ وحدت الوجود جي فلسفي کي پيش ڪيو آهي، پر مون هر سُر ۾ هڪ نئون خيال پيش ڪيو آهي ۽ ان جو سلسلو قائم رکي ان کي گهربل نتيجي تي پهچايو آهي. مان ڀانيان ٿو ته ماضيءَ جي ادبي روايتن کان ناتو ٽوڙڻ هڪ جذباتي غلطي ٿيندي... اهو غلط آهي ته ماضيءَ سان رشتو قائم ڪري، شاعر حال کان ڪٽجي ويندو آهي. جي هُن ۾ ڏات آهي، سچائي آهي ۽ جي هو پنهنجي ڀرپور جذبي، تجربي ۽ خيال جي گهرائي سان لکي سگهي ٿو ته هو ماضيءَ سان رشتو جوڙي به حال جو ترجمان ٿي سگهي ٿو.“
بيشڪ اياز ماضيءَ جو حال ۽ حال جو مستقبل سان رشتو جوڙي سنڌي شاعريءَ کي فڪر ۽ فن جو نئون ۽ انوکو اُفق عطا ڪيو آهي.

هيءَ جا منهنجي شاعري، ڪانڪَهه وارو لَڪُ
جنهن ۾ ڪوئي ٿڪ، مور نه ڏسندؤ ماروئو!

اديب ۽ قلمڪار پنهنجي عوام ۽ انسانيت جو ضمير ٿيندا آهن. جيڪڏهن سياستدان ۽ سماج جو ڪوئي ٻيو عام فرد وقتي حالتن سان سمجهوتو ڪري خاموشي اختيار ڪري ٿو ته اها ان جي سياسي ۽ سماجي حرفت ۽ حڪمت عملي جو حصو ٿي سگهي ٿي، پر اديب ۽ سرجڻهار لاءِ سچ جي حوالي سان خاموشي ۽ ماٺ ڪوڙ جي برابر هوندي آهي، ڇو ته هڪ ذميوار ۽ سماج وادي اديب ۽ قلمڪار جي احساس ۽ آواز سان قومي ۽ انساني آجپي جي صداقت سلهاڙيل هوندي آهي.

”ڏات وڏي شيءِ ناهي
پر سچ وڏي شيءِ آهي
۽ جو سچ مچائي،
سو مچ وڏي شيءِ آهي.

فرانس جي قلمڪار ڪاڪشو کان ڪنهن پڇيو هو ته ”جيڪڏهن ڪنهن ڪمري ۾ باهه لڳي پئي ۽ ان ڪمري ۾ اندر هڪ معصوم ٻار ۽ هڪ مورتي هجي ۽ توکي رڳو ايتري فرصت ملي جو ٻنهي مان هڪ کڻي سگهين ته ڇا کڻندين؟“ ڪاڪشو بنا هٻڪ ۽ سوچ ويچار جي وراڻيو هو ته: ”مان اها باهه کڻندس، جنهن سان معصوم ٻار ۽ خوبصورت مورتيءَ سان گڏ ٻيو گهڻو ڪجهه سڙي رک ٿي وڃڻ جو خطرو آهي.“
شيخ اياز پنهنجي ڌرتيءَ ۽ پنهنجن ماڻهن جي اهنجن ۽ عذابن جو پورو احساس ۽ ادراڪ ٿي رکيو. انهيءَ ڪري هن پنهنجي گيتن کي اها صدا ۽ گونج عطا ڪئي، جنهن نه صرف مظلوم ۽ ويساهه وڃايل ماڻهن ۾ جرئت ۽ جوان مردي پيدا ڪئي، پر انهن ۾ جئاپي جو نئون جذبو ۽ جوش به جاڳايو آهي. نتيجي ۾ ڌرم جي نالي ۾ نفرتن جو پرچار ۽ وقت جي اورنگزيبن سان ٻِٽ ٿي سنڌ جي سرمدن ۽ دارائن خلاف فتوائون جاري ڪندڙ ٽولو، هميشه اياز ۽ سندس شاعريءَ جو ويري ۽ دشمن بڻيو آهي. اياز جي شاعري فقط اياز جي داخلي وارتائن ۽ شخصي ڪيفيتن جو عڪس نه آهي، پر اها ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي دلين جو سُڏڪو ۽ صدين جي اتهاس جي سچائيءَ جو آواز آهي. جنهن تعصب ۽ اوچ نيچ جي ڪٺورتا سان ڀٽائي اڌ صديءَ تائين جهيڙيو، اياز به انهن محبت، امن، انساني سڪون ۽ شانتيءَ جي ويرين ۽ استحصالين خلاف هميشه ويڙهه ۾ رهيو آهي. پنهنجي فڪري ۽ روحاني مرشد لطيف سائين سان مخاطب ٿي پنهنجي هڪ نظم ۾ چوي ٿو:

”منهنجا گيت ڀٽائي تنهنجي
جنگ پيا جوٽن
تو وٽ جو دنبورو هيو
تو ڪالهه تعصب جي سر تي ڦهڪايو هو
تو جا وائي ڳائي هئي، بيت به جيڪو ڳايو هو
سنڌ ديس جي ڌرتيءَ تي ڦهلايو هو
ان ۾ ڪائي جنگ هئي، ڌرتي ڪيڏو تنگ هئي
ڪالهه تعصب وارن کان
تن ککيءَ جي کارن کان
ماڻهو ماڻهوءَ جي من ۾
جن ڪا بدبو ڦهلائي هئي
هوءَ جا تنهنجي جنگ هئي
سا اڄ تائين جاري آ........!“

هڪ شاعر، زندگيءَ جي روح ۽ رفتار جو احساساتي ۽ جذباتي سونهون ٿيندو آهي. هو پنهنجي ادراڪ ۽ احساس جي اندروني اک سان تاريخ جون اهي سچائيون ۽ سندرتائون پَسي ۽ پُرجهي ويندو آهي، جيڪي سياستدان جي بساط ۽ بصيرت کان اوجهل هونديون آهن. انهيءَ ڪري ئي چيو ويندو آهي ته هڪ سياستدان مرندو آهي ته ٻيو پيدا ٿيندو آهي، پر جي ڪوئي سرجڻهار ويندو آهي ته عرصي تائين ڌرتي صدائون ڏيندي ۽ سُڏڪا ڀريندي رهندي آهي.

”اي چنڊ ستارا ساکي ٿيو
اڄ رات لهوءَ جي ڇوليءَ ۾.
ڪجهه آهن منهنجون رت ڦڙيون
جي گيت لڳن ٿيون ٻوليءَ ۾.

شيخ اياز فقط هڪ شاعر، اديب ۽ سرجڻهار جو نالو نه آهي، پر اياز اُن احساس، اُن آدرش، اُن جذبي ۽ اُن عشق جو نانءُ آهي، جنهن پنهنجي آواز ۽ آلاپ جي تند سان طاقتورن جي تلوارن جا تاب جهُڪايا آهن ۽ جنهن پنهنجي انفرادي غرض بدران ادب، آرٽ ۽ انساني آجپي جي بقا لاءِ جهيڙڻ کي هميشه اهم ۽ اُتم ڀانيو آهي. ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ ۾ پنهنجي جيون جي جدوجهد ۽ جاکوڙ جو مقصد ۽ تت ٻڌائيندي اياز لکي ٿو: ”ٻيا اقتدار لاءِ وڙهي رهيا آهن، پر مان آرٽ لاءِ وڙهي رهيو آهيان. منهنجي شاعري اڳڪٿي آهي، جا اڄ نه سڀان، ڪڏهن نه ڪڏهن پوري ٿيڻي آهي. منهنجا خواب موجوده حقيقت (دقيانوسيت) جا وڏا دشمن آهن. ممڪن آهي ته جڏهن اهي حقيقت جو روپ وٺندا، تڏهن مان نه هجان، پر جي مان ان جدوجهد ۾ ماريو وڃان يا مري وڃان ته منهنجي زندگي سجائي ٿيندي.“
جهڙيءَ ريت سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جا عظيم شاعر ”شاهه، سچل ۽ سامي“ سنڌ جي تاريخ جي هڪ انتهائي اوکي ۽ بحراني دؤر جي پيداوار آهن، تهڙيءَ ريت جديد سنڌي شاعريءَ جي فڪري، فني ۽ احساساتي حوالي سان امامت ڪندڙ سرجڻهار شيخ اياز به پنهنجي دؤر جي نهايت مشڪل، انقلابي ۽ اڻانگن حالتن جي پيداوار آهي. اياز جي روشن خيالي، ڌرتيءَ سان والهانه عشق ۽ انسان دوستيءَ جي قدرن کي پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ اياز جي ان سياسي، سماجي، ادبي ۽ تاريخي حالتن جو مطالعو ۽ پس منظر جاچڻ ضروري آهي، ڇو ته اياز جي ان دؤر تي طائرانه نگاهه وجهڻ کان سواءِ نه فقط اياز جي شاعريءَ جي فڪري قدرن، جمالياتي احساسن، فلسفياڻن خيالن ۽ شاعراڻي ادراڪ کي سمجهڻ ۽ ساڃاهڻ ۾ دقت پيش ايندي، پر اياز جي شاعري جو سفر، جيڪو لڳ ڀڳ مني صديءَ تي محيط آهي، تنهن کي پڻ پوريءَ طور سمجهي نه سگهبو.
شيخ اياز جنهن دؤر ۾ اُسريو ۽ اُڀريو، اهو دؤر ادبي توڙي سياسي، سماجي ۽ مذهبي حوالي سان انتشار، انتها پسندي، تضادن ۽ ٽوڙ ڦوڙ جو دؤر هو. هڪ طرف مذهبي طور اوچ نيچ جا ويڇا پنهنجي انتهائن تي پهتل هئا ته ٻئي طرف نسل ۽ ڌرم جي بنياد تي ورهاڱي جي تحريڪ جو ولولو جنون جون حدون اورانگهي رهيو هو. ماڻهو ماڻهوءَ جو ويري ۽ خون جو پياسو هو. رشتا، تعلق ۽ دوستيون سڀ خود غرضي، خود مطلبي ۽ جنوني انائن جو بک بڻجي ويا هئا. هر طرف نفسا نفسي ۽ خود فريبيءَ جي موسم ڇانيل هئي. سياستدان پنهنجي ذاتي مفادن ۽ اقتداري حوس خاطر سچ جو خون ڪري رهيا هئا، ته مذهبي بنياد پرست ماڻهن ۾ اشتعال انگيز جذبا اُڀاري، انهن جي روحاني معصوميت سان کيڏي رهيا هئا. جڏهن اياز پنهنجي دؤر جي ان بي رحمي، انساني درندگي ۽ سفاڪيءَ کي پَسي ٿو، تڏهن سندس حساس ۽ شاعراڻو روح تڙپي ٿو پوي ۽ بي اختيار سندس من مان هيءَ دانهن ٿي نڪري:

او انسان!
او انسان!
ڪنهن کي ٿو مارين!
هي ماڻهوءَ جو ٻچڙو آهي
هن جو توسان وير به ڪهڙو
هن جو ديس به ساڳي ڌرتي
هي به ته ماڻهو آ تو جهڙو
او حيوان! او نادان!
ڪنهن کي ٿو مارين....!!

امير علي چانڊيو، شيخ اياز جي شاعريءَ تي لکيل پنهنجي پُر مغز ۽ گهڻ رخي مطالعاتي مقالي ”اياز جي شاعري، هڪ مطالعو“ ۾ لکي ٿو: ”اياز جنهن دؤر ۾ پنهنجي شاعريءَ جي ابتدا ڪئي ته ان وقت ٻي مهاڀاري لڙائي پنهنجي حشر سامانين سميت ختم ٿي چڪي هئي. غير منقسم هندستان ۾ آزاديءَ جي تحريڪ پنهنجي جوڀن تي هئي ۽ سنڌ بمبئي کان آزاد هڪ عليحده پرڳڻي جي حيثيت ۾ موجود هئي. اشتمالي انقلاب پنهنجا پير پختا ڪري چڪو هو ۽ ان جي لهر پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو. اڃا جديد سنڌي شاعريءَ جو تاڃي پيٽو جڙي رهيو هو ته مٿان هندستان جو ورهاڱو ٿي ويو. هندو سنڌي شاعر پنهنجو ديس ڇڏي هندستان هليا ويا، جنهن ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو. سنڌي شاعرن کي هندستان ۾ نئين ماحول ۾ اجنبيت جو شڪار ٿيڻو پيو، پر اياز کي آزاديءَ کان پوءِ وارين حالتن جو ڀرپور Vision هو، ان ڪري هن آزادي کان پوءِ واري ماحول سان ڪمپرومائيز نه ڪيو، پر ان جي خلاف ڀرپور ردعمل جو اظهار ڪيو. ان لاءِ هُن ترقي پسنديءَ جي راهه اختيار ڪئي. هو ان جي ڦهلاءَ ۽ واڌاري لاءِ سچي مقصد ۽ سچي لگن سان ڪم ڪندو رهيو يا ائين کڻي چئجي ته واچوڙن ۾ لاٽ ٻاريندو رهيو.

”آ سچ سنواٽن لاڙن جو
پرکيندڙ پنڌ پهاڙن جو
جي گهوريندين، گهٻرائيندين
پر تنهنجي منزل هڪڙي آ
جيئن ماڻهوءَ ۾ دل هڪڙي آ
تون پُٺِ ڏئي پڇتائيندين
جي ڪوتا تنهنجي ڪاج اچي
مان تولئه ٻيهر ڳائيندي
مان ٻيهر ٻيڙيون پائيندس.“

اياز جي شاعريءَ جو آواز ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جي پيڙائن ۽ پڪارن جو پڙاڏو بڻجي نه صرف سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ تائين رَسيو، پر ان جي گونج اقتداري ايوانن تائين وڃي پهتي ۽ نتيجي ۾ اياز کي ٻه مُنهين عتاب ۽ عذاب سان منهن مقابل ٿيڻو پيو. هڪ طرف رياستي طاقت جون اُرهه زورايون، جبر ۽ ڏاڍ هو ته ٻئي طرف ادب ۾ رُدالين جهڙو ڪردار ادا ڪندڙ اهي رجعت پرست اديب هئا، جن لاءِ ترقي ۽ تبديليءَ جو نانءُ ڪنهن وڏي گار جيان هو ۽ جڏهن انهن جي سماعتن تائين اياز جي انقلابي ۽ ترقي پسند شاعريءَ جو پڙاڏو ٿي پهتو، تڏهن هُنن جون وايون بتال ٿي ٿي ويون ۽ هٽلر جي سفاڪ آرمي نازي گسٽاپو جي سرواڻ هَرمن گوئرنگ جيان ڇِتا ٿي ٿي پيا، جيڪو چوندو هو ته ”مان جڏهن به ادب ۽ آرٽ جو نالو ٿو ٻُڌان، تڏهن منهنجو هٿ پستول ڏانهن کڄي وڃي ٿو.“
شيخ اياز تي ملحد، باغي ۽ ڪافر جون فتوائون مڙهيون ويون. کيس ڪال ڪوٺڙين ۾ باندي بڻايو ويو ۽ شهر بدر ڪيو ويو. سندس ڪتابن تي بندشون هنيون ويون، پر اياز جو آواز آمرن، جابرن ۽ ”انڌي اونڌي ويڄ“ نما اديبن اڳيان جهڪڻ ۽ جهڪو ٿيڻ بدران عوام جي زبان ۽ احساسن جو ترجمان بڻجي سنڌ جي شهرن، ٿرن برن ۽ ڀٽن ۾ گونجندو ۽ گجندو رهيو.

”اڃا رُڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي
متان ايئن سمجهين مُئا مور سارا“

اياز جي پنهنجي شاعراڻن آدرشن ۽ سنڌ ڌرتيءَ سان اها فڪري، نظرياتي ۽ روحاني وابستگي ئي هئي، جيڪا هر اوکي ۽ آزمائشي گهڙيءَ ۾ سندس ڏڍ بڻي ۽ هُن وقت جي فرعونن کي به مُنهن تي سچ چئي ڏنو:

”منهنجو اگهه پُڇين ٿو آمر
منهنجا گيت ڳنهي سگهندين تون؟“

”سنڌ“ اياز جو عشق هئي ۽ ”اياز“ سنڌ جي عاشقي. اهو ئي سبب آهي جو بار بار هو پنهنجي تحريرن ۾ چوندو رهيو آهي ته ”هيءَ سنڌ سدائين رهندي. ان تي سج اُڀرندو ۽ لهندو، رڳو مون جيئن ان کي ڏٺو آهي، مون سان مري وڃڻو آهي. مان ان مشاهدي کي پنهنجي ”آءٌ“ مان آجو ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ ان کي لکيل لفظن ۾ امر ڪري پنهنجي جندڙيءَ کان وڌيڪ جٽاءُ ڏيڻ ٿو چاهيان. مون ان ۾ اُتر جون اوتون به ڏٺيون آهن ته پن - جهڙ ۾ ڦيراٽيون کائيندڙ پن به ڏٺا آهن ۽ ان جي لڱ ڪانڊاريندڙ سيءَ جا سياٽا به ڏٺا آهن. منهنجي اکين اڳيان ڪِرڙ ڪڪوريا ۽ ڪنڊا موريا آهن ۽ ٽوهه وليون ٽهڪيون آهن. مون ڏٺو آهي ته جڏهن وِڄون ورن ٿيون ته ڪيئن ڌمامين، ڌڌڪار ٿئي ٿو. ٿر جا ٿوهر ڦلي پون ٿا ۽ پنهنجون ٻانهون آڪاس ڏانهن اُڀيون ڪري اُن جي آجيان ڪن ٿا. مون سنڌ جون لال لوئين واريون پاڻياريون به ڏٺيون آهن ۽ ان جا ڪونڌر به ڏٺا آهن. مون ڏٺيون آهن گهُرج جي گهاڻي ۾ پيڙيل ۽ ڏمر ۽ ڏاڍ سان ڏهڪايل نپوڙيل نستيون جندڙيون ۽ انهن جا سارا پيڙيندڙ ۽ ڏهڪائيندڙ ۽ اهو سارو ناسور، جو سنڌ جي رڳ رڳ مان چِڪي رهيو آهي. مون سنڌ جي ماضيءَ ۾ ٽُٻيون هنيون آهن ۽ ان جي مستقبل ڏانهن اُڏاڻو آهيان ۽ ڪنهن اڻ ٿڪ ڪاتار وانگر مون اُڻيا آهن سپنا، سنڌوءَ تي اڀرندڙ سج جا سُنهرا سپنا......“ (ڪپر ٿو ڪُن ڪري، ص21)

”اُها سنڌ ڪعبو به، ڪاشي به آ
چوي ڇا به ڪو شيخ يا برهمن
جڏهن ”ڪُن“ چيائون، اسان کي ملي
اُها ئي ته ڌرتي، اُهو ئي ته ڌن!“

شيخ اياز جي ”سنڌ“ سان ڪميٽمنٽ وقتي، جذباتي ۽ وائڙائپ واري نه آهي، جيڪا دريائي لهر جيان گهڙيءَ پل لاءِ اُڀامي ۽ پوءِ اُجهامي ويندي آهي. پر هن جي وابستگيءَ ۾ فڪري، تاريخي ۽ تهذيبي سچائيءَ سان گڏ ”جڙ“ جي ”مٽيءَ“ سان مضبوط ۽ اڻ ٽٽ رشتي واري صداقت به شامل آهي، تنهن ڪري هُن جي شاعري انيڪ سياسي، سماجي ۽ فڪري تحريڪن ۽ تبديلين مان گذرڻ کان پوءِ به پنهنجي ”مٽيءَ“ جي سڳنڌ سان واسيل ۽ ماڻهوءَ جي موهه ۽ انساني آجپي جي قدرن سان سلهاڙيل رهي آهي.
هر عظيم ۽ آدرشي شاعر جيان اياز به سڀ کان پهريان پنهنجي ڌرتي، پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ماضيءَ جي شاندار، فڪري ۽ تهذيب روايتن جو امين شاعر آهي، ڇو ته هُن ڄاتو ٿي ته جنهن وڻ جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ اونهائيءَ تان پيهي ويل نه هونديون آهن، اهو وڻ وقت جي طوفانن سان سينو ساهي نه سگهندو آهي. ان کي وقت جا واچوڙا ئي پاڙئون پَٽي کڻي پَٽَ تي اڇلائيندا آهن. اياز پنهنجي دؤر جو گهڻ پڙهيو، پُرجهيو ۽ اهو يگانو ڪوي هو، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ نه فقط مشرق ۽ مغرب جي فڪر کي سنڌ جي لوڪ ورثي، حب الوطنيءَ جي تاريخ ۽ تهذيبي شعور، قديم ديو مالائي تصورن، تصوف جي سرمدي ۽ سرمستي رمزن، جديد سياسي، سماجي، نظرياتي، ادبي ۽ سائنسي شعور ۽ ان کان علاوه ٻوليءَ جي خوبصورت ندرتن ۽ نزاڪتن ۽ عالمي، انساني قدرن جي اهڙين نين روشنين سان آراسته ڪيو آهي، جو انهن جي جوت عرصي تائين ”ٻاٽ“ ۾ ”لاٽ“ جيان جرڪندي رهندي. اياز پنهنجي دؤر جي هر دقيانوسي روش ۽ رسم جي خلاف هو. هُن پنهنجي ڪوتائن ۾ موهه ۽ ماڻهپي جي فڪر جي مٽي ٻيهر ڳوهي آهي. هُن نه صرف سنڌي شاعري جي گيڙوءَ رتن رنگن ۾ وڌيڪ رونقن ۽ راحتن جا رنگ ڀريا آهن، پر ان کي سرخ ۽ انقلابي رنگن سان به آشنا ڪيو آهي. اياز جي شاعري فن ۽ فڪر جو انوکو شاهڪار آهي. هو سنڌ جي تاريخي ۽ تهذيبي شعور جو شاعر هو. سندس لائق فرزند مونس اياز جي لفظن ۾: ”اياز سچ جو پارکو، سچو پچو ديشي ڀڳت، اڌو گابرو ساميوادي، وجودي ۽ وحدت الوجود جي فڪر جو طالب ۽ انهن کان مٿانهون ”موهن جي دڙي“ جو ماڻهو ۽ سنڌ جو عاشق هو. اياز باغي، انقلابي، انسان پرست ۽ صوفي هو ۽ اول آخر هڪ سنڌي هو. سندس ڪلام ۽ فڪر کي ملائي ڏسجي ته تضادن جي ايڪائيءَ تي مشتمل هڪ جدلياتي ايڪائي ملندي ۽ هڪ ’خيال ڪل‘ ٺهندو.“
۽ اياز جو اهو ”خيال ڪل“ ۽ ڌرتيءَ سان انتها درجي جو اُنس ۽ عشق ئي آهي، جيڪو انسان دوستي، عالمي ۽ آفاقي قدرن سان اياز جي تعلق ۽ رشتي کي نه فقط ڳنڍي ۽ مضبوط ڪري ٿو، پر منجهس اها سگهه ۽ سُرت به اُتپن ڪري ٿو، جو هو بنا ڪنهن جهجڪ جي چوي ٿو:

اڄ ته چئي ڏي، اڄ ته چئي ڏي، اڄ ته علي الاعلان
منهنجو ڪوئي ديس نه آهي، منهنجو ديس جهان،
منهنجو ڪوئي نانءُ نه آهي، مان آهيان انسان.

شيخ اياز لاءِ ساري ڌرتي هڪ ’وطن‘ جيان آهي ۽ ان جو چپو چپو هُن جي دل ۾ ڪنهن ’ساهه‘ جيان ڌڙڪندڙ ٿو هجي. هو ظلم، ناانصافي، بربريت ۽ استحصال خلاف هو. پوءِ اهو ظلم ۽ زيادتي ڀل ”لينن گراڊ“ تي حملي جي صورت ۾ هجي يا جابر هٽلر جي وحشي نازي فوجين جو ننڍڙي ”ايني فرانڪ“ تي ذهني ۽ جسماني تشدد جي صورت ۾، پر اياز جو شاعراڻو مَن ڪنهن ڪونج جيان انهن جي دک ۽ درد تي ڪوڪي ۽ ڪُرلائي ٿو. ايترو ئي نه پر جڏهن ڌرتيءَ تي موجود ڪنهن وڻ ۾ به جي ڪوئي واڍو ڪرٽ وجهي ٿو يا ڪنهن ڪنڌيءَ تان ڪو ڪانهن ٿو ڪپجي، تڏهن به اياز جي دل مان دانهن نڪري ٿي وڃي:

”جنهن تي به ٿيو ، جنهن وقت ٿيو، جنهن جاءِ ٿيو،
سو مون تي ظلم ٿيو آهي.
ڪا ٻانهن وڍي، مون دانهن ڪئي، جو ڪانهن ڪپيو،
سو منهنجي ڪنڌيءَ جو آهي.
ڪوئي به ڪُٺو، جيڪو به ڇُرو، جنهن تي به هليو،
سو منهنجي رت رتو آهي.“

شيخ اياز جي انسان دوستي، ترقي پسندي، عالمي امن ۽ روشن خيالي، جنهن جو ذڪر ۽ فڪر اياز جي شاعريءَ جي جان آهي، توڙي جو انهن سڀني قدرن جو محور ۽ مرڪز، اياز جي وطن پرستي يعني ’پهريان خويش پوءِ درويش‘ واري ڪول ۽ متي مان ڦٽي نڪري ٿو، پر اياز جنهن ”آدرشي انسان“ جو پنهنجي شاعري ۾ احساساتي خاڪو ۽ تصور پيش ڪيو آهي، اهو نٽشي جي ”فوق البشر“ (super man) ۽ اقبال جي ”مردِ مؤمن“ کان بنهه ئي مختلف ۽ نرالو آهي. اياز جي شاعريءَ جو ”انسان“ مٽي جي ضمير مان ڳوهيل ۽ تهذيبي ۽ تاريخي شعور جي ضمير سان زنده هڪ متحرڪ ۽ معروضي حقيقت رکندڙ سچائي آهي. اياز جي اظهار ۽ ابلاغ ۾ عصري شعور ۽ معروضي حالتن جي حقائق جو روح اوتيل آهي. انهيءَ ڪري اياز جي شاعري پروپيگنڊه ۽ نعري بازيءَ کان پري ۽ مصنوعي خيال آرائيءَ کان مٿانهين ٿي هجي. ان حوالي سان اياز جي شارح امير علي چانڊيي، اياز تي لکيل پنهنجي مقالي ۾ چيو آهي ته: ”اياز جي انسان دوستي ڪا خلا ۾ لڙڪيل شيءِ نه آهي ۽ نه ئي اها ڪا غير مرئي شيءِ آهي، جنهن جو ٺوس بنياد نه هجي. اياز جي انسان دوستيءَ جو تصور، متحرڪ تصور آهي. اياز جو فڪر ڌرتي ۽ ڌرتيءَ تي رهندڙ ماڻهن مان جلا حاصل ڪري ٿو ۽ گرد و پيش جي مادي حقيقتن کي داخلي ڪيفيتن سان هم آهنگ ڪري ٿو. هو غمِ زندگي بجاءِ غمِ دوران کي ترجيح ڏئي ٿو. اياز ذاتي غمن ۽ سورن جو روئڻو نه ٿو روئي، پر اجتماعي مسئلن کي کڻي ٿو.“
شيخ اياز جي شاعري مذهبي ڇوت ڇات کان اتم ۽ مٿانهين آهي. هو ڌرم ۽ ڌن جي بنيادن تي هر وڙهي ويندڙ ويڙهه ۽ جنگ جو مخالف آهي، پر ان سان سخت نفرت به ڪري ٿو، جنهن جي جهلڪ سندس هن شاهڪار نظم ۾ پَسي سگهجي ٿي:

”هي سنگرام!
سامهون آ
نارائڻ شيام!
هِن جا، منهنجا
قول به ساڳيا
ٻول به ساڳيا،
هو ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي، پر
منهنجا رنگ – رتول به ساڳيا
ڍٽ به ساڳيو
ڍول به ساڳيو
هانءُ به ساڳيو
هول به ساڳيو
هن تي ڪيئن بندوق کڻان مان!
هن کي گولي ڪيئن هڻان مان!
ڪيئن هڻان مان
ڪيئن هڻان مان
ڪيئن هڻان مان!“

جنگ کان ڪراهت ۽ امن سان محبت جي موضوع تي سرجيل اياز جو هيءُ علامتي نظم پنهنجي فڪري وجود ۾ نه صرف عالمي امن ۽ ڀائيچاري جو Simbol آهي، پر ان ۾ مذهبي مت ڀيد کي وسارڻ ۽ انساني انس ۽ آجپي کي اپنائڻ جو انوکو درس پڻ موجود آهي. هن نظم ۾ هڪ طرف انساني اخوت جي ڳالهه آهي ته ٻئي طرف معاشري ۾ امن ۽ ڀائيچاري لاءِ هڪ شاعر ۽ سرجڻهار جي ادا ڪيل ڪردار جو سوال آهي، ڇو ته اهو اديب ۽ شاعر ئي هوندو آهي، جيڪو قومن ۽ انسانيت جو حقيقي سفير ٿئي ٿو.
هن نظم ۾ ”نارائڻ شيام“ هڪ اهڙي امن پسند ۽ بي قصور فرد جي علامت آهي، جيڪو جنگ و جدل جي زد ۾ اچي، هڪ گوليءَ جي نشاني تي آيل آهي. ٻئي طرف هڪ ”شاعر“ جنگي جوان جي علامت آهي، جنهن جي هٿ ۾ بندوق ته آهي، پر ان جو سينو، محبتن جي روح سان ڌڙڪي رهيو آهي. هن جي هٿ ۾ جهليل بندوق ڪنهن بي گناهه جو خون ڪرڻ نه ٿي چاهي، پر جڏهن هڪ پنهنجو ئي هم وطن، هم زبان ۽ معصوم انسان ”نارائڻ شيام“ اچانڪ سندس تاڻيل بندوق جي اڳيان اچي ٿو وڃي، تڏهن جنگي سپاهي (شاعر) جون بندوق جي ٽرائيگر تي رکيل آڱريون ڪنبڻ ٿيون لڳن ۽ هو سوچڻ ٿو لڳي: ”هِن ڪبوترن جهڙو جيءُ رکندڙ ڪوتاڪار ”نارائڻ شيام“ جو آخر قصور ڪهڙو آهي؟ هن ته سدائين ڪوتائن جي ڌرتيءَ ۾ محبتن ۽ امن جا گلاب پوکيا آهن. هو ته سدائين سرحدن جي پابندين کان بي پرواهه ٿي، آزاد پنڇين جيان ڪوتائن جي آڪاش ۾ اُڏاميو آهي. هن ته ابابيلن جهڙي ڪومل نيڻن ۾ سدائين سک ۽ سندرتائن جا سپنا ڏٺا آهن. هو نفرتن ۽ جنگين جو حامي نه آهي، پر پيار ۽ آجپي جو سرجڻهار آهي. پر پوءِ به هن جو قصور ڪهڙو آهي؟ هُن جو قصور...... قصور..... ق.... ص.... و.... ر.... ڪهڙو........؟“ ۽ ائين نظم جا آخري لفظ ”گولي ڪيئن هڻان مان.....؟ ڪيئن هڻان مان......؟“ جي ورجاءَ سان جنگي سپاهيءَ (شاعر) جي ذهن ۾ گونجڻ ٿا لڳن ۽ ان جي زورائتي پڙاڏي جي نتيجي ۾ ڄڻ ته هُن (شاعر) جي هٿ ۾ جهليل بندوق به هيٺ ڪِري ٿي پوي. ائين اهو نظم ڪلائيميڪس تي پهچي ٿو. نظم جو ڪلائيميڪس نه فقط پڙهندڙن جي جيءَ کي جهنجهوڙي ٿو، پر جنگ جي حامين ۽ امن جي ويرين لاءِ دل ۾ دٻيل نفرت ۽ غصي کي پڻ تيلي ڏئي ڀڙڪائي ڇڏي ٿو.
اهڙيءَ ريت اياز جي شاعريءَ ۾ اهڙا ٻيا انيڪ گيت، غزل، بيت، وايون ۽ نظم موجود آهن، جيڪي سنڌ جي دردن ۽ دانهن سان گڏوگڏ عالم انسان جي آواز جو دلسوز عڪس ۽ اولڙو پيش ڪن ٿا، جن مان آزاديءَ جي راهه ۾، مان ڏوهي هان، قرطبه، ويٽنام آزاديءَ جي راهه تي، ڪاڇي جو هاري، مزدور جي ٻار جو گيت، فاشيءَ جو موت، او ڊاير، پوڙهو باغي، ٿري ٻار جو گيت، بودليئر، ويڙهاند کان پوءِ، چي گويرا جو موت ۽ فلسطين جو گيت وغيره نمايان آهن.
اياز جي ڌرتيءَ سان اُنس ۽ عالمي احساسات جي فڪري حوالي ۾ جيڪو گهرو سُٻنڌ آهي، اهو رڳو اُٻهري جذبات، ذهني تجسس ۽ فڪري تلاش ۽ تشنگيءَ جو نتيجو نه آهن، پر اهو اياز جي پنهنجي دؤر جي سياسي، سماجي، اقتصادي، ادبي، تاريخي ۽ تهذيبي حالتن جي صداقتن ۽ بين الاقوامي حالتن جي اُٿل پُٿل ۽ تبديلين جي باريڪ تجزيي تي مبني آهي. توڙي جو شيخ اياز سياستدان نه هو ۽ نه ئي سياست سان سڌيءَ ريت سندس ڪائي وابستگي هئي، پر ان جي باوجود هو سياسي بصيرت ۽ سياسي شعور جو مالڪ هو. هو تاريخ جي جدلياتي عمل، سائنسي ۽ سماجياتي شعور سان گڏ قومن جي عروج ۽ زوال جي اتهاس کان پوريءَ طرح آشنا هو، انهيءَ ڪري اياز جي شاعري نه فقط سنڌ جي معاشرتي فڪر ۽ تهذيبي اتهاس جو آئينو آهي، پر اها عالمي امن، ترقي پسند ۽ روشن خيال فڪر جو ڀرپور ادراڪ رکندڙ ۽ احساس پيش ڪندڙ آهي.