Saturday, May 23, 2009

تاجل بيوس جي جدائي


تاجل بيوس جي جدائي
13- ڊسمبر 2008ع تي سنڌ جو هڪ اهم ۽ ڪلاسيڪي شعري روايتن کي پاڻ ارپيندڙ شاعر تاجل بيوس ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. تاجل 22-سيپٽمبر1938ع تي ضلعي خيرپور ميرس جي هڪ ننڍڙي شهر سوڀي ديرو ۾ پهريان ساهه کنيا هئا ۽ هُو زندگيءَ جو وڏو عرصو سنڌي شاعريءَ جا مَٽ ڀريندو رهيو. جيتوڻيڪ هُو رجسٽرار آف ڪمپنيز ۽ ناڻي کاتي ۾ وفاقي جوائنٽ سيڪريٽريءَ جهڙن اهم عهدن تي به رهيو، پر پوءِ به اهي نوڪريون کيس ”بيوروڪريٽڪ ڪلچر“ جو حصو بڻائي نه سگهيون ۽ سندس سڄي زندگي شاعراڻي سادگيءَ ۾ گذري. جيتوڻيڪ تاجل جي شاعري موضوع ۽ هيئت جي لحاظ کان گهڻ رنگي آهي، پر هيئتن ۾ بيت، وائي، نظم ۽ غزل. جڏهن ته موضوعن ۾ خاص طور سنڌ جون ٻهراڙيون، وستيون واهڻ، ٿر بر، ۽ جهنگ توڙي جبل هن جا محبوب ۽ مرغوب موضوع رهيا. ٻوليءَ جي معاملي ۾ پڻ هن شعوري طور سنڌ جي ڪلاسيڪي لغت کي ڪم آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ڏس ۾ هن اياز جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي البته اياز ڪلاسيڪل ٻوليءَ، ڪردارن، ڪهاڻين ۽ موضوعن ۾ وسعت ۽ جدت به پيدا ڪئي. جڏهن ته تاجل گهٽ هنڌن تي ائين ڪري سگهيو آهي. مثال هن ڀٽائيءَ جي دوست ’وڳنڌ‘ تي به ائين ئي شعر لکڻ جي ڪوشش ڪئي.جيئن ڀٽائيءَ لکيا. جيتوڻيڪ ڀٽائيءَ جو ته وڳنڌ دوست هُيو ۽ هُن سان اهڙي هُجتَ ان کي ئي سونهين پئي. البته پنهنجي پوئين ڪتاب ”تاجل بيوس جو رسالو“ ۾ هن ڪيڏاري ۾ ڪجهه نواڻ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ سنڌ جي اٽڪل سمورن اهم شهيدن کي ٽربيوٽ پيش ڪيو اٿس. جيتوڻيڪ هن جي شاعريءَ جا ڪيئي مجموعا ڇپيا آهن، پر ٿر جي پسمنظر ۾ لکيل سندس ڪتاب ”صحرا سَتُر جَن“ هن جو سڀ کان اهم تخليقي ڪم آهي، جنهن ۾ تاجل جي تخليقي تپسيا پوري اوج ۽ عروج تي ڏسي سگهجي ٿي. جيتوڻيڪ هن جي اها معصوم خواهش رهي، ته سنڌ ۾ کيس اياز کان پوءِ سڀ کان وڏو شاعر تسليم ڪيو وڃي، جنهن جي رد عمل ۾ مٿس تنقيد به ٿي ته کيس حد کان وڌيڪ نظر انداز به ڪيو ويو، پر ان کان ڪنهن به ريت انڪار ممڪن نه آهي ته هو اياز کان پوءِ ڳڻجندڙ شاعرن جي مالها جو هڪ نظر ايندڙ ۽ محسوس ٿيندڙ گُل آهي. هن جي شاعريءَ ۽ نثر جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن ۽ سندس ڪيترائي گيت مختلف فنڪارن ڳايا آهن. جن منجهان ”سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجيءَ مٿان، ڇا لکي ڇا لکان“ سنڌ سميت هند جي سنڌين ۾ به تمام گهڻو مقبول آهي. تاجل جي وڇوڙي سان سنڌي شاعريءَ جي فضا سوڳوار ته ٿي آهي، پر افسوس آهي ته سنڌ جي اخبارن ۽ رسالن ان کي ايتري مڃتا به نه ڏني آهي، جيتري هُو ڪنهن ٽئين درجي جي صحافيءَ ۽ فنڪار کي به ڏيندا آهن، افسوس!
(ايڊيٽر)
جيڪو آيو آهي، پڪ سان وڃڻو آهي
تاجل آيو هو، سو ئي هليو ويو.
ائين ئي سڀ سان ٿيڻو آهي.
جيڪو آيو ئي ناهي،
اهو وڃي ڪيئن سگهي ٿو.
تاجل هليو ويو
بيوس رهجي ويو.
بيوس آيو ئي ڪٿي هو
هو ته هئو جو لڪل هئو، سو ئي ظاهر ٿيو هو.
تاجل هڪ پياري شخصيت هو. هو جڏهن هند ۾ پهريون ڀيرو آيو هو ته پهرين رات هن مون سان منهنجي گهر ۾ گذاري هئي. مان هن جي شاعريءَ کان متاثر هوس. جنهن سبب مان هن کي ’روزووڊ هوٽل‘ مان ڀڄائي، گهر وٺي آيو هوس. پوءِ رات ٻڌو ئي ٻڌو هو. تڏهن مان هن جي ڪجهه شاعري ماڻي ڪو نه سگهيو هوس. ڇو جو هن جي شاعريءَ ۾ مون پاڻ ڏٺو هو ۽ جتي مان هن جي شاعريءَ کي ماڻي نه سگهيو هوس، ته پنهنجيءَ قوت سبب.
نند جويري
تاجل بيوس جا ڇپيل ڪتاب:
(1)جڏهن ڀونءِ بڻي (شاعري) 1982ع، (2) انبن جهليو ٻور (شاعري) 1983ع، (3) سرجيندڙ ساڻيهه جا (شاعري) 1985ع، (4) سنڌ منهنجي امان (شاعري) 1989ع، (5) ڪاڇي مٿان ڪونج (شاعري) 1990ع، (6) ڪنڌيءَ ڪونئر ترن (شاعري) 1991ع، (7) ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا (شاعري) 1992ع، (8) ڏور به اوڏا سپرين (هند جو سفرنامو) 1992ع، (9) سرخ گلابون ڪئ موسم مين (اردو شاعري) 1994ع، (10)صحرا ستر جن (شاعري) 1995ع، (11) تنهنجا نيڻ غزل (شاعري) 1996ع، (12) وڏا وڻ وڻڪار جا (شيخ اياز سان گڏ شاعري) 1997ع، (13) انداز بيان اور (اردو شاعري) 1997ع، (14) ڏوريان ڏوريان مَ لهان (شاعري: 9 مجموعا گڏ) 1997ع، (15) آريجن کان الهاس نگر (هند ۽ سنڌ جي اديبن جا خط) 1997ع، (16) اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو! (هند جو سفرنامو)2002ع، (17) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو پهريون) 2003ع، (18) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو ٻيو) 2003ع، (19) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو ٽيون) 2003ع، (20) چپ انجيل جي حاشين جهڙا (شاعري) 2003ع، (21)جهڄان پسي جهوڪ (ڪهاڻيون) 2007ع، (22) سج چنڊ تارا ڪتيون (شخصيتن جا خاڪا) 2004ع، (23) سامي سودو پريم جو (ساميءَ جي بيتن جي واين ۾ تبديلي) 2003ع، (24) انگريزي شاعريءَ جي مختصر تاريخ 2004ع، (25) پکي ساڳي پار جا (شاعري) 2004ع، (26) سون سريکا چار سين (شخصيات) 2004ع، (27) گل ڇنو گرنار جو (ڪافيون) 2006ع، (28) تاجل بيوس جو رسالو (شاعري) 2006ع، (29) ملير جي مارئي (شهيد بينظير ڀٽو کي منظوم خراج) 2008ع.

’تاجل بيوس جو رسالو‘ مان ڪجهه چونڊ شعر
وائي
جوڀن پڪي ڊاک
لنڱن چاڙهي لاک
آءُ مُٺيءَ جا مينڌرا!
ڦُٽي آ ڦولار ۾
بيراڳڻ تي باک
آءُ مُٺيءَ جا مينڌرا!
برهه ڪري ٿو بانورا!
سيني ۾ سوراخ
آءُ مُٺيءَ جا مينڌرا!
تون ئي دارُون داسڙا!
تون ئي سوڍين ساک
آءُ مُٺيءَ جا مينڌرا!
وائي
ڪڪر ڇانوَ ڪيانءِ
چوٽيءَ ڦُل چمانءِ
ڏکي! چڙهه نه ڏاگهه تي
ڪري ڇپر ڇانورو
ٽانگر جيئن ٽڙانءِ
ڏکي! چڙهه نه ڏاگهه تي
گوري! گيت پريت جا
لوڏي لام لکانءِ
ڏکي! چڙهه نه ڏاگهه تي
چوريءَ اُڀري چنڊ کان
مٿان کٽ کِڙانءِ
ڏکي! چڙهه نه ڏاگهه تي
*
بيت
هَلُ ڪڪوريل ڪاڪ تي، جتي نيهنن نظامُ
آهي ننڊ حرام، جاڳڻ سوڀ سرير جي
*
ڇڻندا سڱر سوڪ، ڇڻ، ڇڻ ڪري ڇڻ تي
مارُن وٽان موڪ، صبح اينديون سوکڙيون
*
آيا اُتر پار کان، ڪڪر ڪاريءَ رُوءَ
وَٺا مينهن مندائتا، جرڪي پيئي جُوءِ
کاهڙ جي خوشبوءِ، ڄڻ ڪا اوت عنبير جي
*
ڪنڌيءَ ڪنايو، آيا سانوڻ ڏينهڙا
اِجهو ڪو آيو، کڻي ڪرس ڪٺار تي
*
اُٿي جَر سان جهيڙ، سوگهو ٻَڌي سندرو
اونهي آب عميق مان، ماڻڪ، موتي ميڙ
جاري رک جهاج تي، ورهين تائين ويڙهه
مَٽي منهن مٺي کان، کارو پاڻي کيڙ سارو
سارو سمنڊ سهيڙ، موتين وانگي مُٺ ۾.
*
ٻيڙيون ٻاجهارا ، ڪاهي اُڪريا ڪُن کي،
چڙهيا چِڪڻ چاڙهه مان، اُسرِي اوڀارا،
هيل به هاڪارا، سُوڌي ايندا سچ کي.
*
ووڙي وڻجارا، رَسندا هونديءَ رات ۾
ايندا اوڀارا، لاهي بار ڀنڀور ۾.
*

جيئن ڪو وڍي وڻ، ٻُوهن سان ٻاري ڇڏي
جيڏيون! تيئن جيئڻ، قيدڻ جو آ ڪوٽ ۾
*
ڏاتارن جي ڏيهه ۾، ڪُلهي ڪينر پاءِ
مٿا گهڻا مڱڻا! تون ٻيجل ٿي ٻاڏاءِ
جهڙيءَ تهڙيءَ تند ۾ سِر جي سئن لڳاءِ
ڳهڻا! ائين ڳاءِ، جيئن وسي آڳ وجود جي
*
دودن ۽ جوڌن، سوُنهن وڌائي ”سنڌ“ جي
ڳڀُرن ۽ ڳوڌن، ڳالهه سُڻائي ڳُجهه جي
*
اندرُ درد فراق ۾، اديون! اَڌَ ٿيو
ٻاڙو ريءَ راڻل جي، آهي ٻولُ ٻيو
ڏاهيون! ڏَسُ ڏيو، جيئن موٽي اچي مينڌرو
*
سَرجي نڪتا ”سنڌ“ مان، ملير ۽ مارُون
ڪيون جن ڪَتيءَ ۾، اُٺي اُڪارُون
جَڙيل آهن جن سان، تن، من جون تارُون
تڙ، تڙ تنوارُون، سُڻان تان سرَهي ٿيان
*
جيئن ڪو وڍي ٻوُهه، اُڇلي ڇڏي آڳ ۾
تيئن هِي منهنجو روحُ، ڌنارن کان ڌار ٿيو
*
مٽي جا ملير جي، تنهن مٽيءَ ناههِ مثالُ
وَلين مٿان واس جا، اوتي مَٽ ڪلالُ
پَسان شال پنهوار کي، ههڙو وٺي حالُ
ميان! مون محالُ، ڪاٽِڻ آهي ڪوٽ ۾
*
جيئن ڪو وڍي وڻ، اُڇلي ڇڏي آگ ۾
هِتي ايئن ”هئڻ“، مارُن ريءَ منهنجو ٿيو
*
وري سنڌ درياءُ، وَهندو انهيءَ واٽ کان
ماڻهو سڀ مهراڻ جو، ڪندا آڌر ڀاءُ
ٿيندو ”سنڌ“ درياهه جو، سمنڊ سان سرچاءُ
نيٺ ڀرينديون ماءُ جو، گنگا جمنا گهاءُ
وري ورندو واءُ، سکي ٿيندي سنڌڙي
*
درياهه ڪري دانهن، ڪِريو ڪالا باغ تي
وڍيو ڪين وجود کان، ٻيلي منهنجي ٻانهن
ڪنڌيءَ سُڪندا ڪانهن، ماڻهو ايندا مامري
*
گهرڙا ۽ گهيرا، ويا پَٽي پرڀات جو
پوئين سِج پيرا، ريتيءَ تي رهجي ويا
*
درياهه ڪئي دانهن، پسي وَڍ وڻن ۾
”ڪپر منهنجو ڪنڌ آ، ٻيلو منهنجي ٻانهن“
ڪُلها جنهن جا ڪانهن، آسڻ پنهنجا اُن تي.
*
آڇيو حُور اياز کي، جنت وارو جام
اوري لڌائين عشق مان، شاهه، سچل ۽ شيام
ڪيائين ڪلتار کي، صبح جو سلام
پٺيان مريدڻ جت هو، اڳيان ڄام نظام
سمن جو سردار ۽، ڄامن سندو ڄام
ڪيائين ڪلام، سنڌيءَ ۾ سلطان سان.
*

اُڪريو آڌيءَ رات جو، مهاساگر مون،
سڄي سنڌ جي ڀُون، اوتيم ائين ارواح ۾.
*
روپا ماڙيءَ رنگ، جهڙو بيک بسنت جو،اچڻو آ آ

آغا سليم جو انٽرويوز


سُڻي تنهنجو سڏ، ڪلهي پاتم ڪينرو!ارشد اسٽريٽ، لڳ واڌو واهه، قاسم آباد. 12هين جولاءِ 2008ع جو روشن ڏينهن ۽ اسين همعصر دوست، حميد سنڌي سائين جي بنگلي تي پهتا هئاسين. ڪير! ڪير؟ پيارو انعام شيخ، طارق عالم، علي دوست عاجز، هي آئون نصير ۽ سارنگا جو سمپادڪ اسحاق سميجو. ڪيسٽون ۽ ريڪارڊر اسان سان ساڻ هئا ۽ جنهن شخصيت عاليشان سان، ان هنڌ اسان کي ’سارنگا‘ لاءِ انٽرويو ڪرڻو هو، اُهو هو سنڌي ٻوليءَ جو محبوب ناول نگار،ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ محقق ’آغا سليم صاحب!‘ ڏينهن اڳ سنڌي ادبي بورڊ ۾ بورڊ آف گورنرس جي غالباً ڪائي ميٽنگ ڪئي ۽ آغا صاحب معزز ميمبر جي حيثيت ۾ ان ميٽنگ ۾ شرڪت لاءِ ڪراچيءَ کان حيدرآباد آيل هئو ۽ حميد سنڌي صاحب جي رهائش گاهه تي، مهمان خاني ۾ ڊبل بيڊ جي پاسي کان وهاڻي کي ٽيڪ ڏيو، پنهنجي وڻندڙ ۽ مسڪرائيندڙ چهري سان هن طئي ٿيل انٽرويو جي سلسلي ۾ اسان لاءِ منتظر ويٺو هئو. آغا صاحب تي نظر پوندي ئي، مون ڄاتو ته سنڌي ليکڪن مان هي شاهاڻو وقار ته بس هن دؤر ۾ آغا سليم صاحب کي ئي سونهين ٿو.
ها!ماضيءَ ۾ هڪڙو زمانو اهڙو به هئو ضرور، جڏهن اهڙي خُوءِ ۽ اهڙي ڏيا ۽ اهڙو Grandue سنڌ جي هڪڙي ٻي هستيءَ ۾ به نظر ايندو هو، ۽ اهو انسان هو سائين پير حسام الدين شاهه راشدي-۽ هتي اِها به حقيقت آهي ته آغا صاحب جي ادبي حيثيت پنهنجيءَ جاءِ تي، رڳو آغا صاحب کي پري کان ئي ڏسبو آهي ته دل ۾ پيو چئبو آهي ته ڪنهن به ’مرد‘ کي جي سهڻو هجڻ جڳائي ته اُن کي اهڙو ئي ته هجڻ گهرجي، جهڙو هي اسانجو آغا صاحب آهي. بهادر، ڦڙت، هڏ ڪاٺ ۾ مضبوط، Dashing ۽ گفتگوءَ ۾ To The point- ۽ ٻن آڱرين جي مُهڙ ۾ سگريٽ ڦٻائي هو هڪ ادا سان ڪش هڻي، همت ۽ هشمت سان جڏهن شڪارپوري لهجي ۾، پنهنجي ڀاري ڀرڪم آواز ۾ چوندو آهي ته: منَ!، خوش ته آن ني!، ته پڪ ڄاڻو طبيعت ۾ خوشگواري پنهنجو پاڻ محسوس ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي.
سڀني جو خيال آهي ۽ مان به چوان پيو ته پري کان آغا صاحب پنهنجي اپيئرنس ۾، برابر ته هڪڙو ايروگينٽ قلمڪار لڳندو آهي، پر جڏهن اهڙي روبيسٽ انسان جي ويجهو وڃبو آهي ته، اهو ئي آغا صاحب، شڪارپور جي فالودي وانگر سرهو ۽ مٺو ڀاسڻ شروع ٿي ويندو آهي. ڪنهن زماني ۾ آغا صاحب، برابر ته سفاري ۽ ڪمپليٽ سوٽ پائيندو هو ۽ ريڊيو پاڪستان مان اسٽيشن ڊائريڪٽر جي اعليٰ عهدي تان ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ، مون کين جتي ڏٺو، سدائين سفيد شلوار قميص ۾! پيرن ۾ نفيس سينڊل، اکين تي ريبن جو چشمو ۽ ڪلهن ۾ ڪاري ڪوٽي. ۽ ڪنهن دوست هڪ دفعي مون کان پڇيو هو، تنهنجي نظر ۾ ڊائمنڊ جي ڊيفينيشن ڇا!؟ ته وراڻيو هوم، جيڪا شيءَ هر پاسي کان ڊائمنڊ نظر اچي، اُن کي ئي ڊائمنڊ سڏي سگهجي ٿو ۽ اڄ مان انهيءَ پرک- ڪسوٽيءَ تي آغا سليم کي پرکيندي، کيس، ’سنڌي ادب جو ڊائمنڊ‘ پيو سڏيان ۽ ان ڏس ۾ هن جي ڪهاڻين، ناولن، سفرنامن، شاعري، لطيف شناسي، بابا فريد گنج شڪر ۽ ڀٽائي صاحب جي اردو ۽ انگريزي وارن ترجمن کي واکاڻيندي، هتي مان ٻيو ڇا لکان، سواءِ هي لکڻ جي ته:
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
۽ ٻارهين جولائي 2008ع تي، مون کي ياد آهي، اُن ڏينهن، ’سارنگا‘ لاءِ، هن انٽرويو کي رڪارڊ ڪرڻ لاءِ جڏهن اسحاق سميجي رڪارڊر کي آن ڪيو هو ته کانئس پهريون سوال به مون ئي ڪيو هو.
-نصير مرزا
نصير: آغا صاحب، توهان مون سان ڪجهه سال اڳ ڳالهه ڪئي هئي ته تخليق، تحقيق ۽ ترجمي واري ڪم کان پوءِ توهان پير علي محمد راشدي صاحب جي ڪتاب:”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جهڙي ڪنهن ڪتاب تي ڪم ڪندؤ، اوهين ڇاڪاڻ ته نهايت اعليٰ پايي جا نثرنگار آهيو، ان ڪري چاهيون ٿا ته، هاڻي اهڙو ڪتاب اوهين جلد لکو.
آغا سليم: يعني توهانجو مقصد آهي ته آئون بايوگرافي لکان!؟
نصير مرزا : جي بلڪل، اهوئي منهنجي سوال جو مقصد آهي.
آغا سليم: اهڙي ڪتاب لکڻ لاءِ اسان جي دوست انعام شيخ به مون کي ڏاڍو Motivate ڪيو آهي ته جيڪر اهڙو ڪتاب آئون لکان، ته وراڻيومانس ته، ادا! مان زندگيءَ ۾، نه ڪنهن اهڙي موومينٽ ۾ رهيو آهيان جيڪا تاريخي هجي، نه مون وري ڪي اهڙا ڪارناما ئي سرانجام ڏنا آهن. جيڪي Worthwhile هجن، جن کي آئون پنهنجي نثر ۾ ورجايان ۽ ماڻهو پڙهي انهن مان ڪو لطف حاصل ڪن. مان ته من! Isolation ۾ رهڻ وارو آهيان ۽ مون ڪجهه به ناهي ڪيو، جنهن جا دفتر ويهي ڪارا ڪيان باقي پنهنجي وڏن تي ويهي داستان لکان ۽ ٻڌايان ته من! ماڻهن جو انهن سان ڪهڙو Interest!- باقي جيتري قدر پير علي محمد راشديءَ جو تعلق آهي ته اُهو واقعي هڪڙو وڏو تاريخي ماڻهو هو، وهڪرو هو وڏن ماڻهن جو، انهن سان گڏ هو هليو ۽ اٿيو ويٺو پئي... ڏٺائين، جاچيائين پئي انهن کي... ۽ هيڏانهن منهنجي حالت آهي جو ڪنهن وزير سان به هيلو هاءِ ڪانهي جو ٻڌائي سگهان ته فلاڻي سان گڏ اٿيو ويٺو آهيان . ان ڪري آئون سچ پڇو ته ڪنهن به طرح سان پاڻ کي ان جو اهل نٿو سمجهان ته ڪو مان پنهنجي بايوگرافي لکان.
انعام شيخ: آغا صاحب منهنجي خيال ۾ سٺي بايوگرافي لکڻ لاءِ ضروري ناهي ته ماڻهو مشهور حلقن ۾ هليو هجي. ها، ايترو ضرور آهي ته جنهن اک سان هن مختلف دؤرن کي ڏٺو هجي ۽ وٽس ايڪسپريس ڪرڻ جي طاقت به هجي ته هو ان مان به دلچسپ آٽوبايوگرافي Create ڪري سگهي ٿو، ظاهر آهي ورهاڱو اوهان پنهنجي اکين سان ڏٺو هو، ۽ ان کان پوءِ وارا سٺ ٻاهٺ سال اوهان جي سامهون رهيا ته انهيءَ سموري دؤر کي سامهون رکي، توهين چاهيو ته هڪڙي شاندار بايوگرافي لکي سگهو ٿا.
آغا سليم: انعام صاحب، هي جيڪي Creative writer هوندا آهن، اهي پنهنجي آٽو بايوگرافي، گهڻو ڪري پنهنجي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ لکي چڪا هوندا آهن. ۽ پنهنجي ڪردارن ۾ اظهاري ڇڏيندا آهن پاڻ کي. جيتري قدر منهنجو خيال آهي ته، مون هي جيڪو اترين (ناردرن) علائقن ۾ پنهنجي رهڻ دؤران، پنهنجو سفرنامو لکيو آهي: ”برف پنکڙيون ۽ چنڊ“ انهيءَ ۾ ڪافي بايوگرافي لکي ڇڏي آهي ته، اسان جا وڏا ڪيئن افغانستان مان قافلا ڪاهي هن ڌرتيءَ تي پهتا ۽ سنڌ شڪارپور ۾ ڪيئن اچي آباد ٿيا، تشه من! اِهي سڀ ڳالهيون مان ان سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان، باقي هاڻي ڪي ٻيا اهڙا واقعا به آهن ضرور، پر منهنجي خيال ۾ اُهي منهنجي لاءِ غيراهم آهن. مثال طور، هڪڙو ڪو اهڙو واقعو ٿيو جو، مون کي نه ڏيڻو نه وٺڻو، هرو ڀرو کڻي جيل ۾ وڌائون. ۽ اِها منهنجي گرفتاري اسلام آباد واري وقت دؤران ڪيائون. جنهن وقت اريسٽ ڪري وٺي پئي ويا ته دل ۾ سوچيم پئي ته هي سپاهي، رستي ۾ هاڻي مون کي ٿرڊ ڪلاس ماني کارائيندا... مطلب اهو ته ان دؤران ڪيئي تجربا ٿيا، پر دل بلڪل ئي نه چاهيو ته ان بابت آئون به ويهي لکان، قيديءَ جي ڊائري، قيدياڻيءَ جو روزنامچو (کلندي ) ظاهر آهي ته لکان ها ته اهڙو ئي بس لکان ها، ٻيو ڇا هجي ها.
نصيرمرزا: نه آغا صاحب... توهان، توهان آهيو... زبردست لکو ها.
آغا سليم: ٺيڪ آهي من! پر آئون ايڏو اهم ماڻهو ناهيان جنهن جي زندگيءَ ۾ ماڻهو وڏي دلچسپي وٺن. هي توهان سان هتي مان ڪنهن انڪساريءَ جي ڳالهه نٿو ڪريان, پر پنهنجي اندر جي سچائي پيو اوهان سان Share ڪريان، ته مان پاڻ کي پنهنجيءَ نظر ۾ ايڏو اهم نه ٿو سمجهان. باقي جيڪي ڪجهه مون لکيو آهي، نثر، شاعري، افسانه، ناول، سفرناما،انهن ۾I am very much there .
نصيرمرزا: توهان هي ٻڌايو پئي ته توهان پنهنجي افسانوي تحريرن ۾ پنهنجي آٽوبايوگرافي لکي چُڪا آهيو. تڏهن پڇڻ چاهيندس ته توهان جي ناول ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ ۾ هي جيڪو شڪارپور سان تعلق رکندڙ هيرو سارنگ اوهان ڏيکاريو آهي ته ڇا، اِهو توهانجو پنهنجو ڪردار ته نه آهي؟
آغا سليم:’نه‘... بلڪل هوبهو ته نه... باقي ڏسو نه... جنهن ڪئريڪٽر کي ليکڪ هيرو ڪري ڏيکارڻ چاهيندو آهي، ان ۾ هن جو آئيڊيل ايگو ته هوندو آهي نه... يعني جيڪڏهن ان ڪردار کي ليکڪ جي ذات سمجهيو وڃي ته اهو هيئت سمجهجي ته جي ليکڪ پاڻ ائين ناهي، ته هن جي خواهش ضرور هوندي آهي ته هو اهڙو هجي ها. جيتري قدر ناول ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ جي هيرو ’سارنگ‘ جو تعلق آهي ته اِن ڪردار ۾ منهنجو آئيڊيل ايگو De-pic ٿيل آهي جيڪو آئون پاڻ نه ٿي سگهيس. ان ڪري هتي منهنجي ان ڳالهه کي منهنجو اعتراف ڄاڻو ته مون جيئن زندگي گذارڻ چاهي ٿي، مون ائين ئي ناول ۾ انهن جي زندگي ڏيکاري آهي. جيتريقدر منهنجي بايوگرافيءَ بابت اوهان جو سوال آهي ته، اُها به جي آئون لکان ها ته ان ۾ به ضرور شڪارپور بابت، ان جي ڪلچر بابت ئي لکان ها ان ڏس ۾ به وضاحت ڪري ڇڏيان ته ان ناول ۾ سواءِ پنهنجي اصلي نالي ۽ پيءُ جي نالي لکڻ جي، شڪارپور بابت مون ان ۾ ٻيو گهڻو ڪجهه ته لکيو ئي آهي، پر ويندي هوڪا به شڪارپور جي ئي گهورڙين جا آهن. ته چوڻ جو مطلب هي آهي ته ساري بايوگرافي مان ان ناول ۾ جهڙوڪر لکي چڪو آهيان.
نصير مرزا: ]کلندي[آغا صاحب ان وضاحت جو سولو مطلب اِهو ٿيو ته ڪو به اردو ناهي اوهانجو...ڪنهن ’اُهي ڏينهن اُهي شينهن‘ ٽائپ ڪتاب لکڻ جو...
آغا سليم: ]ٽهڪ ڏيندي[ مان زندگيءَ ۾ نه ڪڏهن ڪنهن شينهن سان مليو هان من! ۽ نه ڪي مون اهڙا ڏينهن ئي گذاريا آهن، جن بابت هاڻي تذڪرو ويهي لکان: اُهي ڏينهن اُهي شينهن.
طارق عالم: آغا صاحب ڀلا توهان جي ناول ’اڻ پورو انسان‘ بابت ڇا چوندا؟
آغا سليم: من-..! ان ۾ به منهنجا بايوگرافيڪل نوٽس آهن...
اسحاق سميجو: آغا صاحب توهان جو هي جيڪو سفرنامو آهي، برف پنکڙيون۽ چنڊ‘ تنهن کي پڙهبو آهي ته لڳندو آهي، ناول پيا پڙهون. توهان کي انهيءَ کي سفرنامو سڏڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي...؟
آغا سليم: اصل ۾ ان تحرير کي مون Real انداز ۾ لکڻ پئي چاهيو،جو ناول وغيره ۾ ته فڪشن هوندو آهي مون ان کي حقيقي ۽ واقعاتي انداز ۾ لکڻ پئي چاهيو. ائين نه ڪريان ها ته پوءِ ان لاءِ اهڙن مشاهدن ۽ واقعن کي وري ناول جي ٽيڪنڪ ۾ آڻڻو پوي ها، جنهن کان مون Avoid ڪيو آهي.
اسحاق سميجو: پر آغا صاحب ان تحرير ۾ جيڪا اوهان جي پريزنٽيشن آهي يا ڪردار نگاري...يا جيڪا توهان جي ٻولي آهي، اُها گهڻي حد تائين ته افسانوي ئي آهي...
آغا سليم: ائين سفرنامي ۾ به ٿي سگهي ٿو ادا سائين... جو سفر ڪندي يا سفرنامو لکندي، اوهين ماڻهن سان ئي ته مڪالمو ڪريو ٿا... ۽ منهنجي ان سفرنامي ۾ به مون ائين ڪجهه ڪيو آهي.
طارق عالم: آغا صاحب! ادبي افسانه نگار گوگول لاءِ چوندا آهن ته، هن جي جيڪا ڪهاڻي آهي، ’اوورڪوٽ‘ سمورو جديد ادب ان ’اوورڪوٽ‘ مان نڪتو آهي، توهان جو ڇا خيال آهي ته سنڌيءَ ۾ مختصر ڪهاڻي، ڪهڙي افسانه نگار جي ڪُک مان نڪتي آهي؟
آغا سليم: من-! ڪنهن مان به نه. هر هڪ ڪهاڻيڪار شروع کان ئي پنهنجو پنهنجو تجربو ڪيو آهي، اهي به اجايون ڳالهيون آهن ته فلاڻي کي گولي لڳي ۽ ڪهاڻي مري ويئي. ڪهاڻي ڏٺو وڃي ته ڪنهن جي به ميراث ڪانهي، ڪنهن مخصوص ليکڪ جي ٺاهيل ٽيڪنڪ ڪانهي. بس ڪو ان کي لکي ٿو ۽ ان کي پنهنجو Expression ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ پنهنجو اسٽائيل ٺاهي ان ۾ لکي ٿو. مطلب ته منهنجي نگاهه ۾ ڪو به اهڙو ڪهاڻيڪار ڪونهي، جنهن لاءِ چئي سگهان ته ’ڪهاڻي‘ ان جي ڪُک مان نڪتي آهي.
نصير مرزا: ڀلا ڊرامي جي فن لاءِ ڇا چوندئو؟
آغا سليم: ڊرامي جا جيڪي بنيادي اصول ٺهيل هئا، ابتدا ۾، ته ان ۾ ٿورو Conflict هجي، ڪلائيمڪس ۽ اينٽي ڪلائمڪس...ته ان ڏس ۾ ٿورو چيخوف جا ڊراما ته پڙهي ڏسو. هن پهريون دفعو ٻڌايو آهي. ته جتي لفظ ختم ٿا ٿين ته اتي ڊرامي ۾ خاموشي ۽ Pause جي ڇا اهميت ۽ مفهوم آهي... ۽ هن ٻڌايو آهي ته توهان جا لفظ جتي ختم ٿا ٿين، اتان سائلينس شروع ٿو ٿئي ۽ اُها Expression آهي. سو من!... ڪنهن به صنف جي طئي ٿيل ٽيڪنڪ جو نالو ناهي ڊرامو يا ڪهاڻي.
طارق عالم: توهان ڀلا ’ٽيڪنڪ‘ جي اهميت بابت ڇا چوڻ پسند ڪندا؟
آغا سليم: پهرين ته بذات خود ليکڪ هجڻ جي اهميت آهي. ٽيڪنڪ ته پوءِ پيدا ٿيندي آهي، جنهن مهل ارسٽاٽل (ارسطو)ادب تي لکيو پئي ته، ان کان پهرين يوناني ادب ۾ ’هومر‘ کي هن ڏٺو هو ته هن ڪهڙي نموني لکيو آهي. پوءِ هن انهن لکتن کي ڏسي، ان جي اصولن کي متعين ڪيو، ته هن انداز سان به لکيو ويندو آهي. گرامر پڙهي منَ! ماڻهو نه لکندو آهي. ليکڪ کي پڙهي ٻڌي ماڻهو گرامر تيار ڪندا آهن. چوڻ جو مقصد اِهو ته هر ڪو سٺو ليکڪ پنهنجي ٽيڪنڪ پاڻ ايجاد ڪندو آهي.
نصير مرزا: ظاهر آهي آغا صاحب... همعصرن ۾ اوهان جي انفراديت اوهان جي دلفريب اسٽائيل (اسلوب) جي ڪري ئي آهي ۽ ڪهاڻين جي مجموعي ’چنڊ جا تمنائي‘ کان وٺي ’همه اوست‘ تائين ان ۾ رومانيت ۽ تاريخيت آهي، ته پڇڻ چاهيندس ته اهڙي اسلوب اختيار ڪرڻ لاءِ توهان کي اتساهه ڪٿان مليو آهي؟
آغا سليم: پهرين ته، مان ان کي نٿو مڃان ته مون فلاڻي کان اتساهه وٺي لکڻ شروع ڪيو هو يا فلاڻي جو اثر مون تي آهي، اِهو غلط آهي. منهنجيءَ نظر ۾ متاثر ٿيڻ جو عمل، هڪڙو ڊگهو پراسيس هوندو آهي. اول ته اوهين پنهنجي آس پاس جي ماڻهن ۽ ماحول کان متاثر ٿيو ٿا ۽ الائي ڪهڙن بي نام ۽ گمنام ليکڪن جي تحريرن کي پڙهو ٿا. ها! ذاتي طرح سان مون کي اعتراف آهي ته No Doubt جنهن ليکڪ جهڙو مون ٿيڻ چاهيو، پر ٿي نه سگهيو آهيان، اُهو آهي چيخوف يا دوستو وسڪي، ۽ ظاهر آهي ته انهن جهڙو مان ٿي نه سگهيو آهيان. ان ڏس ۾ سمرسيٽ ماهم هڪ هنڌ لکيو آهي ته:’Many are called, but few are select‘ ۽ من! اسان مان هرڪو ليکڪ يا جيڪو شاعر ٿيڻ چاهي ٿو نه ته، اُهو شاهه لطيف کان گهٽ نٿو ٿيڻ چاهي. Many are called ۽ ان دنيا ۾ گهڻن ئي کي سڏ ٿئي ٿو... پر ڪنهن ڪنهن کي ئي ائين چوڻ جو حوصلو ٿئي ٿو ته:
’سڻي تنهنجو سڏ، ڪُلهي پاتم ڪينرو.‘
ته من! ڪنهن ڪنهن ۾ ئي اِها قوت پيدا ٿيندي آهي جو هو ان جي سڏ کي ورجائڻ جي طاقت رکندو آهي، ۽ هاڻي سڏ ۾ وري ڇا ٿو ٿئي جو، جيئن ڀٽائي صاحب جو فرمان اهڙن ماڻهن لاءِ آهي ته:
’جنين سُک ناهه ڪو، چارڻ سي چئجن،
رڃن راهه پڇن، مٿي ڪلهن ڪينرو.‘
ته لکڻ يا آرٽ جي دنيا ۾ نڪري پوڻ ته رڃ جو سفر آهي، سڃ جو... جڏهن وڃي ان ۾ ڪي هڙ حاصل ٿئي.
نصير مرزا: ڀلا ان سفر ۾ ڀٽڪندي، شهرت کان سواءِ، ٻيو ڪي پلئه پيو اوهان کي، ڪا حاصلات... قدر، ڪو تمغو...؟
آغا سليم: مَن! هاڻي، جيڪڏهن مون کي پرائيڊ آف پرفارمنس ملي ويو ۽ ان حوالي سان لک سوا... ته اِهو ته اتفاق آهي، باقي اهڙي پلاننگ سان ته مون ڪو نه لکيو آهي ته، ڪجهه ملي ته لکان، ور نه، نه!
نصير مرزا: اڇا توهان جي اسلوب بابت شايد مراد علي مرزا صاحب اشارو ڪيو هو يا ٻيا به چوندا آهن ته ان تي قرة العين حيدر جو اثر رهيو آهي ته ڇا ائين هو ڇا؟
آغا سليم: ها... اِهو ٿورو منهنجي ڪنهن تحرير تي اعتراض آهي ته ’مان قرت العين کان متاثر آهيان، خاص ڪري ناول ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ جي ريفرنس ۾ اهڙو اعتراض اٿاريو ويو هو. هاڻي ٿورو ٻڌو. اڳي هي جيڪي مشاعرا ٿيندا هئا، انهن ۾ طرح مصرع ڏني ويندي هئي، ته ان ’طرح‘ جي بحر وزن تي، هِن کي به غزل لکڻو هوندو آهي ۽ هُن کي به. ته جيتري قدر منهنجي ناول ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ جو تعلق آهي ته ان کي ائين سمجهو ته اُهو هڪڙو’طرحي ناول‘ آهي. ۽ اِها طرح ورجينا وولف جي ’همين چراغ همين پروانه‘ ۽ هرمن هيس جي ’سڌارٿا‘ کان شروع ٿي ٿئي. ائين اهڙي موضوع جي طرحي مصرع تي قرة العين حيدر به هڪ تمام سٺو ناول لکيو. انهن ٻنهي ناولن جو... يعني منهنجي ناول ’اونداهي ڌرتي‘ جو قرة العين حيدر جي ان ناول ’آگ ڪا دريا‘ کان متاثر ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جو، هن جو موضوع ۽ ماحول پنهنجو آهي ۽ منهنجي ناول جو پنهنجو آهي. هن جا مسئلا ٻيا ۽ منهنجا، منهنجي ڌرتي، تهذيب ۽ تمدن جا مامرا ئي ٻيا آهن. منهنجي ذهني نشونما سنڌ جي ماحول جي آهي، هوءَ هند ۾ پلي نپني آهي. هن وٽ، هن جي تحريرن۾ ان ڳالهه جو روئڻ آهي ته لکنؤ وارو ڪلچر زوال پذير آهي ۽ منهنجي لکڻين ۾ هيءَ جيڪا ميسڪيوليننٽي آهي، ۽ خيمن ۾ هي هڪڙو جهيڙيندڙ مرد نظر اچي ٿو، قرةالعين حيدر وٽ اهڙو ڪجهه ڪٿي آهي؟! باقي اِهو جيڪو توهان اعتراض اٿاريو، ان جو جواب هي آهي ته طرحي مصرع ۽ طرحي موضوع جي يڪسانيت کانسواءِ، ٻنهي ناولن ۾ ٻي ڪا به هڪجهڙائي بلڪل ئي ڪانهي.
اسحاق سميجو: پر آخر ان ناول جي پهرين سٽ لکڻ لاءِ، Inspiration اوهان کي ڪٿان ملي ته ضرور هوندي؟
آغا سليم: Naturally اِهڙو تحرڪ مون کي مليو ’آگ ڪا دريا‘ کان ئي هو، ۽ مون کي ياد آهي جڏهن مون اِهو ناول پڙهيو پئي، مان ’حيرت‘اخبار ۾ سنڌ جي تاريخ بابت، داستان لکندو هوس، تڏهن هيڏانهن اُهي لکندي ۽ ٻئي پاسي قرت العين حيدر جو ناول پڙهندي، سوچيندو هوس، هي اسان سنڌ وارن تاريخ جا ڪيڏا نه عذاب سٺا آهن ۽ قرت العين حيدر وارن ته ڪجهه ناهي سٺو. تڏهن مون سوچيو ته سنڌ جي پس منظر ۾ مان به ڇو نه اهڙو ناول لکان ۽ لکي پورو ڪيم.
علي دوست عاجز: معنيٰ ته ان اعتراض کي اوهين يڪسر رد ٿا ڪريو!
آغا سليم: جيتري قدر Source of inspiration جو سوال آهي ته ان حد تائين ڳالهه ڪنهن حد تائين درست آهي، ته مون کي ان جي مطالعي مان اتساهه مليو هوندو، پر جيتري قدر منهنجي ناول تي، هن جي ناول جي ’اثر‘ جو تعلق آهي ته ان اعتراض کي مان رد ٿو ڪريان. مان چوان ٿو اوهان اهو ڏسو نه ته مان پنهنجي ان ناول ۾ ڪٿي آهيان به يا نه، يعني طرحي سٽ تي لکيل غزل ۾ منهنجو تخليقي رويو نظر اچي ٿو يا نه. ظاهر آهي ته”مان اُن ۾ آهيان“، ۽ اهو فرق ان ڪري به واضح آهي ته منهنجو پنهنجو Perspective آهي ۽ هن جو پنهنجو.’آگ ڪا دريا‘ جي آخر ۾ ڪراچي مائيگريٽ ڪري آيل مهاجرن لاءِ هوءَ روئي ٿي ته هتي انهن لاءِ جهڳيون ڇو آهن!؟ اڙي بابا، هتي اسين ماروئڙا، جهانگيئڙا رهندا ئي جهڳين ۾ آهيون، جهڳيون اسان جي ثقافت جو مرڪ آهن، ۽ اسان جي دعائن جو مرڪز ته ’الا جَهري م شال غريبن جي جهوپڙي‘آهي. معنيٰ ته اسان جي شاعري اتان ٿي شروع ٿئي: اسين ماروئڙا، اسين سانگيئڙا...
نصير مرزا: ڪيڏو نه سٺو ٿئي جو انهن شهرن جي ٽئبلن ۽ گهرن جو ذڪر به ڪندا هلون، جتي اوهان اِهو پنهنجو اهم ناول ويهي لکيو هو.
آغا سليم: مَن! ريڊيو ۾ نوڪري ڪندي، ڪراچيءَ ۾ ايڪسٽرنل سروس واري آفيس ۾ ويهي مون لکيو هو. ڪجهه چيپٽر مون ان جا ان وقت به لکيا هئا، جڏهن مان ريڊيو حيدرآباد تي هوس.
نصير مرزا: آغا صاحب، تاريخ جي پس منظر ۾ جيڪي ناول اوهان لکيا آهن، مثال طور اونداهي ڌرتي... يا ’همه اوست‘ ته ڇا ان لاءِ لکڻ کان اڳ ان موضوع بابت اوهان هوم ورڪ به ڪندا هيا؟
آغا سليم: مون اوهان کي عرض ڪيو ته، اڃا مون ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ شروع نه ڪيو هو ته، مان ’حريت اخبار‘ ۾ سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ آرٽيڪل لکندو هوس. اهڙي ئي مطالعي ۽ پنهنجي تاريخ جي Roots ۾ لهندي، مون محسوس ڪيو ته، اسان سنڌ وارن ڪيڏا نه ظلم سٺا ۽ عذاب ڀوڳيا آهن ۽ عرض ڪريان ته اهڙي آرٽيڪل لکڻ کان پهرين ان رخ سان مون مطالعو ڪو نه ڪيو هو. جڏهن ڪيم ته سوچيم، ڇو نه ان پسمنظر ۾ آئون به هڪڙو ناول لکان. ائين ’همه اوست‘ شروع ڪيم ته ان جي پس منظر ۾ شاهه لطيف ۽ شاهه عنايت شهيد، جي دؤر جون تاريخون اٿلايم پٿلايم... ظاهر آهي ته تاريخ جي پس منظر ۾ ڪجهه به لکڻ کان اڳ اهڙو مطالعو نهايت ضروري به هوندو آهي.
اسحاق سميجو: آغا صاحب توهان کان سواءِ، سراج صاحب پنهنجي ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۾، يا محمد عثمان ڏيپلائي صاحب به پنهنجي ناول ’سانگهڙ‘ ۾ سنڌ کي ڊسڪس ڪيو آهي، اوهين ٻڌايو ته توهان پنهنجي ناولن کي انهن کان ڪيئن ٿا، مختلف ڀانئيو؟
آغا سليم: هاڻي ڳالهه ٻڌ اسحاق- هي جيڪو نئون سنڌ ۾ ماڊرنٽي جو جيڪو دؤر آيو آهي نه مَن! جيئن انڊيا ۾ ان جو پيروڪار لعل پشپ آهي ۽ سنڌ ۾ اسان وٽ ماڻڪ يا مشتاق شورو يا انهن جو جيڪو گروپ هو ۽ انهن سڀني جو آئيڊيل به اِهو لعل پشپ ئي هو يا موهن ڪلپنا... پر مَن! تنهنجي مٿئين سوال جي جواب کان اڳ چوڻ چاهيندس اسان کي ان تي به سيمينار ڪرائڻ گهرجي ته اِها ماڊرنٽي آهي ڇا!؟ ته ٻڌ... هڪڙي ته آهي تاريخ اسلام ’محمد بن قاسم، الله اڪبر... نعره تڪبير‘ ۽ اِها به تاريخ آهي، پر هڪڙو طريقو ٻيو آهي ۽ اهو هي ته اوهين تاريخ کي انٽرپريٽ ڪيو. ۽ اِها آهي ماڊرنٽي. مثال طور منهنجو لکيل اسٽيج ناٽڪ آهي، دودي چنيسر بابت ’گل ڇنو گرنار جو‘. ان جو ڪردار رڳو ڪاسٽيوم ۾ دودو ڏيکاريل آهي، گيٽ اپ ۾ دودو آهي، پران جي لفظن ۽ ڊائلاگس ۾ مون جديد سنڌ جي حالتن کي بيان ڪيو آهي. ظاهر آهي مان علاءُالدين خلجيءَ يا ڪلهوڙن جي دؤر جو ماڻهو ناهيان ۽ ماڊرن سينسيبلٽي جو ماڻهو آهيان. مون، ان ڏس ۾ جيڪڏهن شاهه تي تحقيق ڪئي آهي ته ان ئي پس منظر ۾ ڪئي آهي. مثال طور ڀٽائي صاحب جي سِٽ آهي:
بندر جان ڀئي، ته سکاڻئان م سمهو.
ته ان ۾ بظاهر ته ڪنهن به قسم جي ’سنڌيت‘ يا ’مزاحمت‘ ڪا نه ٿي نظر اچي. هاڻي ان جي ٻئي حصي ۾ ڀٽائي صاحب چوي ٿو:
’ڪپر ٿو ڪن ڪري، جئن ماٽيءَ منجهه مهي،
پئو سڀ سمهي، مُعلم سندي آسري.‘
معنيٰ ته ڀٽائي صاحب ناکئن کي چوي پيو ته معلم جي آسري تي ٻيڙا ڇڏي وڃي، سمهي آرام ڪريو. هاڻي ڏسو ته ان شعر ۾ ڀٽائي صاحب پهرين ته خوف ٿو ڏياري، ڊيڄاري ٿو ۽ پوءِ وري ائين ٻيڙا معلم جي آسري ڇڏي، فرمائي ٿو ته وڃي سمهي به رهو. معنيٰ ته اِها ٿي ڀٽائي صاحب جي Spirituality، جو پهريان ته هو خوف ٿو ڏياري ته بندر تي ڀئي اٿوَ. پوءِ ڏڍ ٿو ڏئي ته ’نه‘ توهان جنهن معلم (رسول پاڪ) جي آسري آهيو، ته ان جي ڏڍ تي، هاڻي آرام سان سمهي رهو. هاڻي ڏسو ته اِها ٿي شاهه صاحب جي Perception، پر مان ان شعر کي ايئن انٽرپريٽ ٿو ڪريان ته، سنڌ جي هيءَ جيڪا سياسي صورتحال سامهون آئي آهي، ان ۾ اصل ئي ناهي سمهڻو. ۽ ڀٽائي صاحب ان سٽ ۾، اسان کي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکي چيو آهي ته:
’بندرجان ڀئي ته سکاڻئان م سمهو.‘
ته مَن! سمجهئو نه... ته منهنجو لکڻ جو، منهنجي ماڊرنٽي جو متو اِهو آهي ته ناولن ۾ تاريخيت کي پنهنجي دؤر جي تناظر ۾ انٽرپريٽ ڪرڻو آهي.
اسحاق سميجو: تڏهن توهان سراج صاحب جي ناولن ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۽ ’مرڻ مون سين آءُ‘ بابت ڇا چوندؤ؟
آغا سليم: ها... هاڻي اچون ٿا سراج جي ناولن تي. منهنجو خيال آهي ته اهو ماڊرن ناهي. ان لاءِ هيئن چوان ته ليکڪ ڪڏهن ڪڏهن ٽيڪنڪ کي قربان ڪري ڇڏيندو آهي، ته سراج به پنهنجي ناول ۾ ٽيڪنڪ کي قربان ڪيو آهي، ۽ سڌي پيغام کي اوليت ڏني آهي. مَن، ڇا آهي ته اسين بنيادي طرح هڪڙي ڊپريسيڊ قوم جا فرد آهيون ۽ جيڪا صورتحال هوندي آهي، اُها به ڊٽرمين ٿي ڪري ماڻهوءَ کي. علامه اقبال کي ڏسو، اُهو جي هن دؤر ۽ حالتن ۾ پيدا ٿي ها ته اهڙو ٿوروئي لکي ها، جهڙو هن لکيو آهي. هو پنهنجيءَ ذات ۾ هڪڙو وڏو شاعر هو. ايڏو وڏو شاعر هو، جنهن جي ڪا حد ڪانهي، پر اهڙي شاعر کي ان دؤر ۾ مسلمانن جي جيڪا صورتحال نصيب ۾ ملي، ته هن کي اهڙي قسم جو شاعر ٺاهي ڇڏيو.
نصير مرزا: مطلب ته توهين سراج صاحب جي ناولن بنسبت پنهنجي ناولن کي وڌيڪ جديد پيا سمجهو.
آغا سليم: نه... انهن کي مان ٽيڪنڪ وائيز نه صرف ائپروچ وائيز، الڳ سمجهان ٿو يا ائين سمجهه ته پريزيٽيشن وائيز مان انهن کي ڌار ٿو سمجهان، معنيٰ ته منهنجو جيڪو انداز آهي، اهو اسلامي تاريخي ناولن جهڙو ناهي. جنگين ۽ هنگامن جي بيانن تي ٻڌل به ناهي، جيئن سراج يا ڏيپلائي صاحب جي ناولن جو آهي. ڏيپلائي صاحب ويچاري جو وڏو مسئلو هي هئو جو هُو هند جي زيادتين جو شڪار هو. جن کي هو، ’ڪافر‘ پيو سڏي ۽ سمجهي ۽ ان ڪري هو مسلمانن جي ماضيءَ واري عظمت واري تاريخ کي، پنهنجي ناولن ۾ تلاش ڪرڻ لڳو هو، ۽ ان جي مقابلي ۾ اسان ڳوليو آهي ناولن ۾ سنڌ جي عظمت کي، سنڌ وطن جي درد کي...
طارق عالم: آغا صاحب اوهان جنهن جدت پسنديءَ جي ڳالهه ڪريو پيا، ان جي ٿوري وضاحت به ڪريو ته ان جو ڇا مفهوم آهي اوهان جي نظر ۾؟
آغا سليم: مثال طور، پهرين پهرين ڳالهه آهي پنهنجي دؤر لاءِ لکڻ. اِهو ’جديديت‘ آهي. تاريخ جي باري ۾ اوهان جا رويا ڪهڙا آهن، ڇا اهي ڏيپلائي صاحب جهڙا آهن، ’شان اسلام‘ ۽ ’نعره تڪبير‘ وغيره جهڙا؟. ها جي توهين انهن کي به ماڊرن ٽائيمز وانگر انٽرپريٽ ٿا ڪريو ته ان کي به جدت چئي سگهو ٿا.
علي دوست عاجز: ڀلا شاهه کي اوهين ڪهڙي نڪتئه نظر تحت پڙهندا آهيو.
آغا سليم: سڀاوَن جي تضاد مطابق شاهه منهنجي سينسيبلٽيءَ جو شاعر ناهي. چوي ٿو:’هو چَوَنئي، تون م چئو‘
يا هو جيڪا آئيڊيل عشق جي ڳالهه ٻڌائي ٿو ته عاشق کي سوليءَ تي چڙهي وڃڻ گهرجي ۽ منهنجو جواب آهي ته، عشق ۾ مان ناهيان چڙهي سگهندو. معنيٰ اِهو منهنجو آئيڊيلزم ئي ناهي ته عاشق سوليءَ تي چڙهي. جئن هاڻي ٿورو ٿورو هڪڙو ماڊرن شعر پيو ذهن ۾ اچيم، جنهن جو مفهوم هئو ته ”مون سان عذاب هي آهي ته مان، Hate به ڪريان ٿو ۽ Love به.“ ته مان به انهن ٻن ڪيفيتن جو شڪار آهيان. ظاهر آهي ته انهيءَ نظم وارو اِهو خيال به ماڊرن آهي... جديد. ماڻهوءَ کي عشق ۾ جان ڏيئي ڇڏڻ گهرجي، اِهو ماڊرن ناهي، اِهو ڪلاسڪ آهي. ۽ ان حوالي سان شاهه جو عشق به ڪلاسڪ آهي. چوي ٿو:
تماچيءَ جي تن، ڳالهه ڪيس ڳجهڙي
يعني Body talking to body هيءَ ته ڊي ايڇ لارنس واري ٿيوري آهي. اسين ته سمجهندا هئاسين ته ڊي ايڇ جي ناول ’ليڊي چيٽرليز لو‘ ۾ پورنو گرافي آهي، هي آهي ، هو آهي. اِها ته وڏي ڊسٽينس جي ڳالهه آهي. مثال طور ڪلاسز آهن. مٿيون ڪلاس Crippled آهي، هيٺئين ڪلاس جو ماڻهو سيڪسيوئلي Potent (طاقتور) آهي. انهيءَ کان پوءِ ان ناول ۾ جيڪي ڊائلاگ آهن، هڪڙي عورت جيڪا عام سوشل گپ شپ ۾ ٿي چوي ته اسين جڏهن هڪ ٻئي سان ڳالهايون ٿا، تيڏي مهل خيالن جي ڏي وٺ ڪندا آهيون، بلڪل ان طرح سان جنسي عمل ۾ به Body talking to body وارو عمل ٿيندو آهي... ڀلا سينسيشنس هڪ ٻئي سان ڇو نه ٿا Exchange ڪري سگهؤن. ته Exchange of Senses... اهو آهي Sex - مرد ۽ عورت پاڻ ۾ آئيڊياز ايڪسچينج ڪري سگهن ٿا ته پوءِ Sensations به ڇو نه ٿا ڪري سگهن، ته چوڻ جو مطلب اِهو ته اهي آهن هڪڙا محبت جا ماڊرن رويا. ڀٽائي صاحب فرمائي ٿو ته: ’عشق نانگ نپٽ، خبر کاڌن کي پوي‘ اِهو پيار جو ماڊرن تصور آهي.
چڱو هتي هڪڙي وري ٻي ڳالهه ٿا ڪريون... ۽ هڪڙي نئين ٿيوري آئي آهي دنيا ۾ Death of the earth ان ۾ هو چون ٿا ته ليکڪ جنهن مهل لکي ٿو، ان مهل ان جو موت اچي ويو، ختم! ۽ ان کان پوءِ جيڪا لکڻي آهي توهان جي، ان کي Autonomy (خود مختياري) آهي يعني ان جو پنهنجو وجود آهي. ان ڏانهن ئي ڏسو ۽ ان جي ليکڪ کي وساري ڇڏيو. ڏسو ته اُها اوهان سان ڪيئن ٿي ڳالهائي- سو مَن! شاهه سائينءَ کي به بس جنهن مهل پڙهان ٿو. تنهن مهل ڀٽ تي ويٺل شاهه کي مان ڪو نه پڙهندو آهيان. تنهن مهل ان جي ڪردارن ۾ ان کي پڙهندو آهيان ته اُهي ڪيئن ٿا مون سان ڳالهائين...
طارق عالم: ڀٽائي صاحب جا ڪهڙا اهڙا بيت يا سٽون آهن، جن کي اوهين پنهنجي تنهائيءَ ۾ ياد ڪندا ۽ لطف ماڻيند رهندا آهيو؟
آغا سليم: ]بي ساخته چوندي[ مَن! اها سٽ اجهو هي اٿئي:
’ سڄڻ سُتا ولهه ۾، چوٽا ڀري ڪپور‘
ڇا ته رومانس آهي سائينءَ وٽ... هي ان بيت جي ٻي سٽ ڏسو:
’اڀر چنڊ! پس پرين، تو اوڏا، مون ڏور‘
هاڻي جيڪو محبوب ولهه ۾ چوٽا ڀري ڪپور، چانڊوڪي ۽ ولهه ۾ ستو پيو هجي ته اهڙو نفيس خيال بس لطيف ئي بيان ڪري سگهي ٿو.
نصير مرزا: ]کلندي پڇي ٿو[ ڀلا توهان لاءِ به ڪڏهن ڪٿي ولهه ۾، چوٽا ڀري ڪپور... ڪنهن انتظار ڪيو. ]۽ ان سوال تي آغا صاحب بي ساخته ٽهڪ ڏيئي ۽ ڪيئي سيڪنڊن تائين دل کولي کلندو رهيو).
آغا سليم: من-! هاڻي اِهي ڳالهيون به ڪي پڇڻ ۽ ٻڌائڻ جون آهن جو توکي مان ٻڌايان. چڱو هي ڪئيسٽ رڪارڊر بند ڪر ته ٻڌايانءِ ٿو ]۽ رڪارڊر بند ٿو ڪريان.[
نصير مرزا: آغا صاحب، چون ٿا ته مير تقي مير وٽ عشق جو صرف هڪڙو تجربو هو ۽ ان تي هن سڄا سارا شاعريءَ جا ڇهه ديوان سرجيا. توهان بنيادي طرح سان هڪڙا رومينٽڪ افسانه نگار آهيو ته اوهان جيڪي ڪيئي رومانوي افسانه لکيا آهن. اُهي ڪنهن هڪ ئي تجربي تي آڌارڪ آهن يا هر افساني لاءِ توهان کي نئون تجربو ٿيو.
آغا سليم: وحدانيت رڳو الله جو مَرڪ آهي من! ٻيا ته ان کان آجا ئي هوندا آهن، سو مون کان منهنجي عشقن جو تعداد نه پڇو، نه ئي مان ڪو ٻڌائيندس به. ۽ نه ئي ان کان وڌيڪ مان توکي ٻڌائي سگهندس.
طارق عالم: آغا صاحب، اوهان ڀٽائي صاحب کي اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ته اِهو ڇا سوچي ڪيو اٿو؟
آغا سليم: من-! ٻه ٽي ڳالهيون منهنجي سامهون هيون. هڪ ته شاهه لطيف منهنجو Heritage آهي. بنيادي ڳالهه ته اِها ئي آهي، ته مون اردو وارن کي اردو ترجمي ۾ ٻڌائڻ چاهيو آهي ته هي ڏسو! منهنجو سائين ڪيڏو وڏو شاعر آهي. ٻيو سائينءَ کي مون پنهنجي پر ۾ ... منهنجو خيال آهي ته مون ڊسڪور ڪيو آهي. ان اينگل سان سچ ٻڌايانَو ته مون کان اڳ هن کي ائين ڪنهن به تلاش نه ڪيو آهي. مثال طور، مون سوچيو هئو ته سسئي تي اردو ۾ ڪو ڪتاب لکان: ’دشت وجود ڪي مسافت‘ ائين مون ان ۾ ڄاڻائڻ ٿي چاهيو ته، سسئي جي جيڪا مسافري آ، اُها وجود جي دشت جي مسافري آ، پنهنجو پاڻ کي Discover ڪرڻ جي مسافري آ، جنهن جي آخر ۾ سسئي چوي ٿي ته ’پنهون پاڻ ٿياس‘ ته ايئن مون تازو سنڌيءَ ۾ به هڪڙو ڪتاب لکيو آهي:’شاهه لطيف وٽ غم جو فلسفو‘ ۽ ڀٽائي صاحب جو فلسفو آهي ته غم اوهان کي Purify ٿو ڪري جو Purify ڪرڻ کان پوءِ اوهان جڏهن اسٽرلائير ٿا ٿيو ته اوهان کي پنهنجو پاڻ مان، پنهنجو پاڻ نظر ٿو اچي ۽ اُهو پنهنجو پاڻ ڇا آهي؟ يعني ڪيچ وارو پنهون جيڪو آهي سو Irrelevant ٿو ٿي وڃي. سائين فرمائي ٿو:
ڳولهيان ڳولهان مَ لهان، شال، مَ ملان هوت.
اها ته بظاهر هڪ مريضانه سوچ آهي. ڀئي ڳولهيان ته پوءِ ڇو نه لهان.
وري اڳتي چوي ٿو:
من اندر جا لوڇ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي.
ڀئي لوڇ ڪا اينڊ ان اٽ سيلف آهي ڇا، جيڪڏهن سوچ اينڊ اٽ سيلف آ، ته پوءِ ته اِها بيماري آ. پاڻ کي ايذاءُ ڏيئي ان مان لذت حاصل ڪرڻ وانگر آهي. No- يعني هن جو يعني سسئي جو جيڪو سفر هلي پيو، ان ۾ هو محسوس ڪري ٿي ته هاڻي
پرتوو پنهونءُ جو، جئن جهڙ ۾ جهالا.
ڏئي پيو ۽ هن کي اُهي جهالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ ان جدوجهد ۾ هن کي جيڪو ايذاءُ رسيو آهي، غم نصيب ٿيو آهي، انهيءَ ۾ هن محسوس ڪيو ته پوءِ ٿي چوي پئي ته! ڳولهيان ڳولهيان مَ لها.
ته متان هُن پنهون سان ملنديس ته اِها ڪيفيت، جيڪو درد آهي، اُهو متان ختم نه ٿي وڃي، ته منَ-! ان ڪتاب ڀٽائي جي غم جي فلسفي ۾ مون پنهنجي پر ۾ سسئي کي ڄڻ نئين سر Discover ڪيو. سائينءَ جو هي بيت ٻڌو:
سدا هنيم سُور جي، اڳيان ڪوهيارو،
جو نجس نيکاري، سو پنهون وڌم پاند ۾.
يعني نجس، کي جيڪا شيءَ نيکاري، اُهو غم آهي، پور آهي، ڏات آهي. جيڪو پنهون منهنجي ڀتار پاند ۾ وڌو ته انهيءَ مون کي Purify ڪيو ۽ Purify ٿيڻ کان پوءِ مون پنهنجو پاڻ ۾ پنهون کي ڳولهي لڌو.
طارق عالم: آغا صاحب، لڳي ٿو ڀٽائي صاحب اوهان کي پنهنجي سحر ۾ ايترو ته جڪڙي ڇڏيو آهي جو ’ڪهاڻي‘ هاڻي توهان لاءِ بي معنيٰ بنجي ويئي آهي.
آغا سليم: Yes, توهان صحيح ٿا سمجهو، هاڻي منَ نه مون کي ڊرامو ٿو وڻي، نه اهو لکي ٿو سگهان، نه ڪهاڻي، نه ناول، ٽي ويءَ سان دلچسپي ختم ٿي ويئي اٿم، ۽ بس لطيف سائين ۾ گم رهڻ مون کي پسند اچي ويو آهي.
طارق عالم: ڇا توهان مذهبي ماڻهو بنجي چڪا آهيو؟
آغا سليم: نه مَن!مان ڪو مذهبي ماڻهو ناهيان. اُهي ئي Believes آهن منهنجا، جيڪي پهريان هيا.
علي دوست عاجز: توهان چوندا آهيو ته سائين جو سهڻي سُر، ڏک جو سُر آهي، پر اوهان هتي گهڻا مثال سُرسسئي مان ڏنا ته سهڻي لاءِ ڇا چوندا؟
آغا سليم: مون توهان کي ٻڌايو ته سائين جيڪو سُر سسئي چيو آهي، ته اهو ’دشت وجود ڪي مسافت‘ آهي يعني هوءَ جيڪو سفر ٿي ڪري، اُهو هو پنهنجي وجود ۾ ٿي ڪري يا جيڪو سورٺ راءِ ڏياچ سُر آهي، ان ۾ Practically ڏياچ ڪو پاڻ کي ڪو نه ٿو ماري، اها ته تمثيل آهي. يعني توهان هڪڙي ڪيفيت مان ٻي ڪيفيت ۾ اچو.يعني جڏهن توهان نابود ٿا ٿيو، تڏهين بود ۾ ٿا اچو. معنيٰ توهان جي جڏهن Transformation ٿئي ٿي، جئن مثال وٺون ته هڪڙو ماڻهو پنهنجو پاڻ کي سمجهي ٿو ته مان آغا سليم آهيان، نه سائين لطيف ٿوچوي ته اِها ’بود‘ آهي، نابود ۾ ڪيئن ايندين؟ جڏهن تون سمجهندين ته مان ڪُل جو هڪڙو جز آهيان ۽ مان ڪل آهيان، وحدت الوجود جو به اِهو ئي ته تصور آهي ۽ هو جنهن مهل ڪل ۾ شامل ٿئي پيو ڏياچ، ته ان حالت مان مري ٿو وڃي، جنهن حالت ۾ ٻيجل هن سان ملي ٿو. تڏهن ڏياچ ٻيجل کي چوي ٿو ته:
عجب اٿم ايءُ، رات منهنجو ري،
ڪاٽيو تو ڪماچ سان.
ائين ئي وري مومل راڻي ۾ ڏسو، راڻو بي معنيٰ، Irrelevant ٿي ٿو وڃي. مومل جڏهن چوي ٿي ته:
’ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو،
راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي جي ناهي ڪي.‘
ته ائين هو پنهنجو پاڻ کي Discover ٿي ڪري ۽ هاڻي ڇا جو راڻو ۽ ڇا جو ڪاڪ محل ۽ ڇاجي سومل! هر پاسي بس راڻو ئي راڻو... ته مون اوهان کي ٻڌايو پئي ته لطيف سائين تمام وڏو شاعر آهي. هاڻي ڇا، آهي ته سڀ معاملو ڌيان جو آهي. جن ماڻهن رسالو Compile ڪيو آهي، انهن بلڪل وڏو ڪم ڪيو آهي، پر اُنهن ڇا ڪيو آهي جو ڇاپي جي Thought جي evolution ڪرڻ نه ڏني اٿن. مثال طور انهن وٽ سسئي پڙهو، ته ان جي Thought جي evolution نظر نٿي اچي. سسئي آبريءَ ۾ سائين سسئي کان چَورايو آهي ته: ’پنهون ٿيس پاڻ، معنيٰ ته ختم ٿي وئي نه، پر اڳتي وري چوي ٿي ته: ’قافلو ڪاهيندياس.‘ ۽ جيڪڏهن سسئي جاکوڙ ۾ رڌل هئي ته هي بيت ان سُر جو آخري بيت هجڻ گهرجي ها. جيئن شروع ۾ چوي ٿي:’الا اچن اوءِ، جن آئي من سرهو ٿئي‘ يعني هڪڙي تمنا آهي ته هو اچن، ۽ هاڻي جڏهن آيا ته انهن جي اچڻ سان ’نهن سين نيڻ ٺريام‘ ’ڪاجل ڪٺي آهيان‘، اِهو بيت اچڻ گهرجي ۽ جنهن مهل پنهونءَ جا ڀائر هن کي وٺيو هليا ٿا وڃن ته فراقيه بيت اچڻ گهرجن. پر رسالي ۾ ڏسو، ان جي ابتڙ آهي. ڪو بيت ڪٿي آهي ته ڪو وري ڪٿي!‘ ۽ ائين سرن ۾ بيتن جي ترتيب، بي ترتيب رکي ويئي آهي، ۽ انهن ۾ مفهوم جي تسلسل جو، ڪو به خيال نه رکيو ويوآهي.
اسحاق سميجو: ته ڇا توهين ان خيال جا آهيو ته.رسالي جي ترتيب نئين سر ٿيڻ گهرجي؟
آغا سليم: بلڪل مون جنهن به هنڌ تي تقرير ڪئي آهي، ان ڳالهه تي زورڏنو آهي ته شاهه سائين جي رسالي جي درست ترتيب تي ڌيان ڏنو وڃي، پر تحقيق جي ميدان ۾ اڌ پڙهيا عالم شاهه تي قابض آهن ۽ اهو ڪم اڃا اڌورو پيو آهي.
اسحاق سيمجو: منهنجي خيال ۾ ته شاهه صاحب تي ڪم ڪرڻ وارا تمام گهڻائي نه-تمام وڏن نالن وارا به آهن...
آغا سليم: ] وچ ۾[ ها هوندا... ها، هوندا...
اسحاق سميجو: جيئن قليچ صاحب آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، ڪلياڻ آڏواڻي آهي، ڊاڪٽر بلوچ آهي ته اِهي سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي شعبن جا Giants آهن.
آغا سليم: برابر انهن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ شاهه سائين کي Discover ڪيو آهي، وڏي عظمت سان! پر..
اسحاق سميجو: پر هتي توهان کان پڇڻ آئون هي چاهيندس ته توهان جي خيال ۾، شاهه جي ڪلام جو ’روح‘ يا ان جو بنيادي ’جوهر‘ ڇا آهي؟
آغا سليم: ڀٽائي صاحب جي شاعريءَ جو روح ته آهي، ’وحدت الوجود‘، يعني مان ’پاڻ خدا آهيان‘، جيئن چيو اٿس: ’پُنهُون پاڻ ٿياس.‘ ڀٽائي صاحب ڇاڪاڻ ته هڪڙي وڏي ٺهراءَ وارو شاعر آهي ۽ ان ۾ جمال ئي جمال آهي، نه ڪي جلال... سچل سائين ٿو چوي: ”آهيان پاڻ الله“ ڀٽائي ته ائين علي الاعلان نٿو چوي، سائين ته وري ڪردارن جي وسيلي ٿو ڳالهائي. پاڻ نه ٿو چوي ته، ’مان ئي هان سڀ ڪجهه‘. سندس ڪردارن منجهان، جيئن سسئي ٿي چوي ته ’مان آهيان‘. مومل ٿي چوي ته ’مان آهيان‘، مومل ٿي چوي ته ’مان آهيان‘ ۽ جيستائين توهان جي ڀٽائي صاحب جي ڪلام جي روح وارو سوال آهي ته ان ۾ وحدت الوجود کان سواءِ ٻي ڳالهه (فلاسفي) آهي ئي ڪانه. جيئن چيو اٿن ته: ’ناٿ ڏٺائون نانهن ۾‘ هاڻي اِن کان وڌيڪ، لطيف سائين توهان کي بابا! پنهنجي باري ۾، ڇا ٻڌائي، ته هُو ڇا آهي!؟
اسحاق سميجو: آغا صاحب توهين بنيادي طرح سان ناول نويس، ڊراما نويس ۽ ڪهاڻيڪار هئا، پوءِ هي تصوف ۽ شاهه لطيف... طرف ڪيئن هليا ويا. ڇا توهان وٽ ان جو ڪو واضح ڪارڻ آهي؟
آغا سليم: جيڪڏهن مان ڊراما نويس نه هجان ها، افسانه نگار يا ناول نويس نه هجان ها ته مان شاهه کي ائين سمجهي ۽ Express نه ڪري سگهان ها. معافي جو طلبگار آهيان، جيڪڏهن هتي چوان ته شاعر ۽ محقق کان به وڌيڪ، تخليقي نثر نگار جيڪو هوندو آهي، اُهو وڌيڪ Creative هوندو آهي. شاعر ته بس ائين آهي جو رستي تي هلندي ڪا مصرع ذهن ۾ آيس ۽ نوٽ ڪري ورتائين، پر نثر مَن! بس ۾ سفر ڪندي ماچيس تي نه لکي سگهبو آهي. اُهو ڌيان گهرندو آهي، وقت ڊمانڊ ڪندو آهي. ڪردار، ۽ ماحول ان لاءِ جوڙڻو ۽ گهڙڻو پوندو آهي. ڊرامن، ڪهاڻين، ناولن ۾ ڪردار ٺاهڻا پوندا آهن. انهن جي نفسيات... ۽ اهڙو عمل ليکڪ ۾ وڏي Creativity پيدا ڪندو آهي. سو مان سمجهان ٿو ته مان جي فڪشن رائيٽر يا ڪردارن جو گهڙيندڙ نه هجان ها ته لطيف سائين جي ڪردارن، انهن جي روين، احساسن ۽ تمثيلن کي سمجهي نه سگهان ها، جيئن محقق جي مقابلي ۾ مون انهن کي سمجهي، پنهنجي انداز سان Discover ڪيو آهي.
علي دوست عاجز: آغا صاحب، توهان نثر لکندا آهيو ته لڳندو آهي شاعري ٿا ڪريو، ته ڇا بنيادي طرح توهان شاعر هئا ڇا!؟
آغا سليم: منهنجي شايد ذهني گُرومنگ اهڙي ٿي آهي. ممڪن آهي ابتدا ۾ مون کي وڏا شاعر وڻندا هجن، جن جي مطالعي منهنجي نثر هيٺان شاعراڻي اڻت ڪري ڇڏي هجي، جنهن سبب اوهان کي منهنجو نثر شاعراڻو پيو محسوس ٿئي.
نصير مرزا: آغا صاحب توهان ڏاڍو ڇرڪائيندڙ اعتراف ڪيو آهي ته، هاڻي توهان کي ڊرامو، افسانو يا فڪشن اٽريڪٽ نٿو ڪري، جڏهن ته توهان ڪنهن وقت مون کي هڪ اِنٽرويوءَ ۾ چيو هو ته، اوهان نِٽشي جي سپرمئن وانگر، سنڌ واسين کي هڪ آئيڊيل ڪردار پنهنجي ڪنهن ناول ۾ ڏيڻ چاهيو ٿا. ڇا اسين هاڻي توهان مان توقع نه رکون ته اهڙي ڪا شئي هاڻي اوهان ڪڏهن سنڌ واسين لاءِ لکندا؟
آغا سليم: مَن! اهڙو واقعي، مون کي خيال آهي ته، هڪڙو اهڙو ناول لکندس، ۽ اهڙو ڪردار سپرمئن جهڙو تخليق ڪندس، جيڪو وڏيرن کي ماريندو، انصاف ڪندو. هاڻي اهڙي ڪنهن ناول جو اهڙو ٿورو انداز مون کي غلام نبي مغل ۾ نظر اچي ٿو، ۽ ان لاءِ فن جي قرباني البته ضرور ڏيڻي پوي ٿي. جئن مون ٻڌايو ته اقبال، مسلمانن جي وڌندڙ زوال کي ڏسي، انهن ۾ روح پيدا ڪرڻ جي لاءِ، پنهنجي شاعريءَ جي بنيادي روح کي قربان ڪري ڇڏيو يا جيئن سراج جهڙي تمام سٺي ليکڪ، ’سنڌيت‘ جو جذبو قوم ۾ پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي ناول ’پڙاڏو سو سڏ‘ کي فلمي انداز ڏئي ڇڏيو ۽ فني جوهر جي قرباني ڏيئي ڇڏي. ان ئي ڏس ۾، مون به چاهيو پئي ته سنڌين کي هڪڙو شاونسٽڪ ڪئريڪٽر ڏيان، ’جنگجو هيرو!‘ جيڪو انهن کي سجاڳ ڪري، سو واقعي ماضيءَ ۾ اهڙو خيال هئو منهنجو، پر هاڻي جڏهن، ‘هلڻ هارا منهنجا سپرين‘ واري عمر ۾ اچي پهتو آهيان ته من! هاڻي ڪهڙو ناول... ڪهڙو ’سپرمئن‘...
طارق عالم: ڇا ڪو اهڙو وقت يا خيال آيو ته پنهنجون افسانوي تحريرون ڦاڙي ڇڏڻ گهرجن جيئن روايت آهي ته، ڀٽائي صاحب پنهنجو رسالو ڪِراڙ ۾ اڇلي ڇڏيو هو؟
آغا سليم: (کلندي) من! هينئر به منهنجو وس پڄي ته اُهي سارا ناول ڪهاڻيون ڦاڙي اُڇلي ڇڏيان، جو هاڻي انهن ڏانهن مڙي ڏسندو ئي ناهيان جو سوچيان ٿو ته انهن کي پڙهڻ سان ڇا محسوس ڪندس، انهيءَ ڪري شرم کان انهن کي پڙهندو ئي ناهيان. انهيءَ حوالي سان هتي هڪڙو مثال ڏيندو هلان، ته لتا منگيشڪر چون ٿا ته جڏهن پنهنجو گيت رڪارڊ ڪرائي وٺندي آهي ۽ جڏهن رڪارڊسٽ ان کي روائينڊ ڪري ٻڌڻ چاهيندا آهن ته، چوندي آهي، ته جڏهن مان هلي وڃان ته پوءِ ٻڌجو. سو مطلب آهي ڪو ماڻهو منهنجي ئي آڏو منهنجي ڪتاب کولي پڙهڻ لڳندو آهي ته منٿ ڪندو آهيانس: ادا! پوءِ پڙهجانءِ... گهر وڃي... منهنجي ’منهن تي ته نه پڙهه نه ادا‘.
طارق عالم: ائين ڇو ڀلا؟
آغا سليم: هڪڙي مشهور چوڻي آهي ته ماڻهو Being آهي. يعني، ڪا شئي Stagnant ناهي ۽ هر شيءِ ٿيندي رهڻ واري Process ۾ هوندي آهي. سو بهتريءَ جي هر شيءِ ۾ گنجائش رهندي آهي ۽ اهڙي سوچ منهنجي به ذهن ۾ هر وقت رھندي آهي ته هي جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، يا ڪيو ويو آهي، اهُو ٿوري محنت سان،اڃا به وڌيڪ بهتر ٿي پئي سگهيو.
طارق عالم: توهان تصوف کي پسند ڪريو ٿا ته ڇا اڳتي هلي ڪنهن صوفيءَ وانگر، زندگي گذارڻ جو ڪو ارادو آهي ڇا ؟
آغا سليم: ٿورو پنهجي سڀاوَ جي باري ۾ ٻڌايانوَ ته مون ۾ Reasoning تمام گهڻي آهي ۽ Analytic attitude پڻ يعني سُپر نيچرل شيون... مثال ڪو اوچتو آواز ٿيو، ته مان ان کي analyze ڪندو آهيان ته اِهو ڇو ٿيو؟ ائين نه چوندس ته اِهو ڪوئي از غيبي آواز هو... ته مطلب ته باءِ نيچر، باءِ ٽيمپرامينٽ صوفي نٿو ٿي سگهان مان، جئن ماضيءَ وارا صوفي ٿي گذريا آهن. باقي انهن صوفين مون کي گهڙيو ڇِليو ضرور هوندو، جن کان مان متاثر رهيو آهيان.
هتي ان ڏس ۾ من! هيءَ به وضاحت ڪريان ۽ جنهن کي منهنجي خود ثنائي بلڪل نه سمجهجؤ ته صوفين وانگر پئسي کي مون ڪا اهميت ڏني ئي ڪانهي پنهنجي زندگيءَ ۾. ۽ حوالي سان هي محاورو به ٻڌائيندو هلان ته، I posses so that I may not be possessed سو منهنجي دولت، پئسي ۽ مال جي سلسلي ۾ attitude ٿورو صوفياڻو (Mystical) آهي ۽ پيار، محبت ۽ هيومن رليشن شپ ۾ ئي منهنجو ويساهه آهي، پر توهان جنهن روايتي صوفيءَ کي خيال ۾ رکي مون کان سوال ڪيو آهي ته اُهڙو صوفي، مان ڪڏهن به ٿي نٿو سگهان. بلڪل ئي نه!
طارق عالم: پوءِ ڇا آهيو هن وقت ۽ ڇا رهڻ چاهيو ٿا؟
آغا سليم: دهريو ٻهريو ته مان ناهيان منَ! (۽ کلندي)الله سان بس ٿوري سنگت آهي منهنجي ضرور.
نصير مرزا: آغا صاحب وري ٿورو افسانوي ادب جون ڳالهيون به ڪريون، جي اجازت ڏيو.
آغا سليم: (خوش دليءَ سان) ها، ها ڇو نه، بسم الله، بسم الله. ان موضوع تي ضرور ڳالهايو جو فڪشن کي مان سڀني آرٽس ۾، تمام وڏو آرٽ سمجهندو آهيان ۽ شاعري ۽ مصوريءَ کان به ان کي وڌيڪ ڀائيندو آهيان. ۽ اها منهنجي پنهنجي ذاتي پرسپيشن آهي ۽ ممڪن آهي مان ان ۾ غلط به هجان.
نصيرمرزا: آغا صاحب توهان 60 واري ڏهاڪي ۾، جڏهن سنڌ ۾ نيشنلسٽ تحريڪون پوري زور تي هيون، تڏهن توهان ۾ بطور ’فڪشن رائيٽر‘ پاڻ کي ڪيئن سرخرو ڪيو هو؟
آغا سليم: مون وٽ as such نعرو ڪو به ڪو نه هو، منهنجو نڪتئه نظر هي هو ته ليکڪ پاران پڙهندڙن کي ڪلچرڊ بڻائڻ گهرجي. مان سمجهان ٿو ته ليکڪ جنهن مهل لکندو آهي ته، ڄڻ ڪيٿارسس پيو ڪندو آهي- سو فڪشن، لٽريچر يا بيوٽيفل شيءَ جيڪا آهي، اها پڙهندڙ جي شخصيت جي اسٽيٽسڪو کي ختم ٿي ڪري. يعني شخصيت جو جيڪو اسٽيٽسڪو يا توازن آهي، جيڪو هُو پاڻ سان کڻيو پيو گهمي، ان کي ڊسٽرب ٿو ڪري. بس اِهو ئي منهنجي تحرير جو پوشيده سلوگن آهي باقي ’مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون‘ يا ڪو ڪارل مارڪس، وغيره منهنجو سلوگن ناهي. ها! اِهي سڀ شيون منهنجي اندر ۾ برابر ته آهن، پر مون انهن کي پنهنجي انداز سان ئي ڏٺو ۽ بيان ڪيو آهي.
طارق عالم: توهان پنهنجي لکيل ڪنهن ڪهاڻي يا ناول کي ڇا ڊس اون ڪيو ٿا؟
آغا سليم: (کلندي) ڊِس اون ڪيئن ڪبو منَ! مون ته جيڪي گاريون ڏنيون آهن، مان اُهي به ’اون‘ ٿو ڪريان.
طارق عالم: شيخ اياز صاحب چوندو هو ته هو پنهنجو تازو شايع ٿيل ڪتاب، شايع ٿيڻ بعد پڙهي، رکي، وساري ڇڏيندو آهي ۽ نئون ڪتاب لکڻ شروع ڪري ڏيندو آهي. توهان ٻڌايو ته توهان جو ڪو نئون ڪتاب ايندو آهي ته ان کي گهڻا ڀيرا پڙهندا آهيو؟
آغا سليم: منَ، مان پڙهندو ئي ناهيان، ڊپ هوندو آهي ته، پڙهندس ته ان ۾ عيب ئي نظر ايندا. (کلندي) خير هڪڙو دفعو ته پڙهبو ئي آهي. ان ڳالهه تي هي لطيفو ٻڌو. هڪ ڀيري خلقڻهار آيو هيٺ، سک کان پڇيائين، تون ڪير آن، چيائين، مان مکڻي سنگهه آن پوءِ هن پڇيو تون ڪير آن؟ چيائين مان خلقڻهار! پڇيائين مکڻ سنگهه تون ڇا ڪندو آن؟ چيائين مان ڪنڀر هان، ٿانو ٺاهيندو آن. پوءِ هن پڇيو تون ڇا ڪندو آن. چيائين ماڻهو ٺاهيندو هان، تڏهن سک پنهنجيءَ شڪل ڏانهن اشارو ڪندي چيو: اي بنده بڻايئي... ۽ پوءِ پنهنجي ٿانون ڏانهن مُنهن ڪري چيائين: ڏس! هي منهنجا ٿانوَ، ڪيڏا نه خوبصورت آهن، (کِلندي) سو منَ! مقصد اِهو ته جنهن مهل پنهنجو لکيل پڙهبو آهي ته، دل ۾ پيو چئبو آهي: هي لکيو اٿم؟
طارق عالم: ان کي ڇا توهان جي انڪساري سمجهون؟
آغا سليم: نه- منَ! انڪساريءَ جي ڳالهه پنهنجيءَ جاءِ تي، پر مان هڪڙي سٺي رائيٽر جو جيڪو Concept آهي، مان ان تي پاڻ کي پورو لهندي نه ڀائيندو آهيان. ڳالهه اِها آهي، باقي ٻين سان پاڻ کي Compare ڪندي، ائين ڪو نه پيو چوان. اصل ۾ منهنجيءَ ذات ۾ ڪي آئيڊيل آهن، ته افسانو لکجي ته انهن جهڙو . لکجي. چيخوف ٿي لکجي، دوستو وسڪي ٿي لکجي.
اسحاق سميجو: ڇا سنڌيءَ يا اردوءَ ۾ به ڪو آهي، جنهن کي پنهنجي اظهار ۾ ڊڪشن ۾ اوهين بهتر ڏسو ٿا!
آغا سليم: سڀ سٺا آهن منَ! مان ڪنهن کي خراب چوان. شيخ اياز اسان وٽ سنڌيءَ ۾ جيڪي افسانه لکيا آهن، ڏاڍا سٺا آهن. جمال ابڙو آهي، ان سنڌي افساني کي هڪ نئون لهجو ڏنو آهي. نج نبار سنڌي ٻوليءَ ۾ هن اهڙا اهڙا نثر ۾ مونتاج ٺاهيا آهن، جو ڪهڙي ڳالهه ڪجي.
طارق عالم: ڀلا ابتدائي جديد افسانه نگارن مان نادر بيگ مرزا؟
آغا سليم: فرسٽ ڪلاس، ڏاڍو سٺو، ورهاڱي کان اڳ وارن افسانه نگارن ۾ نادر بيگ نئين Sensibility جو ماڻهو هو. هن جي افساني کي ماڊرن افسانو سڏي سگهجي ٿو. ان ڏس ۾ ان ئي دؤر ۾ ايم يو ملڪاڻي صاحب آهي، ائين ان جي لکيل ون ايڪٽ Plays ۾ به ڏاڍا سهڻا ۽ نوان تجربا آهن.
طارق عالم: ڀلا نسيم کرل؟
آغا سليم: بس ٺيڪ آ...ان پس منظر ۾ وري ٿو اِها ڳالهه ٻڌايانوَ ته علم کان سواءِ، ڪجهه ناهي. نسيم پڙهندو گهٽ هو ۽ بلونت سنگهه ۽ ’چور چاند اور رات‘ جهڙا ڪتاب پڙهي افسانه لکندڙ هو . ڪو شاعر هجي يا افسانه نگار.. هي آورد وارو زمانو ناهي منَ! پڙهي، وڏو مطالعيو ڪري ’لکڻ‘ وارو زمانو آهي. هر علم کي پاڻ ۾ داخل ڪري، پوءِ ان جي آڌار تي پاڻ کي اظهارڻ جو زمانو آهي.
ڪنهن زماني ۾ هڪڙو فقيراڻو نعرو پيو ٻڌبو هو ته ’علمون! بس ڪرين وو يار...!‘ اِهو بلڪل هڪڙو غلط نعرو آهي. تصوف ۾ بو علي سينا چوندو هو ته خدا جيڪا پهرين پهرين شيءَ خلق ڪئي، اُهو هئو: عقل...! (الاس! ان جواب ڏيندي موبائيل تي آغا صاحب جو فون ۽ فون تي ڊگهي گفتگوءَ سبب اِهو سندس جواب اڌ ۾ ئي رهجي ويو)
طارق عالم: ڇا توهان سمجهو ٿا ته سنڌي اديبن شاعرن ۾ مطالعي جي کوٽ آهي؟
آغا سليم: ها! من! ڇا آهي ته پنهنجو ادب ان سطح تي نه پهتو آهي جتي چئون ته اُهو Assess پيو ٿئي . اِهو منهنجو ذاتي خيال آهي- ۽ ٻيو اهو ته ادب ۾ اسين سهل پسند آهيون. ڪنهن افسانو لکيو ته بس اُهو ان ڏينهن کان افسانه نگار ٿي ويو. جنهن جي طبيعت ۾ ڪا ٿورڙي موزونيت آهي ۽ فاعلاتن فاعلات ڪرڻ ان کي اچي ويو ته، شاعر ٿي ويو اُهو، پوءِ ادبي سنگت ۾ ويو ته اتي دانشور ٿي ويو ۽ منهنجو خيال آهي ته افسانه نگار يا شاعر، ڪنهن به طرح سان دانشور سڏرائڻ جو اهل ناهي هوندو، اهو يا افسانه نگار هوندو آهي يا شاعر . ڪو پاڻ کي ائين سڏرائي ٿو ته اِها نهايت ئي غلط ڳالهه آهي. هتي اِهو به واضح ڪندو هلان ته مان جي ڪنهن عمل جي negation ٿو ڪريان ته ان جو اِهو مقصد نه سمجهيو وڃي ته پنهنجي Assertion نه پيو ڪريان. رائيٽر لاءِ هن دؤر ۾ پڙهيو لکيو هجڻ تمام ضروري آهي ۽ جيڪڏهن ڪو فڪشن رائيٽر آهي ته پاڻ کي وڏو ولوڙڻو پوندو. اسان جو ڀٽائي، ان جو مثال آهي ۽ منهنجو اندازو آهي ته جنهن ابن عربي کي پڙهيو ۽ پرجهيو آهي، اهو ئي سمجهي سگهي ٿو ته اسان جي آئيڊيل شاهه لطيف جو مطالعو ڇا هو. سنڌ جي تصوف جي تاريخ جو وڏو ماڻهو مخدوم معين ٺٽوي ڀٽائي جو استاد هو. وحدت الوجود جو درس ڀٽائي صاحب کي ان ئي بزرگ وٽان پلئه پيو هو.
سو منَ! ڳالهه چٽي آهي ته پاڻ وٽ هن دؤر ۾ سنڌي اديبن ۾ علميت ڪانهي.ڪو سٺو پڙهيو لکيو نقاد ڪونهي ۽ سچ پڇو ته هاڻي نه ڪو وڏو شاعر آهي، نه فڪشن رائيٽر... ان ڏس ۾ مقابلي طور ٿورو رڳو ’سارتر‘ کي ڏسو. ائين هجڻ گهرجي فڪشن رائيٽر کي، ايترو پڙهيو لکيو (کِلندي). هيڏانهن پاڻ وٽ حالت اِها آهي جو اسان وٽ جيڪو گهران رٺو... لکيائين ’جيجل ماءُ سنڌڙي مان توتان قربان‘ شعر ۾ لکيائين ’مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون...‘ شاعر ٿي پيو، وڏو اديب ٿي پيو... (جذباتي ٿيندي) اِهو ادب ناهي. I tell you ادب ان کان گهڻو اڳتي آهي.
اسحاق سميجو: توهان سمجهو ٿا ته هند- توڙي سنڌ ۾ سنڌيءَ ۾ ڪو ’وڏو ناول‘ ڇو لکجي نه سگهيو آهي!؟
آغا سليم: جيتريقدر ’هند‘ جي يا هند ۾ رهندڙ سنڌي ليکڪن جي ڳالهه آهي ته انهن جا ثقافتي، سياسي، اقتصادي مسئلا پنهنجا آهن. هو هتان ويا ته ڀڳل ڀريل هئا. هاڻي پيرن تي بيٺل آهن ته هنن جا مامرا ٻيا ٿي پيا آهن. ان ڏس ۾ مون هڪ دفعي نند جويري کي چيو ته ڪاوڙجي پيو، چيومانس ته هڪڙي ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته اسين سنڌي مسلمان گهر، شهر، واهه ٽپي ٻاهر ٿا وڃون ته محسوس ٿا ڪريون ته پرديس ۾ پهچي ويا آهيون، توهان لنڪا...لنڪا ڪندا وڃي اتي ٿا پهچو (جئن هندو سنڌ ورڪين بابت شاه ڀٽائي صاحب اسان کي ٻڌايو آهي) توهان اسان جي مٽي ۽ آبهوا ساڳي آهي، پر ان جو مطلب مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته، توهان وڃو لنڪا نڪرو، پاڻ کي پرديسي نٿا ڀانيو ۽ اسين سنڌي مسلمان واهه ٿا ٽپون ته، جهڙو ديس بدر ٿي وياسين. ٻيو اِهو ته اِهو الائي ڇا آهي جو، سنڌي هندن ۾ نه ڪو وڏو گويو پيدا ٿيو، نه وڏو ڪو شاعر جيڪڏهن ڪو ٿيو ته وڌ ۾ وڌ سامي... يا پوءِ جي دؤر ۾ نارائڻ شيام. ته مون چيو پئي ته سنڌ جي ڪلاسڪ ۾ رڳو شاهه آهي، سچل به نه.. اهو به بيشڪ شاعر آهي، ان کي به وڏو شاعر ڏيکارڻ لاءِ سليڪشن ڪرڻي پوندي ۽ سڀ ان جو به سٺو ناهي، ته خير ڳالهه اسان هند ۽ سنڌ ۾ وڏي ناول نه لکجڻ جي پئي ڪئي ته وڏو ناول سنڌ ۾ به ناهي لکيو ويو. ڇو ناهي لکيو ويو؟ مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي. ها ايترو بلڪل چئي سگهان ٿو ته پنهنجي پاسي وڏو ناول، ناهي لکيل (ياد ڪندي) ها! مون اوهان کي ٻڌايو پئي ته نند جويريءَ کي مون چيو ته، توهان ڏي ته ليکڪ ڏاڍو پڙهيو لکيو آهي، پوءِ انهن ۾ ڪو وڏو ناول نگار ڇو پيدا ڪو نه ٿيو؟ موهن ڪلپنا ان ڏس ۾ سٺي ڳالهه ڪئي آهي ته اسان واڻين کي ورثي ۾ ادب نه، ’وٽ ۽ تارازي‘ ملي آهي، پر هيڏانهن ٿيندو ائين آهي ته، ادب ۾ جيڪو ’وٽ ۽ تارازيءَ‘ جو هنر ڄاڻي ٿو، اُهو ئي ماڊرن ۽ وڏو ادب لکي سگهي ٿو.
علي دوست: سنڌي ٻوليءَ ۾ وڏو شاعر نه، پر وڏا شاعر پيدا ٿيا آهن، ڇا منهنجو اِهو سوال صحيح آهي!
آغا سليم: (مُرڪندي) منَ! ٿيا هوندا، (۽ ان جواب تي آغا صاحب پاڻ ئي سواليه انداز ۾ ٽهڪ ڏيندي جواب ٿو ڏئي) ادا، هڪڙي ڳالهه منهنجي ياد ڪريو، ته جڏهن مان هتي ڪن شخصيتن جي Negation ٿو ڪيان ته پاڻ کي شامل نٿو ڪريان، جئن متان چئبو آهي ته، ٻين کي نٿو مڃي ۽ رڳو پاڻ کي پيو ٿو پڏائي-No... سو مَن! هوندا وڏا شاعر به...
طارق عالم: واقعي آغا صاحب... لطيف سرڪار ته لطيف آهي، پر توهان اياز صاحب کي به ته وڏو ٽربيوٽ ڏيندا رهيا آهيو!؟
آغا سليم: اياز برابر وڏو شاعر آهي. جڏهن لطيف سرڪار جي ڪلهوڙا دؤر مان اسين نڪرون ٿا ته اياز جي Sensiblity ۾ شامل ٿيو، ٿا وڃون. لطيف اسان جو ورثو آهي ۽ رهندو، جڏهن ته اسين جڏهن ماڊرن دؤرن ۾ اينداسين ته اسان کي اياز جو نالو کڻڻو پوندو. سندس هڪ شعر آهي:’چنگهندي چنگهندي آئي پٽي تي ٽرام‘ اِها اياز جي ماڊرن پوئٽري آهي ۽ اياز تمام وڏو شاعر آهي، اسين ۽ اسان جهڙا ته هن جي آڏو جيتامڙا ٻيتامڙا ويچارڙا آهيون. ]۽ ڊگهي وقت تائين هلندڙ انٽرويو دؤران آغا ڪئيسٽ هلندي ڏسي، چوي ٿو: مان کي ته ولوڙي ڇڏيو اٿو مَنَ![
اسحاق سميجو: (ٽهڪ ڏيندي) توهان کي اڃا ته وڌيڪ ولوڙينداسين. اڃا ته جهڙوڪر ڪجهه ناهي پڇيو اسان اوهان کان!
نصير مرزا: آغا صاحب! توهان شيخ اياز صاحب بابت هڪڙو ڪتاب لکيو آهي: ’صدين جي صدا‘ ان ۾ توهان اياز کي هڪڙي ڏاڍي نئين اينگل سان پرکيو آهي. ڇا اِن ڪتاب کي ڪا موٽ ملي آهي؟
آغا سليم: ان ڪتاب کي پذيرائي ان ڪري نه ملي، جو هي دؤر تاج بلوچ جو دؤر آهي، انهيءَ جهڙي سوچ ۽ ليول جو دؤر آهي.
اسحاق سميجو: ان حوالي سان مان هتي اِهو پڇڻ پيو چاهيان ته، هڪڙي پاسي توهين آهيو، جيڪي شيخ اياز کي ائين ڊسڪور ڪيو ٿا، دانشورانه ۽ فڪري انداز ۾ ۽ ٻئي پاسي، اهڙا ماڻهو آهن، جن ڏانهن توهان اشارو ڪيو ۽ جن جي هٿن ۾ اياز لاءِ پٿر ئي پٿر آهن،ته اهڙي سوچ رکندڙن بابت ڇا چوندؤ؟
آغا سليم: اِهو ته طئي آهي ته ٻه گروپ آهن، ۽ اصل ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪي ان جي negation ڪن ٿا، انهن جو به اياز ڏانهن علمي رويو ناهي. انهن جو نظريو هي آهي ته، هن کي ڊاهيون ۽ ڪيرايون، جئن اسان نمايان نظر اچون، انهيءَ ۾ امداد به ٿي سگهي ٿو ۽ شمشير به - ته من اياز جي سامهون اِهي ڏاڍا ننڍڙا شاعر آهن. هتي چٽائي ڪريان ته اياز منهنجو ڪو مائٽ ڪونهي، پر دل سان ٿو چوان ته، تمام وڏو شاعر آهي. ۽ ڇاڪاڻ ته اياز اڃا پورو اسان کان برداشت نٿو ٿئي، ان ڪري منهنجو ڪتاب ’صدين جي صدا‘ بقول اوهانجي، نئين اينگل سان لکيل ڪتاب، اڃا هر واسي نه ٿي سگهيو آهي. منهنجو خيال آهي ته، جڏهن اسان جي جيءَ ۾ شيخ اياز لاءِ جهروڪو کلندو ته، هو پوريءَ طرح سان Discover ٿي اسان جي سامهون ضرور اچي بيهندو.
نصير مرزا: آغا صاحب، توهان جو هڪڙو شعر آهي ته: ’سورج بڻجي جرڪندا، ديوانن جا خواب.‘ ته توهان جي اندر جي ديواني شاعر جا ڪهڙا اهڙا خواه آهن جن جي لاءِ شاعر جي دل، خواهش ٿي ڪري ته اُهي سورج بڻجي جرڪن؟
آغا سليم: منَ! 80 ۾ ڪراچيءَ ۾ جيڪو سچل انٽر نيشنل سيمينار ٿيو هو، ان ۾ مون هڪ نظم پڙهيو هيو، جنهن ۾ مون چيو هو ته:
ڪو خواب شاهه عنايت جو
ڪو خواب شاهه بلاول جو
گهاڻي ۾ پيٺل ماس آ،
ڌرتيءَ جو بنيو اتهاس آ.
سو من!ان ديواني شاعر جا خواب اِهي ئي آهن، جيڪي خواب شاهه عنايت ڏٺا، جيڪي مخدوم بلاول ڏٺا ۽ اُهي ئي خواب آهن، جيڪي هاڻي تون ۽ مان ٿا ڏسون ۽ اِهي ئي خواب ... ديوانن جا اُهي خواب آهن، جيڪي هڪ ڏينهن ضرور سورج بنجي جرڪندا.
نصير مرزا: توهان جهڙو نفيس رائيٽر ۽ ريڊيو آفيسر به، ٻڌؤ ٿئون ته ريڊيو حيدرآباد تان گرفتار ٿي، نارا جيل ۾ پهچايو ويو هو، ته اِهو ڇا قصو هو.
آغا سليم: بس من! هرو ڀرو (کلندي ۽ ٽاريندي) ان ڪري موڪليو ويس ته، اُتي وڃي شاعري ٻاعري ڪريان، پڙهان.. لکان...
اسحاق سميجو: وري به ڪجھه ته ٻڌايو...
آغا سليم: بس ادا ريڊيو اسٽيشن تي هئا ڪي مهاجر، جن جي چُرچ ٿي ... واٽ ويندي ٻانڀڻ....
[آغا صاحب جي ان، گول مول ۽ مبهم اعتراف تي اسين کلڻ ٿا لڳون]
نصير مرزا: توهان هي جيڪا شاعري ڪئي آهي، ’پن ڇڻ ۽ چنڊ‘ مجموعي واري اها ڪهڙي ماحول ۾ اوهان سِرجي هئي؟
آغا سليم: سچ ٻڌايان ته، زندگيءَ ۾ جيڪو مون کي شديد شاڪ لڳو، اُهو ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ واري خبر ٻڌي ٿيو هو. يعني ايڏو وڏو ماڻهو، ايڏي بيدرديءَ سان سوليءَ تي ٽنگي ڇڏيائون.
ان شدت ۾ مون کان ڏاڍي شاعري لکجندي وئي. ان جو هڪڙو پس منظر اِهو به هو ته هڪڙي ايڏي وڏي ذهين سنڌي ماڻهوءَ کي ختم ڪيو ويو! ۽ ان حوالي سان هڪڙو ڊپ ۽ خوف مون کي محسوس ٿيو هو ۽ اِهي منهنجا پنهنجا fears هئا ته ڇا ايڏي آسانيءَ سان هو اسان سنڌ واسين کي به ختم ڪري ڇڏيندا. ان سانحي کان پوءِ ۽ هاڻي تائين جڏهن جڏهن به مون ڪو شعر لکيو آهي، ان ئي خوف ۽ ان ئي حوالي سان پئي لکيو آهي.
نصير مرزا: چاهيون ٿا ته اڄ اعترف ڪريو ته اوهان جي رومانوي ڪهاڻين ۾ خواتين جا، جيڪي ڪردار آهن، اهي اوهان جا ڏٺل وائٺل آزمايل ڪردار آهن يا محض خيالي...
آغا سليم: اِهي من (ڳالهه کي ٽاريندي) خيالي وڌيڪ آهن يا مشاهدن تي مشتمل آهن، جو ظاهر آهي ته ڏٺو هوندوسين ڪن نوجوانن کي عشق ڪندي.
اسحاق سميجو: توهان به ڪڏهن اهڙا نوجوان رهيا آهيو ۽ توهان به ڪو عشق ڪيو هوندو..
آغا سليم (زوردار ٽهڪ ڏيندي) ها من! ... ڪيو... هوندوسين، پاڻ به ڪڏهن ڪو عشقڙو ٻشقڙو ... جو ظاهر آهي هر ڪو ئي ٿو ڪري، اِها ڪا اهڙي نئين ڳالهه ته ڪانهي نه ادا!
اسحاق سميجو: چڱو ڀلا، تفصيلن نه ئي سهي، اشارن ۾ ئي کڻي ٻڌايو.
آغا سليم: منهنجو هڪڙو اردو شعر آهي ته:
پياس سئ چٽخا هوا هئ تن بدن
ٽوٽ ڪر برسئ ڀي اب ڪوئي گھٽا.
هڪ دفعي فهميده رياض مون کان پڇيو هو ته اها ڪير!؟ ته وراڻيو مانس: زندگيءَ ۾ ڪو ماڻهو اهڙو ملندو آهي،جيڪو توهان کي بي پرواهه بنائي ڇڏيندو آهي،جيڪو توهان کي Librate ڪري ڇڏيندو آهي ۽ اهڙو سرشار ڪري ڇڏيندو آهي،جو پوءِ.. توهان کي ڪنهن جي پيار جي ضرورت ئي محسوس نه ٿيندي آهي. سو بس ڪٿان ڪنهن هستيءَ وٽان، اِها Libration مون کي به سچ ٻڌايانوَ ته ايتري ته ملي وئي جو... بس وڌيڪ جي ضرورت ئي نه پئي.
نصير مرزا:چڱو وري توهانجي تحقيق ۽ترجمي واري ڪم ڏانهن ٿا هلون، ۽ پڇڻ ٿا چاهيون ته، ڀٽائي ته توهانجو پنهنجو سنڌ جو هو، جنهن کي اوهان اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ان جي شاعريءَ ۾ غم جي فلسفي بابت ڪتاب لکيو. پر هي بابا فريد گنج شڪر جي پنجابيءَ ۾ لکيل بيتن جي سنڌي ترجمي ڪرڻ وارو خيال ڪيئن آيو؟
آغا سليم: تصوف ۽ صوفي ازم ته منَ! منهنجي مزاج جو موضوع هو نه...ان تلاش ۾ خانقاهن ۾ ويهڻ وارن ماڻهن ڏانهن ته منهنجو ڌيان هو ئي. اهڙن عظيم صوفي انسانن جون سٽون، مطالعي ۾ آيون ته حيرت ٿي ته خانقاهن ۾ ويٺي ويٺي اهي عجيب ۽ اسرار جهڙا خيال ڪيئن ٿا اهڙن ذهنن ۾ اچن. مثال طور:
ڪانگا سب تن کائيو اور چُن چن کيو ماس
دو نينان مت کائيو، جنهي پيا ملن ڪي آس.

ڪاگا چهوڙ نه پنجرا، بسي ته اڏر جا
جس تن پيو بسي، تد دا ماس نه کا.
يا جيئن شاهه سائين چيو آهي:
جا ڀونءَ پيرين مون، سا ڀونءِ مٿي سڄڻين.
بابا فريد گنج شڪر ان کان اڳ ئي مٽيءَ جي حوالي سان اهڙو ڪجهه چئي ويو هو: جيونديان پيران تلي، موُيان اُوپر هوءِ!
ته چوڻ جو مطلب اِهو ته، هر وڏو تخليق ڪار، وڏو ماڻهو، رڳو هڪڙي ئي سٽ ٻڌائي چوندو آهي ته، پٽ! مان ئي آهيانءِ! ۽ تون ڪيترڙو آن. ۽ ائين هو پنهنجي محض هڪڙي سٽ سان Sharing ڪري ڇڏيندو آهي، پنهنجي وڏائي ۽ مهانتا جي.
نصير مرزا: ڀلا بابا فريد جي ترجمي واري ڪم ڪيترو وقت ورتو اوهانجو؟
آغا سليم: اصل ۾ اسلام آباد ۾ مقرر هجڻ ڪري، وقت ميسر ٿي ويو هو مون کي. ٻيو ته منهنجي دوستيءَ جو سرڪل اتي گهٽ هئو ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ مون کي وقت ئي وقت هو. حيدرآباد ۾ هوندو هوس ته شام جو روز ڪانه ڪا مصروفيت هوندي هئي. پر اسلام آباد ۾ شامن جو واندڪائي جو ميسر ٿي، ته ٽئبل ليمپ ٻاري، ان ترجمي، تحقيق واري ڪم ۾ مصروف ٿي ويندو هوس.
طارق عالم: ڀلا ڪا پذيرائي ملي ان ڪم جي ۽ ڇا همعصرن کان جيليسي محسوس ٿي ڪڏهن اوهان کي.
آغا سليم: نه منَ! پذيرائي ڪانهي اهڙي ڪم جي (کلندي) پذيرائي ٿيندي آهي ’لڇوءَ‘ جهڙن ماڻهن جي، سچ ٿو ٻڌايانءِ... Sorry يار، قمر مون کان پڇو، آغا! امر جي فنڪشن ۾ وڃان يا نه؟ ته چيومانس، ضرور وڃ! ڇو!؟ ان ڪري جو ماڻهن جي مينٽل ليول اِها اٿئي ته نه ويندين ته چوندئي،امر سان جيليسي جي ڪري نه آيو. سچ ٿو ٻڌايانءِ مَن!سچ ٿو ٻڌايانءَ ته مان جيلسيز کان above آهيان، جو جيليس ماڻهو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ڪو ماڻهو سُپيريئر هجي. هيڏانهن حالت اها آهي جو همعصرن تي منهنجي اک ئي ڪانه ۽ ٻڏندي آهي سو ڪنهن کان مان ڪهڙو جيلس ٿيندس (ان ڳالهه تي آغا صاحب ٽهڪ ڏيئي کلي ٿو) ۽ ڇو جيليس ٿيندس. بس لکن ويٺا ۽ پيا لکن ۽ من! مون کي جي جيليس ٿيڻو هجي، ته بابا! مان ته شاهه لطيف کان ٿيان، دوستو وسڪي کان ٿيان نه ته اِهي ائين ڪيئن ٿي ويا، مان ڇو نه ٿيس....؟ ۽ ٻيو ته ادب ۾ ڀاءُ مان casual way ۾ نه آيو هان. مان شاهه تي جيڪو پڙهان ويٺو ته sorry!! ان جي آڏو اِهي دائود پوٽڙا ڪجھه ڀي نه آهن، ڪجھه ڀي نه آهن، اسين نئين دؤر ۾ آيا آهيون. ساري دنيا جو علم ادب اسان هتي گڏ ڏٺو آهي ۽ هو ته من عربي ٻربي پڙهي، شمس العماء ٿي ويا. بس انهن ۾ قليچ، ماڊرن ماڻهو هو جنهن کي خبر هئي ته بيڪن ڇا هو، ڪير هو؟ ۽ ويچاري دائود پوٽي کي ته خبر ئي ڪانه هئي ته لارڊبيڪن ڪير هو، ڇا ڪندو هو.
اسحاق سميجو: توهان بحيثيت رائيٽر پنهنجي ڪهڙي ادبي ڪم کي پنهنجو اهم ادبي ڪنٽريبيوشن سمجهو ٿا، ته هي ڪم مون سٺو ڪيو آهي...
آغا سليم: مان سمجهان ٿو ته، مان جيڪو شاهه سائينءَ تي ڪم ڪيو آهي يا ڪيان ٿو ويٺو، اهو سٺو پيو ٿئي. جيئن مون ڀٽائي صاحب کي Discover ڪيو آهي، اهو دراصل اهو ڪم آهي، جنهن لاءِ مون کي فخر محسوس ٿيندو آهي.
اسحاق سميجو: آغا صاحب، پنهنجي ناولن لاءِ هي جيڪي ڪردار اوهان گهڙيا آهن. تاريخ ۾ ڪٿي ٽڪرايا آهن اوهان سان يا محض تصوراتي آهن؟
آغا سليم: هڪڙا ته ڪئريڪٽرس اهڙا ٿيندا آهن، جيڪي توهان پنهنجي Life ۾ ڏسو ٿا، پوءِ توهان انهن مان ڪن کي آئيڊيلس ڪري انسان جي صورت ڏيئي ڇڏينداآهيو، پر منهنجي ناولن جا اِهي ڪردار جيئرا ڪردار ڪو نه آهن. اِهي منهنجي ذهن جي پيداوار آهن. منهنجا آئيڊيل ايگو جا پڙاڏا آهن. يعني اِهي منهنجا پنهنجا گهڙيل آهن. ڏٺل يا ڪٿي پڙهيل ڪردار ڪو نه آهن.
طارق عالم: ڀلا توهانجو پنهنجي ناول ’اڻ پورو انسان‘ واري هيرو جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟
آغا سليم: Yes... اهو ڪردار محض تصوراتي، يا ذاتي گهڙيل ڪردار ناهي، اُهو منهنجي مشاهدي ۾ آيل ڪئريڪٽر آهي، جنهن کي مون پنهنجي انداز سان ٽريٽ ڪيو آهي.
اسحاق سميجو: توهان ڪتابن جا اهڙا عنوان ڪيئن ٿا سوچيو. ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘، ’پن ڇڻ ۽ چنڊ‘. ’چنڊ جا تمنائي‘ ۽ منهنجي خيال ۾ اِهو پويون عنوان ته، ڪنهن اردو شاعر جي ڪنهن نظم تان کنيل آهي.
آغا سليم: اِهو عنوان مون، ابِن انشا جي هڪ نظم جي عنوان تان کنيو هو، جو اِهو عنوان منهنجي هڪ افساني لاءِ بلڪل موزون هئو، ٻيو ته جنهن وقت آئون پنهنجي ڪنهن لکڻيءَ جو عنوان رکندو آهيان ته ڪو پڙهندڙ منهنجي ذهن ۾ ڪو نه هوندو آهي. مان ايگوئسٽ آهيان ۽ پنهنجيءَ پسند ۽ مواد سان ٺهڪندڙ ڪو عنوان تجويز ڪندو آهيان.
اسحاق سميجو: لکڻ وقت اوهان جي ذهن ۾ ڪير هوندو آهي؟
آغا سليم: منَ! ان وقت به، آئون ئي پنهنجي آڏو هوندو آهيان ۽ مان پنهنجو پاڻ سان هم ڪلام هوندو آهيان. ڇو ته پنهنجو وڏو نقاد به ان وقت آئون پاڻ هوندو آهيان.
نصير مرزا: توهان کان منهنجو هڪڙو رومينٽڪ سوال آهي ته اوهان سوير فريد اکين بابت شعر پڙهيو، جنهن ۾ ڪانگ کي چيل هو ته اهي اکيون نه کائجان، جو انهن کي، ڪنهن کي ڏسڻ جي حسرت آهي. اوهان جي اکين ۾ بار بار ڪنهن کي ڏسڻ جي ڇا ڪا حسرت موجود آهي؟
آغا سليم: ] آغا صاحب ان سوال تي گومگو جي ڪيفيت ۾ رهي، ڪي گهڙيون هيڏانهن هوڏانهن گهوريندو رهيو ۽ پوءِ چوڻ لڳو[ هاڻي منَ!... ]۽ ان کان پوءِ خاموش ٿي هٿن سان اشارن ئي اشارن ۾ ڄڻ چوڻ لڳو[: ”ڪو به نه!“
نصير مرزا: ته... ان جو مطلب دنيا مان توهانجا معشوق محبوب سڀ ختم... فنش...] ۽ ان جواب تي آغا صاحب سان گڏجي ٽهڪ ڏيئي، اسين سڀ کِلندا ٿا رهون.[
آغا سليم: ڏسو من، فلاسفيڪل چوڻي آهي ته:
Every thing changes except law of change
اقبال به چيو هوته:
اڪ ثبات هئ تغير ڪو بس... سو ثبات صرف تغير (تبديليءَ) کي آهي ۽ هر شيءَ تبديل ٿيندي ٿي رهي، يعني اڄ جنهن جي مرڪ ماري ٿي، سڀاڻي ان جي مرڪ زهرلڳڻ شروع ٿي ويندي، ۽ سوچبو آهي ته هيءَ آهي اُها، جنهن لاءِ زندگي وڃائي سين پئي.
نصير مرزا: ڀلا ڪو اهڙو دل گهريو دوست ’جيئن آئون طارق عالم کي ڏسندو آهيان ته خوش ٿيندو آهيان‘ اوهان جو به اهڙو دل گهريو آهي؟
آغا سليم: منَ! منهنجي زندگيءَ ۾ ناڪاميءَ جو هڪڙو سبب هي به رهيو ته مان هيومن رليشنس ۾، marked adjustment جو شڪار رهيو آهيان، نه ته سچ ٿو ٻڌايانَو ته ڪڏهن ڪڏهن پاڻ پڏائڻ جي به موڪل هجي ته چوان ته:”مان پاڻ جهڙو گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ ڪنهن کي به ڪو نه ٿو ڏسان.“
ٿورو وقت ٿيو جو مون ڪراچيءَ ۾ نثار ميمڻ کي به چيو هو ته، ائين به ناهي، ۽ پاڪستان ۾ ڪي هوندا مون جهڙا، پر شين جي باري ۾ جيئن منهنجا Views آهن شاهه صاحب جي باري ۾، ڪنهن وٽ به نه هوندا ۽ جهڙو مون شاهه تي ڪم ڪيو آهي، ڪنهن نه ڪيو هوندو.
علي دوست عاجز: موسيقي سان به توهان جو عشق آهي، ان بابت ٿورو ڳالهايو ۽ سر سهڻيءَ بابت به ڪجهه ٻڌايو...
آغا سليم: ڪو گويو مرندو آهي ته ٻيا گويا سُر سهڻي ڳائيندا آهن، خبر ناهي ان جو سبب ڇا آهي؟ جو هڪڙو ته سهڻي يا سريراڳ جڏهن ٻڌبو آهي، ته، انهن ۾ماتم جهڙي ڪيفيت محسوس ٿيندي آهي ۽ مان ڀانيان، ته اِهي ماتمي سُر آهن، ۽ ٻيو ته اها موسيقيءَ جي دنيا ۾ روايتس به آهي ته، وڏو گويو جڏهن مرندو آهي ته، سارنگي نواز سارنگيءَ تي ’سر سهڻي‘ وڄائيندا آهن. عجيب اتفاق آهي، ته شاهه صاحب به جڏهن وصال کان اڳ هجري ۾ وڃي ويٺا هئا ته فقراء کي چيائون ته ’سهڻي راڳ‘ ڳايو ۽ ان دؤران پاڻ وصال فرمايائون. ها! اِهو به ياد رکڻ کپي ته گويا، جيڪو وفات وقت سهڻي سر ڳائيندا آهن، ان ۾ سهڻي ميهار جي قصي جو ذڪر ڪو نه ڪندا آهن. اُهي رڳو راڳ سهڻي ڳائيندا آهن، ائين راڳ ’پِيلو‘ به اهڙيءَ صورتحال ۾ ڳائيندا آهن، ڳائڻ وارا.
طارق عالم: توهان جي پسند جو ساز ڪهڙو آهي؟
آغا سليم: ميوزڪ برابر ته منهنجو پسنديده سبجيڪٽ آهي، پر ڪنهن ساز بدران، منهنجو روح راڳ سان وڌيڪ ريڌل رهي ٿو ۽ ڪنهن ساز بدران راڳ مون کي ڏاڍو وڻندو آهي ۽ ڪوئي راڳي راڳ اڃا شروع مس ڪندو آهي ته مان مري پوندو هان ۽ جيڪو راڳ صفا ماري وجهندو آهي، اُهو آهي راڳ درٻاري!
ان راڳ جي آروهي/امروهي ئي ڇا، اهڙي راڳ يا بندش جي خوشبوءِ ۾ رچيل، جيڪي گيت/ غزل آهن، مون کي اِهي به ڏاڍا وڻندا آهن. مثال طور ڪنهن پنجابي فلم ۾ نورجهان جو گيت آهي ’جدون هولي جَئي، ليندا ميرا نان، مين ٿان مرجاڻيان‘ يا جيئن مڪيش جو ڳايل فلمي گيت آهي، ’دل جلتا هئ تو جلني دي، آنسو نه ها، فرياد ڪر“ يا وري ”ڪيندي نئ نينان، ميرئ ڪو بهه نا“‘ ... سو مَن راڳ درٻاري ۾ جيڪو Granduer آ... ڪهڙي ڳالهه ڪريان مان اُن جي...
طارق عالم: سُريا موسيقي ڇا آهي، اوهان جي نظر ۾؟
آغا سليم: ميوزڪ به تصوف وانگر هڪڙو وڏو سبجيڪٽ آهي، وڏي فلاسافي آهي، وڏو علم آهي، ۽ اُهو محض، ’الو ميان‘ يڪتارو ۽ چپڙي ناهي، يا موسيقي چرس جو سوٽو ڪونهي. هندستان ۾ موجود گائڪن سان گڏ پرٽيڪيولرلي اسان جي لطيف سائين وٽ جيڪو موسيقيءَ جو وسيع علم آهي، ان سان به منهنجي وڏي دلچسپي آهي.
نصير مرزا: اوهان جيترو ڪم ڪيو آهي، سمجهو ٿا ته ان جي اوهان کي اوتري موٽ به ملي آهي؟
آغا سليم: مان Basically فڪشن رائيٽر آهيان، ۽ فڪشن رائيٽر طور مون کي جيڪا سنجيده حلقن وٽان مڃتا ملي آهي، سا ڀانئيان ٿو ته اهڙي سنڌ ۾ شايد ئي ڪنهن کي مليل هوندي. مان ان مان بلڪل ئي Satisfy آهي ۽ سنڌي قوم کان پنهنجي بي قدريءَ بابت ڪنهن به قسم جي ڪا ئي شڪايت ڪانهي مون کي، مان هميشه چوندو آهيان، ته سنڌي قوم جهڙو پنهنجي اديب جو قدر ڪري ٿي، ڪا به قوم دنيا ۾ ائين نٿي ڪري. مون ڪين جهڙي ماڻهوءَ جي لکيل ناول ’اڻ پورو انسان‘، ’همھ اوست‘ يا ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ جي Behalf تي پڙهندڙ مون سان جيڪو پيار ٿا ڪن... اِهو منهنجي لاءِ وڏي موٽ وانگر آهي. ان جي لاءِ آئون سندن ٿورو مڃان، گهٽ آهي.
اسحاق سميجو: توهان ڀانئيو ٿا ته توهان جي جيڪا ٽهي آهي، ڇا اها پنهنجي سماج کي ڪجهه Deliver ڪري سگهي آهي؟
آغا سليم: گهڻو تمام گهڻو (آغا صاحب اتساهه سان ٻڌائي ٿو) سماج ان کي Receive نه ڪيو هجي، ته اِها ٻي ڳالهه آهي پر اهو هر حالت ۾ مڃبو ته سنڌي سماج، اسان واري ٽهيءَ جي روشن خيال ادب جي، رستي تي تمام گهڻو اڳتي وڌيو آهي.
اسحاق سميجو: توهان جي نظر ۾ تاريخ ۽ تاريخيت جي ڇا معنيٰ آهي؟
آغا سليم: مان هميشه هڪڙو مثال ڏيندو آهيان ته اسين پڙهون نٿا. اسين سمجهون ٿا ته اسان هيمنگوي کي پڙهيو ته ڄڻ ساري ڪائنات کي پڙهي ورتوسين. چيخوف کي پڙهيوسين ته، ڄڻ سڀ ڪجهه پڙهي ورتوسين. سوشالاجيڪل پروگرام اسان جا ڪهڙا آهن؟ انهن جي اسان کي ڪا به خبر ڪانهي، مثال طور...! ٽوئن بي چيو آهي ته هڪڙا ماڻهو گرم علائقي جا هئا. اهي اتان شڪار جي تلاش ۾ نڪتا ۽ پهاڙي علائقي ۾ آيا. کين خبر ئي نه هئي ته هتي سِيءَ تباهي وارا ايندا آهن، انهن اتي سيءَ ڏٺا ته چريا ٿي پيا، ته هي الائي ڇا آهي؟ جِنُ يا ڀوُت‘! صورتحال اِها ٿي ته ڪي اُتي مري ويا، ڪي واپس ڀڄي ويا، ۽ جيڪي اُتي رهي پيا، انهن ڇا ڪيو جو ڍڳا ڪُهي انهن جي کل ويڙهيائون، کڏون کوٽي انهن ۾ وڃي لڪي ويٺا ۽ They Created Civilization پوءِ انهن مان ڪن ماڻهن سيڪ لاءِ پهريون ڀيرو باهه ايجاد ڪئي. فلاسافي جي تاريخ اهڙي عمل جي لاءِ لکيو آهي:Challenges reproduces معنيٰ ڪنهن قوم کي جڏهن Challenges سامهون ايندا آهن ته اُهي انهن کي ائين Respond ڪندا آهن، جو حالتن جو مقابلو ڪندا آهن يعني سيءُ ٿو پوي ته هاڻي مان ڇا ڪريان؟ اِهو Challenge آهي، ان جو رسپانس اِهو هوندو ته ڪمبل ويڙهيان، باهه ٻاريان، يعني Challenges ۽ Responses هڪڙي وڏي ٿيوري (Theory) آهي. اسان اڃا ان سلسلي ۾ پٺتي آهيون. ان قصي مان پتو پيو ته هڪڙا ته موٽي ويا، ٻيا مري ويا ۽ جن Adjust ڪيو ۽ حالتن ۾ رهي جيئڻ جو سامان پيدا ڪيو، اهي ئي ڪامياب ٿيا. هاڻي ان ڳالهه ٻڌائڻ جو مقصد اِهو هو ته اسين جيڪي سنڌي قوم جا ماڻهو آهيون نه... موٽي ويلن وانگر آهيون، يعني موجوده حالتن ۾ Challenges کي Response گهٽ پيا ڏيون. مثال طور 712ع ۾ سڀ کان وڏو جيڪو Challenge هئو، اُهو عربن جي آمد هو، هو آيا ۽ رهي پيا. هتي سوال ٿو اڀري ته انهن کي اسان ڪيئن Response ڪيو. اهو اسان هنن سان وحدت الوجود جي فلاسافيءَ ] يا اسماعيليت سان[ ڪيو ۽ اهو نظريو عربن جو تصور ئي ڪونهي، يا اسلام جو ايجاد ڪيل ئي ڪونهي، اهو وحدت الوجود جو نظريو- اسان وٽ هتي دُوئي جو تصور هو يعني خدا جدا آهي ۽ ڪائنات جدا آهي، خالق جدا آهي ۽ مخلوق جدا آهي. آرين فلسفو وري هي هو ته خالق ۽ مخلوق هڪ آهي ۽ اِهو هتان جي ماڻهن جو لوڪل Belief هئو، فلاسافي هئي، جنهن کي Cemetic Civiliazation، يا سيمسٽڪ ٿاٽ به چئبو آهي. ان کي Response ائين ڪيوسين ته ان کي رد ڪيوسين. اسان چيوسين ’نه‘ وحدت الوجود يعني صوفي تصوف اهو ئي آهي ۽ اهو عجمي آهي، عربي ناهي، ۽ هاڻي عجمي معنيٰ ڇا!؟ ته عجمي معنيٰ Non Arbic سو ائين چوڻ جو هتي مقصد ته اسان جي جيڪا درواڙن جي تاريخ آهي، اُها صحيح صحيح لکجڻ گهرجي. تاريخ اِها ناهي ته، ڊونگرکان پوءِ ڏونگر ويٺو ۽ ڏُونگر کان پوءِ چوُنگر ويٺو. اِها ناهي تاريخ ۽ تاريخيت!! منهنجو خيال آهي ته هتي سومرا دؤر، سنڌ ۾ هڪ نهايت اهم دؤر آهي. اسان کي ان دؤر جي به صحيح ۽ تفصيل سان تاريخ لکڻ گهرجي.
نصير مرزا: سنڌ جي جيڪا موجوده ٽهي لکي پيئي حاضر دؤر ۾، اُن جي اظهار ۾ ڪائي طاقت نظر اچي ٿي اوهان کي، ڪوئي روشن ڪرڻو آهي ان ۾؟
آغا سليم: (فيصله ڪن انداز ۾ چوندي) I am sorry مون کي نظر ڪو نه ٿو اچي.
اسحاق سميجو: اڇا- نه نثر- ۽ نه ئي نظم ۾ ] حيرت مان پڇي ٿو[
آغا سليم: جي ها، ٻنهي ۾ نه! مثال طور موجوده دؤر جي وڏي سمجهندڙ شاعرن ۾ هي امداد... نهايت ئي ميڊياڪر شاعر آهي ۽ ان جو سبب به آهي، جيستائين In Put نه هوندو توهان ۾، Out Put ڪجهه به ڪو نه هوندو. ان ڪري چوان ٿو ته پڙهو ۽ صرف ائين نٿو چوان ته بودليئر کي ويهي پڙهو ۽ سوچيو ته انهيءَ کي ڪاپي ڪرڻوآهي- ’نه‘! مطالعو ڪريو ۽ پاڻ ۾ گهرائي پيدا ڪريو.
[آغا سليم: ڊگهي وقت تائين مسلسل ڳالهائڻ کان پوءِ آخر چوي ٿو ادا-هاڻي ٺيڪ ‎ٺاڪ نموني سان ٿڪجي پيا آهيون، گهڻو ڪري ته سوال ختم به ٿي ويا آهن، هاڻي ائين ٿا ويهي ڪچهري ڪريون.]
اسحاق سميجو: نه نه، مون وٽ اڃا به هڪڙو سوال آهي اهو ٻڌايو ته، سنڌي ادب ۾ تنقيد ڇو ڪونهي؟
آغا سليم: ] بي ساخته انداز ۾[ اِهو ان ڪري جو سنڌي اديب وٽ علم ڪونهي، جهالت آهي، (جذباتي ٿيندي) منَ! هڪڙي افساني لکڻ سان جڏهن توهان کي شهرت ملي ٿي وڃي ته توهان وڌيڪ ڇو پڙهندؤ ؟هي توهان رڳو ڪراچيءَ مان نطرندڙ هڪڙو رسالو پڙهو... ان مان هي الائي ڪهڙيون ڪهڙيون جزائون نڪري ظاهر ٿي پيون آهن ۽ جيڪي جنهن لاءِ جيئن وڻي ٿو لکنديون رهن ٿيون.
طارق عالم: صحيح ٿا چئو، مان ته ان ۾ لکڻ ئي پسند ناهيان ڪندو.
آغا سليم: ]علي دوست ڏانهن اشارو ڪندي[ ادا! تون به ته ڀائو ڪو سوال ڪر نه؟
علي دوست عاجز: چڱو ڀلا...ٻڌايو ته توهان فطرت جي ڪهڙي رنگ کي وڌيڪ پسند ڪندا آهيو؟
آغا سليم: مون کي مَن! وڻ وڻندو آهي، گهاٽو وڻ، سرينهن جو وڻ.
اسحاق سميجو: توهان ڪٿي لکيو آهي ته جي ڌرتيءَ تي ڪنهن شيءَ کي سجدي جي اجازت هجي ها ته اوهان راڪا پوشيءَ پهاڙ کي سجدو ڪريو ها... ته ان جي ڪهڙي ادا کان متاثر ٿي اوهان اِهو لکيو هو.
آغا سليم: حُسن.. ادا.. حُسن. (آغا صاحب پوري جلال سان جواب ڏيڻ ٿو لڳي) ان پهاڙ جي حسن ۾ ايڏو ته سحر آهي، جو دل ان کي ڏسندي ڍاپندي ئي ناهي-
اسحاق سميجو: توهان اترين علائقن ۾ رهيا آهيو، اُتي فطرت جو ايترو ته حُسن آهي جو ماڻهو اتان شاعر ٿي موٽندا آهن ۽ اوهان وري اُتان سفرنامو لکي موٽيا! اِهو ڇا؟
آغا سليم: شاعر هجي يا اديب، اُن جو مرڪز ته ماڻهو آهي نه بابا! ته مون فطرت جي حسن ۾ رنڱيل ماڻهن بابت لکيو آهي، اهو سفرنامو، اوهان چاهيو ته ان کي شاعري سمجهي به پڙهي سگهو ٿا.
اسحاق سميجو: اڄڪلهه شاعري توهان کان رسي وئي آهي، يا توهان شاعريءَ کي ڇڏي ڏنو آهي.
آغا سليم: (کلندي) مون کي من سڀ ڇڏي ٿا وڃن ۽ هونئن به سواءِ بيمارين جي، سڀ ئي ته ڇڏي ويندا آهن- آخر ۾!
نصير مرزا: محمد خان مجيدي کان استاد بخاريءَ تائين، شاعرن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي، جيڪي قومي رنگ جا وڏا شاعر ليکبا آهن، اوهان انهن بابت ڇا چوندؤ؟
آغا سليم: ادا... مون کي ڪا خبر ڪانهي، مون کي رڳو هڪڙي خبر آهي. ته شيخ اياز وڏو شاعر آهي، شاهه لطيف وڏو شاعر آهي. باقي مون کي ٻي ڪا به خبر ڪانهي ته بخاري وارا ڪاٿي بيٺا آهن، يا ڪيترا وڏا شاعرآهن.
اسحاق سميجو: ادب ڇا آهي؟ ان جي مختصر لفظن ۾ تشريح ڪيئن ڪندؤ؟
آغا سليم: منَ! ادب اهو آهي جيڪو اوهان جي اسٽيٽڪو کي ختم ڪري، شخصيت کي ٻيو بنائي ڇڏي That is Literature هاڻي توهان جي آڏو هڪڙو شعر ٿو پڙهان، يا ڪو نثر وغيره جي اوهان پاڻ ۾ ڪا تبديلي ٿا محسوس ڪريو ته اِهو آهي ادب!
اسحاق سميجو: ڪهاڻي کان ناول، ناول کان شاعري، شاعري کان جيڪڏهن ترجمو، ترجمي مٿان وري تحقيق. اِهو سفر ائين ڇو رستا ٺاهيندو ويو؟
آغا سليم: ادا... ان تخليقي بي چينيءَ لاءِ شاهه سائين جو شعر جواب طور ٻڌو:
رڃن راهه پڇن،مٿي ڪلهن ڪينرو،
يا
سڻي تنهنجا سڏ، ڪلهي پاتم ڪينرو.
علي دوست عاجز: ڪهڙي قومي سانحي تي اوهان شديد ڏک محسوس ڪيو هو؟
آغا سليم: مون کي مَن! بينظير ڀٽو صاحبه جي شهادت تي به ڏک ٿيو هو، پر جنهن ڏک مون کي جهنجهوڙي وڌو هو، اُهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت جو ڏک هو. ان ڏک جو سبب اِهو به هو، ته هي ڪهڙي شينهن مڙس کي ماري ڇڏيائون، پوءِ مون سوچيو ته ان جي ڀيٽ ۾ هي اسين ماڻهو ته ڪجهه به ناهيون. ۽ ائين مون، هُن جي شهادت تي، دل سان ڪيڏارو لکيو هو. هتي ان جو اِهو مطلب نه وٺجو ته مان ڪو هُن کي آئيڊيل ليڊر ٿو سمجهان، پر جنهن انداز سان، هُن کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو... ان سانحي مون کي لوڏي وڌو.
اسحاق سميجو: توهان جي نظر ۾ سنڌ جي تاريخ جا سڀ کان وڏا ماڻهو ڪير آهن؟
آغا سليم: هڪڙو ته منهنجو سائين شاهه لطيف ۽ ٻيو شاهه عنايت شهيد جهوڪ وارو.
اسحاق سميجو: توهان ادب ۾ پيغام کي اهم ٿا سمجهو يا آرٽ کي؟
آغا سليم: آرٽ کي]هو فورن وراڻي ٿو[ جنهن کي توهان Presentation ٿا چئو. That is art ۽ ان لاءِ ڪرافٽ به منهنجي آڏو وڏي اهميت رکي ٿو.
اسحاق سميجو: ويجهڙائيءَ ۾ ڪا تحرير توهان جي نظر مان گذري آهي، جيڪا توهان کي گهڻو وڻي هُجي؟
آغا سليم: ها! غلام نبي مغل جيڪو تازو ناول ’وطن واويلا‘ لکيو آهي، اُهو مون کي گهڻو وڻيو. That is Wonderfull.
اسحاق سميجو: پنهنجي لکيل فِڪشن ۾ اوهان خود ڪهڙي انفراديت محسوس ڪندا آهيو؟
آغا سليم: من، مون ائين ڪيو آهي ته مون پنهنجي تاريخ کي، فڪشن ٺاهيو ۽ ان کي آرٽسٽڪ انداز ۾ ٽريٽ ڪيو آهي ۽ ائين سنڌيت کي فنائتي نموني سان پيش ڪيو اٿم. شاعريءَ جهڙي حُسن سان ان کي بيان ڪيو آهي ۽ ان کي ئي، مان پنهنجي فن جي انفراديت به سڏيان ۽ سمجهان ٿو. منهنجو ايمان آهي ته سماجي تبديلي تقريربازيءَ سان ڪو نه ايندي آهي، اُها ايندي آهي حالتن کي Change ڪرڻ سان، ۽ منهنجو اعتقاد آهي ته زرعي سماج جڏهن ٽرانسفارم ٿي ويندو، صنعتي سماج ۾، ته ڪئين دقيانوسي روايتون بي معنيٰ ٿي وينديون، ۽ فيوڊل سسٽم ختم ويندو. اِهڙو انقلاب، هاڻي سنڌ ۾ ڪير ٿو آڻي يا ڪڏهن ٿو آڻي، ان لاءِ مان ڪجهه نٿو چئي سگهان. بهرحال انقلاب نعري بازيءَ سان ڪو نه ايندو.
نصير مرزا: گربخشاڻي صاحب کان پوءِ شاهه تي تنوير عباسيءَ جي تحقيق ڏاڍي فائن ۽ فرسٽ ڪلاس سمجهي وڃي ٿي. اوهان جو ڇا خيال آهي؟
آغا سليم: هوندي مَن! (بي پرواهيءَ سان وراڻيندي) منهنجو ته هي آهي ته، تحقيقي ڪم هجي يا تخليقي ... ان ڏس ۾ مان هڪڙو Perfectionist attitude رکندو آهيان ۽ اِنهيءَ ڏس ۾ مان پاڻ کي به ڪو نه ٿو مڃان، ته پوءِ ٻئي ڪنهن کي ڪاٿي ڪجهه مڃيندس من!.
انعام شيخ: ڀلا پرڏيهي عالمن ڀٽائي صاحب تي ڪهڙي معيار جو ڪم آهي؟
آغا سليم: ڊاڪٽر سورلي ڀٽائيءَ جي باري ۾ پنهنجي تحقيق ۾ جيئنEntro ڏنو آهي، اهڙو ته اڄ تائين ڪير به لکي نه سگهيو آهي ۽ هن تحفة الڪرام وغيره کي Reject ڪري ڇڏيو هو، هن پهريون دفعو ٻڌايو ته Preface هيئن لکبو آهي. سو، سورلي جي ڀٽائي بابت Preface کان سواءِ، ٻيو ڪجهه به چڱو ڪونهي. شاعريءَ جي ترجمي جي جيستائين ڳالهه آهي ته، جيستائين اُهو شعر Feel نه ڪبو، ته ان جو ترجمو به نه ٿيندو. ترجمو به تخليق وانگر Creativity جو ڪم آهي ۽ ائين ئي ٿيڻ گهرجي.
انعام شيخ: ڇا ڀٽائي صاحب جي باري ۾ هي، جيڪي علمي ۽ ثقافتي ادارا آهن، ڪجهه ڪري سگهن ٿا؟
آغا سليم: ڪير ڪندو اهو ڪم مٺا سائين؟ ڪيئن ٿا ڪري سگهن هي ادارا، به انهن ۾ ويٺا ئي آهن، اَڌ اکريا... جو ڀٽائي صاحب تي ڪم ڪرڻ واري وٽ وڏو Vision۽ وڏي صلاحيت گهرجي، ۽ ادارن ۾ اهڙن ئي ماڻهن جي کوٽ آهي، مٿان ان جي مرتبن ۽ مؤلفن به ڪو چڱو ڪم نه ڪيو آهي. مثال طور مون جيئن چيو ته سائين جي هر سُر جي بيتن جي ترتيب ۾ Thought Evulation هجڻ گهرجي ها، پر ان ڏانهن ڪنهن مؤلف جو ڌيان ويو ئي ڪونهي.
انعام شيخ: اهڙيءَ ترتيب جو شعور رکندڙ هن وقت اوهان کي ڪو نظر اچي ٿو!
آغا سليم: نه من! نه هن وقت ڪو ئي اهڙو عالم مون کي سُجهي ٿو ۽ نه ئي ويجهي مستقبل ۾ ڪو اهڙو پيدا ئي ٿيندو نظر اچي ٿو.
انعام شيخ: آغا صاحب توهان تي سنڌ جي آجپي جي ڪا واٽ نظر به اچي اچي ٿي يا ويجهي مستقبل ۾ ڪو ڪو ڇوٽڪارو نظر اچي ٿو؟
آغا سليم: نه- Sorry! مون کي ته ڪو ڇوٽڪارو نظر نٿو اچي.
انعام شيخ: ڇا ان ڏس ۾ قدرتي طور تي ڪا شيءَ ٿي سگهي ٿي ڇا؟
آغا سليم: الائجي من!! اڳي زماني ۾ معجزا رونما ٿيندا هئا، هاڻي ته اُهو زمانو ئي ختم ٿي ويو آهي.
انعام شيخ: ڇا 21 هين صديءَ جي آخر ۾ به، ڀانئيو ٿا ته اسان جي هيءَ سنڌ، ائين ئي هوندي ثابت ...سالم جيئن هن وقت آهي؟
آغا سليم: جاگرافيڪلي ته هوندي... ۽ ان کي ڪير به چينج ڪري نٿو سگهي.
انعام شيخ: اوهان جي اولاد مان ڪنهن جو ادبي ذوق آهي؟
آغا سليم: مون انهن ۾ اهڙو ذوق پيدا ٿيڻ ئي نه ڏنو. وڏي پٽ کي هڪ دفعي ڏٺم، ته هڪ ٽاري ٻي کڻي آيو، چيائين ڏسو هن هڪ ائبسٽريڪٽ آرٽ جو نمونو پيو نظر اچي. هڪ دفعي اياز جو شعر پڙهيائين ته هوشو شيديءَ تي نظم لکي آيو، مون ان تي چيو مانس ته، ڏس پٽ، تنوير عباسي نه ٿجانءِ. نه سٺو شاعر ڊاڪٽر...۽ ڳالهه ٻڌ... يا سٺوشاعر ٿي ڏيکار يا سٺو ڊاڪٽر... ۽ هڪڙي ڳالهه جي چونڊ ڪر، ته هو ائين شاعري ڇڏي ويو.
نصير مرزا: آغا صاحب... ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪيتري ڄمار تائين جيئڻ گهرجي، سؤ سال، ٻه سؤ سال...؟
آغا سليم: ] بي پناهه خوش دليءَ سان ٽهڪ ڏيندي[ هاڻي من.. ڪيئن اوهان کي ٻڌايان ته... بس سمجهو ته جيسيتائين مرد جي مردانگي ختم نه ٿئي، تيسيتائين ان کي جيئڻ گهرجي.

سرورق


سادگيءَ کي ڇڏيو کڻي هاڻي

سادگيءَ کي ڇڏيو کڻي هاڻي!
(ڪتاب ”تقدير ملي نه ملي“ تي تبصرو)

منير چانڊيو

سنڌيءَ ۾ هر سال ڪيترا ئي ڪتاب ڇپجن ٿا، جن ۾ اڪثريت اهڙن ڪتابن جي هوندي آهي، جن کي ڪتابن واري ڪٻٽ ۾ رکڻ به فقط جاءِ سيڙائڻ ئي ٿيندو، پر انهن ۾ ڪي ڪتاب اهڙا به هوندا آهن، جن کي ساهه ۾ سانڍي رکڻ لاءِ دل چوندي آهي. اهڙو ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو ڪتاب ”تقدير ملي نه ملي“ وليج شاد آباد ويلفيئر آرگنائيزيشن جوهيءَ پاران ڇپايو ويو آهي، جنهن جو شاعر لياقت علي ”لياقت“ آهي. هيءُ ڪتاب هر ان ماڻهوءَ کي ضرور پڙهڻ گهرجي، جنهن جون سنڌي شاعريءَ جي مستقبل ۾ ڪي بهتر اُميدون نه آهن. مون کي پڪ آهي ته لياقت علي ”لياقت“ جي شاعري پڙهي، هن جو سنڌي شاعريءَ جي بهتر مستقبل ۾ ويساهه پختو ٿي ويندو. ”لياقت“ جي شاعريءَ ۾ جتي ڪيترائي روشن خيال ۽ ترقي پسند خيال آهن، نفيس ۽ ڪومل احساس آهن، ڪيتريون ئي خوبصورت تشبيهون آهن، پنهنجي ماحول جي بهترين عڪاسي ۽ منظر نگاري آهي، اتي ئي پنهنجي وطن ۽ پوري انسانيت سان پيار ۽ انسيت به آهي - ۽ رڳو ايترو ئي نه پر هن کي شاعريءَ ۾ پنهنجي جذبن جي اظهار جو ڀرپور ڏانءُ به آهي، نتيجي ۾ سندس شاعري پڙهندڙ تي زبردست اثر ڇڏي ٿي. مان سندس غزلن جي ڪيترن ئي خوبصورت ۽ من موهيندڙ بندن تي دل سان مُرڪيو آهيان، انهن تي بي پناهه پيار آيو اٿم ۽ ڪيترن ئي غزلن جي بندن جي خيال جي گهرائيءَ، ان جي اثرائتي پيشڪش ۽ ان جي اندازِ بيان جي وڻندڙ گهرائيءَ ۾ گم ٿي ويو آهيان. ”لياقت“ جي ڪيترن ئي مڪمل غزلن ۽ ڪن غزلن جي ڪجهه بندن کي شاعريءَ ۾ بهترين اضافو سڏي سگهجي ٿو. ايئن ئي سندس حُسن ۽ محبت تي لکيل غزل يونيورسٽيءَ جي نوجوانن جي دلين ۾ ڌڙڪن ٿا. هو پنهنجي ڏانءَ ۽ مزاج ۾ سنڌي غزل جو ڏاڍو خوبصورت ۽ مصور شاعر آهي. هن جي غزل جو هڪ مطلع آهي:
سُنگهي گل اوهان جو چپن تي رکيو،سو منظر چُمي مون اکين تي رکيو.
هوءَ گُل سُنگهي پنهنجي چپن تي رکي ٿي، شاعر اهو منظر چُمي پنهنجي اکين تي ٿو رکي. اهڙو حُسناڪ خيال مون شاعريءَ ۾ اڳ گهٽ پڙهيو آهي. (ان ۾ منهنجي محدود مطالعي جو به ڏوهه ٿي سگهي ٿو) ان خوبصورت غزل جا ٻيا به ڏاڍا سهڻا ۽ وڻندڙ بند آهن، جيئن:
اسان ڄڻ خدا کي ڇُهي آ وتو،اسان هٿ جو تنهنجي هٿن تي رکيو.
اسان ڪهڪشائون ڇُهي ڄڻ وتيون،اسان هٿ جو تنهنجي بدن تي رکيو.
هن جي هٿ کي ڇُهڻ سان خدا کي ڇهڻ، يا محبوب جي بدن تي هٿ رکڻ سان ڪهڪشائون ڇهڻ واري ڳالهه شاعر ڏاڍي خوبصورت انداز سان ڪئي آهي. محبوب جي هٿ ۽ بدن کي ڇهڻ جي تصور سان ئي ڪيترائي نرم نرم احساس جنم وٺن ٿا. انهن بندن ۾ شاعر ڏاڍي وڻندڙ رومانويت پيدا ڪئي آهي.
توکان جڏهن ٿي موٽبو آهي،ڪئي پهر پاڻ ڳولبو آهي.
اسان جي جاگيرداراڻي ۽ فرسوده سماج ۾ ماڻهوءَ کي پنهنجيءَ ذات، پنهنجين ذاتي انائن ۽ پنهنجي ڪوڙي تقدس کان سواءِ ڪجهه نظر ئي نه ايندو آهي، پر هو جڏهن پنهنجي پرينءَ سان ملي ٿو اچي ته کيس نه پنهنجو پاڻ نظر ٿو اچي ۽ نه ئي پنهنجيءَ ذات جون انائون ٿيون نظر اچن. هو ته ڪيئي پهر پنهنجو پاڻ کي ڳولڻ ۾ مصروف آهي. لياقت جي غزل جو هڪ بند آهي، ته:
دل چوي ٿي غزل لکان اهڙو،تنهنجي سهڻي بدن بگي جهڙو.
شاعر کي پنهنجي پرينءَ جي بدن سان جيڪا نسبت آهي، سا ان کان پنهنجي پرينءَ جي سهڻي بدن بگي جهڙو غزل لکائڻ ٿي چاهي. اُتر سنڌ ۾ ’بگو‘ لفظ ’ڀوري‘ لفظ جي متبادل طور ڪم ايندو آهي، جنهن کي عام ماڻهو گهڻو استعمال ڪندا آهن. لياقت جي شاعريءَ ۾ عوامي ٻوليءَ ۽ لهجي جو سُٺو مثال آهي. ان کان سواءِ لياقت جو هڪ ٻيو به ڏاڍو خوبصورت غزل آهي، جنهن ۾ هن ڪمال تشبيهن جو استعمال ڪيو آهي.

جهُڙ مٿان ليڪو کنوڻ جو، سينڌ تنهنجيءَ جيان لڳو،هوءَ جا انڊلٺ آ جُڙي، شايد اٿئي آرس ڀڳو.
نيڻ تنهنجا ڄڻ ته ٽيڙو، پير تنهنجا ڄڻ ڪَتي،باک ڄڻ تنهنجي بدن تان، اوچتو کسڪيو لَٽو.
لياقت علي لياقت فطرت جي حُسناڪ منظرڪشيءَ کي محبوب جي جسم جي مختلف حصن سان ڀيٽي تشبيهون ڏيڻ ۾ وڏي ڪاريگريءَ کان ڪم ورتو آهي. جهڙ مٿان کنوڻ جي ليڪي کي پرينءَ جي سينڌ سان تشبيهه ڏيڻ، نيڻن کي چمڪندڙ ستارن (ٽيڙن)، پيرن کي ڪَتين، هن جي جسم تان اوچتي لَٽي جي کسڪڻ کي باک، ڳاڙهي وڳي ۾ هن جي روپ جي نکرڻ کي گلابي گُل جي مٿان ماڪَ –ڦُڙي سان تشبيهه بلڪل به نئين ۽ منفرد آهي. هن غزل جو سڀ کان خوبصورت خيال اهو آهي ته هن ۾ انڊلٺ جي جُڙڻ کي پرينءَ جي آرس ڀڃڻ سان منسوب ڪيو ويو آهي. دل ۾ گهر ڪري ويندڙ ان احساس جي ڪري هيءُ غزل ڏاڍو وڻندڙ ٿي پيو آهي. هڪ ٻئي غزل جا بند آهن:


اها شام منڇر، ڪنول ياد آهي،مون کي پيار جو هرڪو پل ياد آهي.
اسان کي اوهان جون اکيون ياد آهن،اوهان جي اکين جو ڪجل ياد آهي.
هن غزل ۾ ياد جي ڇا ته مصوري ڪئي وئي آهي. هڪ شام جو پل، جيڪو اڳ ئي پيارو هجي ٿو، اهو به وري منڇر جهڙي حَسين ڍنڍ تي مٿين ٽنهي سهڻن لقائن جي لياقت ڏاڍي سهڻي ترتيب رکي آهي. ان بند جي هيٺين سٽ ته مٿينءَ سٽ کان به وڌيڪ سهڻي ۽ وڻندڙ آهي. ”مون کي پيار جو هرڪو پل ياد آهي.“ هو پاڻ ۾ جيترو به وقت گڏ رهيا، گهميا، ڦِريا، اُٿيا، ويٺا، رُسيا، پرچيا، ناز ۽ نخرا ڪيائون، شاعر کي سو سڀ ياد آهي. مون کي ذاتي طور اها سٽ ڏاڍي وڻي آهي. هڪ ٻيو بند آهي:

چنڊ توکان چٽو ڪٿي آهي!انب توکان مٺو ڪٿو آهي!
مون شاعريءَ ۾ انب جو اهڙيءَ طرح استعمال ٿيندي نه ڏٺو آهي. انب ته ڪنهن قدر شاعراڻو احساس رکندڙ لفظ به نه ٿو ڀانئجي، پر مٿئين بند ۾ انب کي اهڙيءَ ريت ڪم آندو ويو آهي، جو هن جو اُتي احساس ئي بدلجي وڻندڙ ٿي ويو آهي ۽ ان جو ڪريڊٽ به لياقت جي فن ڏانهن وڃي ٿو. ان کان سواءِ. هو چئي ٿو:
رات جو آسمان تارن سان،هوبهو آ تنهنجي گهگهي جهڙو.
هن رات جي وقت ۾ ستارن سان جڳمڳائيندڙ آسمان جي پنهنجي پرينءَ جي گهگهي (چولي/ قميص) سان ڀيٽ ڪئي آهي. جنهن ۾ ڀرت جو اهڙو ته شاهڪار ڪم ڪيل آهي جو اهو آسمان ۾ چمڪندڙ تارن جهڙو ڏيک ڏئي ٿو. جيتوڻيڪ ستارن سان آسمان جو ذڪر تقريبن هر شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي، پر هر شاعر ان ۾ پنهجي الڳ سونهن تخليق ڪئي آهي. اهڙيءَ ريت لياقت به ستارن سان ڀريل آسمان جي پرينءَ جي گهگهي سان ڀيٽ ڪري ان ۾ الڳ وڻندڙ احساس پيدا ڪيو آهي. سندس هڪ ٻئي غزل جا بند آهن:
هن اونداهي زندگيءَ ۾ روشني آهي اڃان،مون ۾ جو آباد ڪنهن جي عاشقي آهي اڃان.
اي حُسن! تون جي اچين سجدا اٿم سانڍي رکيا،مون کي ڪرڻي زندگيءَ ۾ بندگي آهي اڃان.
هڪ غريب، غلام ۽ پسمانده سماج جي ماڻهوءَ جي اونداهي زندگيءَ ۾ جيڪڏهن روشني آهي، ته اها ان ڪري آهي، جو هن جي من ۾ عشق آباد آهي، مطلب ته عشق ماڻهوءَ جي اونداهي زندگيءَ کي روشن ڪري ڇڏي ٿو. عشق سان اهڙو رويو اسان جهڙن فرسوده سماجن جي ماڻهن لاءِ ڏاڍو مثبت ۽ ڪارائتو آهي. جنهن سماج ۾ محبت/ عشق ڪرڻ جي ڏوهه ۾ نياڻيون جيئريون پوريون وڃن، مٿن ڪتن جي بڇ ڪئي وڃي، گوليون ۽ ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيون وڃن ۽ انتهائي انسان سوز حالت ڪري پوريون وڃن ۽ لڳ ڀڳ ساڳي حالت مردن سان به هجي، اهڙي سماج ۾ محبت جي تبليغ ڪرڻ، هڪ پيار ڪرڻ واري انسان دوست سماج جي اڏاوت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ برابر آهي. اسان جهڙن فرسوده ۽ پٺتي پيل سماجن کي رومانوي شاعريءَ جي به تمام گهڻي ضرورت آهي.

انهيءَ کانسواءِ لياقت مختلف لقائن کي جنهن ريت بيان ڪري تشبيهه طور ڪم ٿو آڻي، اهو ڏاڍو وڻندڙ ٿو لڳي. مختلف ۽ متضاد لقائن ۽ احساسن کي اهڙيءَ طرح کڻي ٿو اچي جو اهي تڪليفن واري احساس مان بدلجي پرسڪون بڻجي وڃن ٿا.


نه هوش ۾ رکي ٿي، نه هوش کان ٻاهر،نهار تنهنجي ۾ قدرت، الئه ته ڇا آهي.مٿيون بند به پنهنجي خيال جي حوالي سان ڏاڍو نفيس ۽ وڻندڙ آهي. هن جي نهار جو اهو الئه ته ڇا عجب آهي جو اها کيس نه ته هوش ۾ ٿي رکي ۽ نه ئي هوش کان ٻاهر. اها هڪ متضاد وارتا آهي، جيڪا وڏي ڪاريگريءَ سان حسين بڻائي وئي آهي. هن غزل جو رديف به ڏاڍو وڻندڙ آهي. مٿيون بند پڙهي مون کي سنڌي غزل جي بيحد حُسناڪ شاعر جاويد شبير جي هڪ غزل جو بند ياد پيو.

وجود پنهنجي جو قصو به آ عجيب گهڻو،اسان نه يار جي اندر، نه يار کان ٻاهر.
شاعريءَ ۾ سڀ کان حَسين صنف غزل آهي، جنهن کي محبوب سان ڪچهري ڪرڻ يا پيار ۽ محبت جون ڳالهيون ڪرڻ جي به صنف چيو ويندو آهي. اهڙن غزلن کي تغزل واري رنگ ۾ رچيل غزل چيو ويندو آهي، جيڪي پنهنجي ٻوليءَ جي ڪوملتا ۽ خيال جي نفاست جي ڪري ڏاڍا وڻندڙ لڳندا آهن. لياقت جا به تغزل واري رنگ ۾ رچيل غزل ڏاڍا ڪومل ۽ نفيس احساس رکندڙ آهن. جن سان خوب نباهه ڪيو اٿائين. سندس هڪ غزل جا بند آهن:

موتيو اٿئي فدا، عاشق گلاب توتي آ،بهار جي به نيت خراب توتي آ.
بچا اسان به نه آهيون، نگاهه تنهنجي کان،ٿي مست دل اسان جي به جناب توتي آ.

اهڙن ڪيترن ئي خوبصورت رومانوي غزلن سان لياقت جو سڄو ڪتاب سينگاريو پيو آهي. هتي ڊيگهه کان بچڻ خاطرچونڊ بند ڏجن ٿا:

مئي هجي مئي سان گڏ حَسين ڀي ڪوئي،ڪڏهن ڪڏهن ته ساقي اهتمام سان پيئجي.
µµ

پيار بدلي رڳو وٺان جنتيا خدا! آئون ٻار ڪيئن ٿيندس.
µµ

ڪو دل جي ڪعبي ۾ ويهي آ رهيو،ڪيان ڇا مان ڪافر اُٿي ئي نه ٿو.
µµ

هن جي نظر شفا آ نهاري ته ڇا کپي،بگڙيل نصيب منهنجو سنواري ته ڇا کپي.
µµ

مٿين ڪجهه بندن کانسواءِ لياقت جي ٻين به ڪيئن غزلن ۾ تمام گهڻا خوبصورت بند آهن، جن ۾ ڪيترن ئي فطرت جي حَسين نظارن جي وڏيءَ حُسناڪيءَ سان منظرڪشي ڪئي وئي آهي ۽ انهن کي تشبيهن طور ڪم آندو ويو آهي. مٿيان بيان ڪيل بند ته ڏاڍا رومينٽڪ آهن. انهن بندن کانسواءِ لياقت علي لياقت جا هيٺيان غزل به ڏاڍا خوبصورت آهن:


تون ٿو پُڇين ديد منهنجي تو ڏي تڪي ڇو ٿي،نگاهه تنهجي به جادوگري ڪري ڇو ٿي.
µµ

اکين سان پيئاريو نشي کان بچي پئون،وٺو دل اسان کان خفي کان بچي پئون.
µµ

دعائن سواءِ ملي پئو اسان کي،خدا جي به ٿوري ٿڌي کان بچي پئون.
µµ

لياقت علي لياقت جي مٿين غزلن ۾ اٿاهه رومانويت سان گڏ هن جي مٺڙي ۽ پياري ٻوليءَ ۽ نهٺي ۽ نرم لهجي جو انداز به ڏاڍو وڻندڙ آهي. جنهن ۾ وڏين وڏين ڳالهين کي نهايت نفاست سان بيان ڪيو ويو آهي، جن ۾ اٿاهه محبت جي گهرائي، محبوب سان عاجزي ۽ سائنسي فڪر تي ٻڌل عقليت پسندي ملي ٿي. لياقت علي لياقت جي شاعريءَ ۾ اجتماعيت ۽ سڄي جڳ جي خوشيءَ جو پڻ درس ملي ٿو. هو چئي ٿو ته:

اسان پاڻ لئه آ ڪڏهن ڪين سوچيو،هي جڳ خوش رهي ٻيا نه اُلڪا اسان کي.
اڄ جي دؤر کي اهڙي قسم جي سوچ جي وڏي ضرورت آهي، جتي ڏينهون ڏينهن ماڻهو انفراديت پسند ٿيندا ٿا وڃن، مجموعي طور انسانيت جي ڀلي لاءِ سوچيندڙ ماڻهن جو تعداد گهٽبو ٿو وڃي ۽ اهڙي قسم جي اجتماعي سوچ رکندڙ ماڻهن کي چريو ۽ بيوقوف سمجهيو ٿو وڃي، اتي لياقت علي ”لياقت“ جو مٿيون بند ان اسٽيٽسڪو کي ٽوڙي سڄي انسانيت جي ڀلي لاءِ اُتساهي ٿو. هن جي ان وسيع نظر ۽ ڪشاديءَ دل جو دائرو رڳو سنڌ نه آهي، پر هو پوري عالم لاءِ سوچي ٿو. هو سنڌ سميت سڄيءَ دنيا مان ظلم ۽ ڏاڍ جو خاتمو چاهي ٿو، هو چاهي ٿو ته پوري انسانيت لاءِ هاڻي ڪوبه غم نه رهڻ کپي.

سنڌ رڳو ڇو دنيا ۾ ظلم نه رهي هاڻي،پوري انسانيت لئه ڪو غم نه رهي هاڻي.
هڪڙي پاسي دنيا ۾ لياقت علي لياقت جهڙن ماڻهن جو قبيلو آهي، جيڪي انسانيت جي ظلمن، جبرن، ڏاڍن، ڦُرلٽن، عذابن، محرومين ۽ ٻين ڪيترين ئي ذلالتن مان نجات جي ڳالهه ڪن ٿا، انسان جي آزادي، ان جي خوشي ۽ خوشحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪن ٿا، پنهنجون سُکن ڀريون زندگيون به دنيا جي مظلوم عوام جي بهتريءَ لاءِ گهوري ڇڏين ٿا ته ٻئي پاسي هن ئي دنيا ۾ ڪيترائي ظالم، ڦورو، وحشي ۽ شيطان ماڻهو به آهن، جن پوريءَ دنيا ۾ ظلم ۽ جبر جو راڄ قائم ڪيو آهي. هن قسم جي ماڻهن سان عظيم انسانن هر دؤر ۾ مزاحمت ڪئي آهي. انهن جي انسان دشمن منصوبن کي رد ڪيو آهي، سندن ظلم ۽ جبر جي خلاف ويڙهه ڪئي آهي. ان ئي قبيلي مان لياقت علي لياقت شاعر آهي، ان ڪري هن پنهنجي شاعريءَ ذريعي اهڙو فرض سرانجام ڏنو آهي. هو چئي ٿو:

ڪڏهن به وڙهين جي جهل سان ته سڏ ڪجانءِ مون کي،جي تير ٿيندين تون لياقت ڪمان ٿي پوندو.
اسان جو سماج اڃا به ڪيترن وهمن ۽ وسوسن جي ڪوڙڪين ۾ ڦاٿل آهي. اڄ به اسان جي سماج جا ماڻهو پراڻين ۽ مُدي خارج روايتن ۾ ڦاٿا پيا آهن. اڄ جي سائنسي دؤر ۾ به ماڻهو ميڊيڪل سائنس کي ڇڏي، وڏيءَ کان وڏي بيماريءَ ۾ به دعائن، ڌاڳن، سڳن ۽ ڦيڻن تي يقين ڪن ٿا. ان روش کي ننديندي لياقت چئي ٿو ته:

دعا کي دوا کان مٿانهون مڃان ڪيئن،دعا سان زخم ڪو ڇُٽو ياد ناهي.
هو پنهنجي اٻوجهه، بي سمجهه ۽ سادن ماڻهن کي مخاطب ٿيندي کين تبديل ٿيڻ جي تلقين ڪري ٿو:

سادگيءَ کي ڇڏيو کڻي هاڻي،دور بدليو آ بودلا نه رهو.
مٿيون خيال ڏاڍو زبردست آهي. هن خيال موجب موجوده سائنسي دؤر جي تقاضائن مطابق اسان کي روايتي بودلائپ ۽ سادگيءَ کي تزڪ ڪرڻو پوندو. هو حب الوطنيءَ جي حوالي سان چئي ٿو:
ڪين مون کي گل وڻيا پرڏيهه ۾،سنڌ! تنهنجي گاهه ۾ گم ٿي ويس.
جيتوڻيڪ لياقت علي لياقت جي غزلن ۾ گرامر جي حوالي سان پنڪچوئيشنز جون ڪئي غلطيون آهن، جن کي نهايت سولائيءَ سان درست ڪري سگهجي پيو، جنهن سبب پڙهڻ ۾ اُهو مزو نه پئي آيو، پر نصابي حوالي سان ٽي درجا پاس هن وڏي پڙهيل ڳڙهيل، ترقي پسند، محبِ وطن ۽ انسان دوست شاعر جي شاعريءَ ۾ مون کي رومانويت ۽ ان جي حُسناڪ اظهار، ٻوليءَ جي نفاست، خيالن جي گهرائي، عقليت پسندي، پنهنجي وطن ۽ پوري عالم سان بي پناهه انسيت ۽ پيار ڏاڍو متاثر ڪيو. اهڙي ئي شاعري سڀاڻي جي روشن خيال، ترقي پسند، برابريءَ تي ٻڌل ۽ محبت جي سرزمين طور نئون جنم وٺندڙ سنڌ جو بنياد وجهي سگهي ٿي.

Email:mchandio@cpcs.org.pk
Add: B-98, Qasim Nagar, Qasimabad,
Hyderabad, Sindh, Pakistan.

بڪ شيلف

جنڊيءَ جي رنگن ڀريل زندگي
(ڪتاب ڪويءَ جي ڪٿا تي تبصرو)
منوج ڪمار

ماڻهو آتم ڪٿا ڇو لکندو آهي؟ شايد انهيءَ جو جواب تخليقي ادب سرجڻ واري عمل ۾ ئي ملي سگهي ٿو. اسان گيت، ڪهاڻيون، ناول ۽ ڊراما به ان ڪري ئي لکون ٿا، جو اسان جي اندر ۾ اها خواهش ڀرپور نموني موجود هوندي آهي ته پنهنجن خيالن کي ٻين سان ونڊيون. انهي ڪري اڄڪلهه آتم ڪٿائن کي اُهو ئي درجو حاصل آهي جيڪو تخليقي ادب کي حاصل آهي. هڪ خوبصورت آتم ڪٿا اسان جي اها ساڳي جمالياتي ۽ روحاني اڃ اجهائي ٿي، جيڪا تخليقي ادب جو ٻيون صنفون اجھائينديون آهن ۽ ڪي آتم ڪٿائون ته ڪنهن ادبي شهپاري کان گهٽ به نه هونديو آهن.
منهنجي مطالعي ۾ هن وقت سنڌي جي ڀلوڙ شاعر سوز هالائي جي آٿم ڪٿا ”ڪويءَ جي ڪٿا“ آهي. سوز جي شاعري کي ڪنهن تعارفي حوالي جي ضرورت نه آهي. سوز سنڌي شاعريءَ کي رنگ رتا پيچرا، درشن ڌارو ڌار ۽ من اندر جي موسم، (زير طبع) جي صورت ۾ ٽي خوبصورت مجموعا ڏنا آهن. انهي کانسواءِ سوز هالائي سنڌي موسيقيءَ جي بي حد سريلي راڳي محمد جمن جي فن موسيقي تي به ”ڪارون وس ڪيام“ جي نالي سان ڀيٽا ارپي چڪو آهي. نثر ۾ سوز جو هيءُ ٻيو ڪتاب آهي.
شاعر جڏهن نثر لکندا آهن ته انهيءَ ۾ به اها مڌرتا، اهو تخيل ۽ اهي احساس هوندا آهن. جيڪي سندن شاعريءَ ۾ هوندا آهن. سوز جي آتم ڪٿا ۾ به هڪ شاعر جي موجودگي کي هر سٽ ۽ هر لفظ ۾ محسوس ٿئي ٿي. اِهو هڪ شاعر جو ئي تخيل ٿي سگهي ٿو، جنهن سان هِن اڌ صديءَ کان به اڳ پيش آيل واقعا ۽ تاريخ جي وهڪري ۾ لڙهي ويل اهي جڳهيون وري ڪاغذن تي زندهه ڪري ڏيکاريون آهن. ماءُ جي ڪک ۾ ئي يتيم ٿيل ٻارڙي جي سنڌ جي سرموڙ شاعر ٿيڻ واري سموري سفر کي سوز انتهائي فنڪارانه سادگيءَ سان پيش ڪيو آهن. پنهنجي زندگيءَ جي انهيءَ پوتاميل ۾ انتهائي ايمانداريءَ کان ڪم ورتو آهي. انهي ۾ سوز ڪي لٻاڙون نه هنيون آهن (جيڪي اڪثر آتم ڪٿائن ۾ هونديون آهن) هُن پنهنجي زندگي انتهائي ايمانداريءَ سان پڙهندڙن آڏو پيش ڪئي آهي.
سوز ڇاڪاڻ ته بنيادي طور تي شاعر آهي، تنهنڪري هُن جي آتم ڪٿا ۾ اهي شاعراڻه تخيل جابجا موجود آهن. خاص طور سندس ڪتاب جو باب ’مان ۽ منهنجو شهر‘ بلاشڪ نثري ادب جو هڪ شهپارو آهي. انهيءَ ۾ سوز هالاپراڻا جي ورهاڱي کان اڳ واري زندگيءَ کي انتهائي خوبصورت انداز سان پيش ڪيو آهي. انهيءَ کي پڙهڻ سان اهو سمورو دور وري زنده ٿي و ڃي ٿو ۽ پڙهندڙ انهيءَ دور ۾ وري جيئڻ لڳي ٿو.
سوز پنهنجي آتم ڪٿا ۾ رڳو پنهنجي ذات کي محور نه بنايو آهي، پر هُن پنهنجي دور ۽ پنهنجي همعصرن کي پڻ پنهنجيءَ آتم ڪٿا جو موضوع بنايو آهي. سندس واهڻ ٻيهر حياتي پائن ٿا، جيڪي هاڻ هِن ڌرتيءَ تان وجود وڃائڻ لڳاآهن.
ساڳيءَ طرح سوز انهن سڀني ماڻهن کي پڻ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ جاءِ ڏني آهي، جيڪي ماڻهو سوز جي زندگيءَ جي سفر ۾ ساٿي رهيا آهن. انهن ۾ سوز جي ننڍپڻ جي معصوم محبت ڪمال به آهي. سوز انهي لاحاصل محبت کي ڏاڍي پاڪيزگيءَ سان پيش ڪيو آهي.
سوز پنهنجيءَ آتم ڪٿا ۾ پنهنجي نوڪريءَ جا ٻه تجربا به بيان ڪيا آهن. سندس روينيو ڊپارٽمينٽ ۽ سندس جيلر هئڻ واري دور کي انتهائي دلچسپ پيرايي ۾ بيان ڪيو آهي. ساڳيءَ طرح ريڊيو پاڪستان ۽ انهيءَ سان وابسته ماڻهن کي پڻ سوز پنهنجي آتم ڪٿا جو حصو بنايو آهي. اهڙيءَ طرح سوز هڪ اداري جي ماضيءَ جا ڪيئي اڻ ڇهيل پهلو سامهون آندا آهن.
پاڻ پهرين ئي ذڪر ڪيوسين ته آتم ڪٿائون هاڻي تخيلقي ادب جو ئي هڪ حصو تسليم ڪيون پيون وڃن. سوز جي آتم ڪٿا به اڃا بهتر ٿئي هاجيڪڏهن سوز تخليقن جي اها اڏام برقرار رکي ها جنهن سان هن ڪويءَ جي ڪٿا کي شروع ڪيو هو. هيءَ آتم ڪٿا وڌيڪ خوبصورت ٿي پوي ها، جي سوز اهوئي پيرايو برقرار رکي ها، جيڪو هن پهرئين بابن ۾ رکيو هو. جيڪڏهن سوز پنهنجي زندگي ۾ پيش آيل واقعن ۽ سندس حياتيءَ سان وابسته شخصيتن کي ٽڪرن ٽڪرن ۾ بيان ڪرڻ بجاءِ هڪ ئي بيان ۾ رلي جي مختلف رنگن وانگر پوئي ها ته هوند سندس آتم ڪٿا جو رنگ ئي ڪو ٻيو هجي هان. ساڳيءَ طرح موسيقي ۽ ريڊيو پاڪستان سان وابسته ڪافي شخصيتن جو ذڪر سوز اڳيئي پنهنجي ڪتاب ’ڪارون ويس ڪيام‘ ۾ ڪري چڪو هو. سندس اهي پاٺڪ جن جو اهو ڪتاب پڙهيل آهي تن کي اهو ورجاءُ شايد غيرضروري محسوس ٿئي. ڪتاب مان ڪجهه واقعا يا ڪجهه شخصيتن کي سٺي نموني ايڊٽ ڪيو وڃي هاته آتم ڪٿا اڃان به بهتر ٿي پئي سگهي.
انهن سڀني ڳالهين جي باوجود اسان جي ڪويءَ جي هيءَ ڪٿا پڙهڻ جهڙي آهي. ۽ هِن کي انهيءَ ڪري به پڙهيو وڃي ڇو ته اسان جو نسل انهيءَ شاندار دور کان واقف نه آهي، جيڪو وقت جي ڪوهيڙي ۾ گم ٿي چڪو آهي.

چيٽ باڪس

چيٽ باڪس



تون مون کي
سڀني موسمن ۾ وڻندو آهين!
(نوجوان شاعر قدير انصاريءَ سان چيٽ)

نياز نديم

قدير انصاري هڪ منفرد نوجوان شاعر آهي ۽ ڪيترن ئي حوالن کان پنهنجي همعصرن ۾ هڪ نمايان مقام رکي ٿو. جڏهن قدير اڃا نوجوان نه هو، ان وقت به سندس شاعري جوان هئي ۽ ڪيئي جوانيون سندس شاعريءَ تي چريائپ جو اظهار ڪري چڪون هيون. سندس شاعريءَ ۾ اها خوبي اڃا تائين نه صرف برقرار آهي، پر ڏينهون ڏينهن ان تي وڌيڪ نکار ايندو پيو وڃي.
قدير جي ڪئين معصوم خواهش ۽ خوابن مان سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ڇپجڻ جي خواهش ۽ خواب به هڪ آهي، پر خبر ناهي ڪڏهن ۽ ڪيئن هن پنهنجي شاعريءَ جي ڪتاب کي مون سان مشروط ڪري ڇڏيو. گذريل ڪيترن ئي سالن کان هو ان ڳالهه تي بضد آهي ته سندس شاعريءَ ۽ شخصيت تي ڪجهه لکندس، جيڪو هي پنهنجي صوابديدي اختيارن تحت جيئن چاهيندو، تيئن ڪتاب ۾ استعمال ڪندو. خبر ناهي ڇو، هڪ طرف قدير جو اهو ضد وڌندو ويو ته ٻئي طرف وري منهنجو پنهنجي لکڻ تان اعتماد به کڄندو ويو. هر ڀيري سندس ڪو نئون غزل يا نظم ٻڌڻ کان پوءِ مون کي لڳو ته مان جيڪو پنهنجي شاعراڻي يا ادبي سڃاڻپ وڃائيندو پيو وڃان. اهو قدير جهڙي هڪ سهڻي شاعر جي ڪتاب لاءِ ڪهڙي سٺائي لکي سگهان ٿو! صرف هڪ شاعر جو بهترين دوست هجڻ ئي ته ڪنهن کي ان قابل نٿو بڻائي سگهي جو شاعريءَ جي ڪتاب جو مهاڳ يا پڇاڙي لکي. الائي ڇو، مون کي اهو لڳو ته جيئن مان قدير کي ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ بهاني باز شخص سمجهندو آهيان، ايئن ئي مون کي سندس ضد به ڪتاب نه ڇپرائڻ جو هڪ بهانو ئي لڳو.
نيٺ هڪ ڏينهن مون به هڪ بهانو ڳولي ورتو. قدير کي چيم ته مون کي پنهنجي ڪجهه شاعري يا ڪتاب جو مسودو حوالي طور استعمال ڪرڻ لاءِ موڪلي ۽ ان سان گڏ پنهنجي بايو ڊيٽا (سي وي) به موڪلي ته جيئن مان ڪجهه سالن ۽ تاريخن جي بنياد تي گذريل 18 سالن جي يادن جون وکريل ڪڙيون ملائي سگهان. مون کي يقين هو ته قدير نه شاعري موڪليندو، نه سي وي- منهنجو شڪ صحيح ثابت ٿيو. هڪ ڏينهن ”ياهو ميسينجر“ تي چيٽنگ ڪندي، مون کانئس شاعري ۽ سي وي جو پڇيو. جواب ۾ هن شاعريءَ لاءِ هڪ انٽرنيٽ لنڪ ٻڌائي ۽ سي وي بدران چيٽنگ تي ئي منهنجون يادون تازيون ڪرائڻ لڳو.
اها اڻ رٿيل گفتگو ڪندي، خبر ناهي ڪيئن مون کي اهو خيال آيو ته هن گفتگوءَ کي هڪ انوکي انٽرويو طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. اها ڳالهه مون قدير کي چيٽ پوري ٿيڻ بعد ٻڌائي، جنهن تي هن پهرين احتجاج ڪيو، پر بعد ۾ اسحاق سميجي، ممتاز بخاري ۽ ڪجهه ٻين دوستن جي زور ڀرڻ تي هن ان ڳالهه جي اجازت ڏئي ڇڏي ته هن گفتگوءَ کي ڀلي ’سارنگا‘ ۾ شايع ڪيو وڃي. هن گفتگو جي باري ۾ ڪنهن ادبي انٽرويو جي دعويٰ بلڪل ناهي، پر هن کي ٻن دوستن جي وچ ۾ ذاتي نوعيت جي غير رسمي ڪچهري سمجهڻ وڌيڪ بهتر رهندو، جنهن جو مقصد قدير يا پنهنجو ذاتي يا ادبي قد وڌائڻ يا گهٽائڻ هرگز ناهي ۽ نه ئي قدير جي دل آزاري ڪرڻ. منهنجي نيت بلڪل صاف آهي.
رهيو سوال قدير جي ڪتاب بابت ڪجهه لکڻ جو، ته ان کي مان قدير ۽ پنهنجي وچ ۾ اڃا به هڪ Outstanding مسئلي طور موخر ڪريان ٿو.
**
قدير: هاءِ پيارا، ڪيئن آهين؟
نياز: هيلو، مان ٺيڪ، تون ٻڌاءِ.
قدير: فرسٽ ڪلاس، ٽاپ گيئر ۾.
نياز: ٽاپ گيئر ۾ آهين، پوءِ به شاعري ۽ سي وي نه موڪليئي؟
قدير: مون چيو ته نوڪريءَ ۾ ٽاپ گيئر ۾ آهيان، شاعريءَ ۾ نه. نوڪريءَ کانسواءِ سڀني معاملن ۾ اهو ئي قدير آهيان، جنهن کي تون چڱيءَ طرح سڃاڻين.
نياز: ها ها، مان ان قدير کي به سڃاڻان، پر مون کي شاعري ۽ سي وي موڪل، مان تنهنجي باري ۾ لکڻ لاءِ هاڻ بلڪل تيار آهيان. اڄڪلهه مان پاڻ به لکڻ لاءِ فارم ۾ آهيان. تازو ئي ڊان اخبار لاءِ نصير مرزا جي ڪتاب جو رِويو لکي پورو ڪيو اٿم ۽ اڄوڪي ”ڪاوش“ اخبار ۾ فراز تي (احمد فراز جي تدفين کان پوءِ) ڪالم به ڇپيو آهي.
قدير: گريٽ، پر تون خوشنصيب آهين، جو مون جهڙي ماڻهوءَ تي به لکڻ جو موقعو ملئي ٿو.
نياز: ها ها خبر اٿم، پر سي وي ۽ شاعري موڪليندين ته لکندس نه تنهنجي باري ۾.
قدير: سي وي کي ڇا ڪندين، مان توکي گهربل معلومات ٻڌايان ٿو. پيارا، مان 1971ع جي سياري ۾ يعني 14 ڊسمبر تي ڳاڙهي موري (خيرپور) ۾ ڄائس. عمر ۾ بنگلاديش کان ٻه ڏينهن وڏو آهيان. نوي واري ڏهاڪي جي شروع ۾ لکڻ شروع ڪيم، انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجي شاعري رسالن ۾ به ڇپجڻ لڳي.
نياز: اوڪي، هيءَ سٺي معلومات آهي، پر اها سڀ مون کي اي ميل تي موڪل.
قدير: اسان جي دوستي 1990ع جي سرءَ ڌاري ٿي. سرءُ منهنجي پسنديده موسم آهي. مون کي پنهنجا سڀ پيارا سرءُ ۾ ئي مليا آهن. بهار مون کان پيارا کسيندو رهيو آهي. مون کي سياري ۾ ڪافي ۽ اونهاري ۾ آئس- ٽي وڻندي آهي، پر تون مونکي سڀني موسمن ۾ وڻندو آهين، يعني ٻارنهن مهينن دوران، هفتي جا ست ئي ڏينهن ۽ ڏينهن ڇا چوويهه ڪلاڪ. مون توسان گڏ تمام سٺو وقت گذاريو آهي، مون کي پاڻ کان سواءِ گهڻا رومانوي مرد ۽ گهٽ رومانوي عورتون نه وڻنديون آهن.
نياز: چڱو ڀلا گفتگو جاري رک، مان ان کي سنڀالي رکندس ۽ استعمال به ڪندس.
قدير: مون کي پهريون گهاءُ اٺن سالن جي عمر ۾ لڳو، آخري اطلاعن موجب هوءَ هن وقت چئن ٻارن جي ماءُ آهي، پر يقين ڪر اُها منهنجي گهر واري ناهي، اُها ڪا ٻي هئي.
نياز: ڀلا هن وقت تائين ڪُل گهڻا گهاءَ لڳا اٿئي؟
قدير: (اڃا پهرين ڳالهه جاري رکندي) مون کي ان وقت پيار ٿيو، جڏهن مون کي اها خبر به نه هئي ته پيار ڇا ٿيندو آ.
نياز: پر مون اهو پڇيو ته هن وقت تائين ڪُل گهڻا عشق ڪيا اٿئي؟
قدير: هڪ ڳاڙهي موريءَ ۾، ٻيو سکر ۾، ٽيون گهوٽڪيءَ ۾، چوٿون، پنجون، ڇهون ۽ ستون سڀ خيرپور ۾ ۽ اهو سلسلو اڃا جاري آ...
نياز: موجوده عشق ڪٿي اٿئي؟
قدير: خيرپور ۾. اوها پنجويهه سالن جي،گهنڊيدار وارن، اڇي رنگ ۽ معصوم آواز واري آهي.
نياز: انهن سڀني ۾ ڪهڙي خوبي يڪسان آهي؟
قدير: مان.
نياز: ها اهو ته ظاهر آ، پر انهن منجهه ڪهڙي خوبي ڪامن هئي، جنهن توکي ڇڪيو؟
قدير: چريائپ، ’ٽيڙها دماغ.‘
نياز: تنهنجي ڪهڙي ڳالهه توکي بار بار ڌڪ کائڻ تي مجبور ٿي ڪري؟
قدير: منهنجي چريائپ.
نياز: ڇا تون سٺو شاعر آهين؟
قدير: منهنجا معشوق ته ائين سمجهن ٿا ۽ ياد رک، تون خود به منهنجو معشوق آهين.
نياز: پر تو ڪجهه منٽ اڳ بيان ڪيل لسٽ ۾ ته اهو ذڪر نه ڪيو.
قدير: اهو نه سمجهه ته مون توکي دير سان ياد ڪيو. اڃا ڳڻپ جاري آهي ۽ انهن ۾ تازو ترين اضافو ڪراچيءَ جي هڪ 29 سالن جي عورت آهي.
نياز: چڱو ڀلا اهو ٻڌاءِ ته ان لسٽ ۾ ڪُل مرد گهڻا آهن؟
قدير: نه، مان هم جنس پرست ناهيان، تون يونيڪ آهين. توکان اڳ ۾ ۽ توکان پوءِ ڪوئي ناهي.
نياز: مون کي ان لسٽ ۾ ڪهڙيءَ خوبيءَ سبب شامل ٿو ڪرين؟
قدير: تنهنجي چريائپ. تنهنجي مون سان اٽيچمينٽ. مان مشڪل سان ئي ڪنهن سان اٽيچ ٿيندو آهيان.
نياز: تنهنجي زندگيءَ ۾ Turning Points ڪهڙا آهن؟
قدير: عمر جي اٺين سال جي اها شام جڏهن مون کي پنهنجي پهرئين گهاءَ جو پتو پيو. اهو صبح جڏهن منهنجي والدين سامهون واري گهر ۾ رهندڙ ڇوڪريءَ جي پويان وڃڻ کان روڪيو. جڏهن مون پهريون دفعو ’راجا گِڌ‘ (بانو قدسيه جو ناول) پڙهيو ۽ جڏهن به ڪو سهڻو چهرو ڏسندو آهيان.
نياز: تنهنجي ڪيريئر جي ٽرننگ پوائنٽ؟
قدير: ڪيريئر جو هڪ اهم فيصلو جيڪو مان وري ڪڏهن دهرائڻ نه ٿو چاهيان.
قدير: چڱو هاڻي مان هلان ٿو. صبح جو سوير نوڪريءَ تي وڃڻو اٿم، تنهنجي پٽ کي پيار، ڀاڀيءَ کي سلام ۽ توکي ڀاڪر.
نياز: اڙي ترس، نه وڃ.
قدير: ڇو؟
نياز: انگريزيءَ ۾ ماسٽرس ڪڏهن ڪيئي؟
قدير: 1996ع ۾.
نياز: تو سازدا واري نوڪري ڪڏهن ۽ ڪهڙي عهدي تي ڪئي هئي؟
قدير: 2 ڊسمبر 1990ع، جڏهن مان 18 سالن جو هوس ته مون ميرپورخاص ۾ اسٽينو ٽائپسٽ جي نوڪريءَ سان عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. مارچ 1993ع ۾ منهنجي ناري تعلقي جي ننڍڙي ڳوٺ چونڊڪي ۾ بدلي ٿي. ان بعد انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪيم، بعد ۾ ڪيترائي چٽا ڀيٽيءَ جا امتحان ڏنم ۽ ڪاميابيون ماڻيم.
نياز: چڱو هاڻ اهو ٻڌاءِ ته شاعري ڪڏهن موڪليندين؟
قدير: شاعري سنڌي ادبي سنگت سکر سٽيءَ جي ويب سائيٽ تي پوسٽ ڪرڻ وارو آهيان، اتان کڻي وٺجان، توکي ويب سائيٽ جي ايڊريس ايس ايم ايس ڪندس.
نياز: ٺيڪ آ.
قدير: پوءِ مون کي اجازت؟
نياز: نه، ترس.
قدير: ڏاڍي ننڊ ٿي اچي.
نياز: توکي خبر آ، اڄ تو پاڻ سان ڇا ڪيو آهي؟
قدير: ڇا؟ مون پاڻ سان ڇا ڪري ڇڏيو، ٻڌاءِ؟
نياز: مان جيڪو تنهنجو پروفائيل لکندس، ان ۾ ڏسجان.
قدير: ڪو اشارو ڏيندين، ته ڇا ڪرڻ وارو آهين؟
نياز: اشارو اهو آهي ته يا ته مان اڄوڪي سموري چيٽ جيئن جو تيئن استعمال ڪندس يا وري جيڪو ڪجهه لکندس، ان جو بنياد اڄوڪي گفتگو هوندي.
قدير:... (گار)
نياز: مان... (گار) به نه مٽائيندس.
قدير: اڙي بابا، توبهه ڪيم.
نياز: ٿي سگهي ٿو، ان جي پڄاڻي توبهه تي ٿئي.
قدير: تون وڏو حرامي آهين.
نياز: ٿي سگهي ٿو، اهو ئي آخري جملو هجي.
قدير: تون ڪجهه به ڪري سگهين ٿو.
نياز: مان هي انٽرويو ايندڙ سارنگا لاءِ ٿو موڪليان.
( Qadeer Ansari has signed out)

رتو ڪوٽ

تاريخ




رتو ڪوٽ

اشتياق انصاري

رتو ڪوٽ 69.30 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 25.42 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي سانگهڙ ضلعي ۾ واقع آهي. هن ڪوٽ جا ڦٽوڙا سانگهڙ کان 82 ڪلو ميٽر ۽ کپري شهر کان 22 ڪلو ميٽر تي تعلقي کپري جي ديهه کڄڻي جي سروي نمبر 135 ۾ ڦهليل آهن. هيءُ قديم ڪوٽ مٽيءَ ۾ دفن ٿيل دڙي جي صورت ۾ نارا ڪئنال جي کٻي ڪپر تي 455 RD تي آثار قديمه جي ماهرن جو ڌيان ڇڪائي ٿو. موجوده وقت به نارا ڪئنال، ڪوٽ جي کنڊرن کان اڌ ڪلو ميٽر، اولهه ۾ موجزن آهي. ان ڪري پاڻيءَ جي موجودگيءَ ڪري اڄ به هن اوائلي ڪوٽ جي پاڙي ۾ پوکي جام ٿئي ٿي. ان کان اڳتي پاڻيءَ جي اڻاٺ، ڀٽن ۽ ريگستاني علائقي ڪري زراعت نظر نٿي اچي.
نالو
رتو ڪوٽ تي اهو نالو پوڻ جا مڪاني ماڻهن وٽ مختلف خيال آهن. ڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته ”رتو“ اصل ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو هو، جنهن پويان ان کي رتو ڪوٽ سڏيو ويو. ان ڳالهه جي تصديق طور هو تحفة الڪرام جي حوالي طرف اشارو ڪن ٿا، جنهن ۾ مير علي شير قانع لکيو آهي ته ”سيف الملوڪ... کي بديع الجمال مان ٻه پٽ ”رتو“ ۽ ”چنو“ نالي ڄاوا. هينئر تائين سندس ۽ سندس پٽن جي مزار مٿئين پرڳڻي ۾ رتي ڪوٽ ۾ آهي.(1)
ان ڪوٽ تي رتو نالو پوڻ جو هڪ سبب اتان جي لوڪن وٽ اهو به محفوظ آهي ته جڏهن کان هن ريگستان ۾ هنن اک کولي آهي ته رتو ڪوٽ جا رتاڻ مائل کنڊر پنهنجي ڳاڙهسري وجود سان هنن قائم ۽ دائم ڏٺا آهن. ان ڪري اڄ به آسپاس جي رهواسين وٽ رتو جو مطلب ڳاڙهو يا رتاڻ مائل آهي. رتو ڪوٽ جي کنڊرن ڀرسان هڪ پراڻو ڳوٺ آباد آهي. اهو ٽي سؤ سال پراڻو ڳوٺ يامين هنڱورو سان سڃاتو وڃي ٿو. يامين هنڱورو ڳوٺ کي ڪافي ماڻهو رتو ڪوٽ به ڪوٺن. ان رتو ڪوٽ جي موجوده آدمشماري پنج هزار ٿيندي. سروي آف پاڪستان جي نقشي ۾ يامين هنڱورو واضح طور نظر اچي ٿو. (2)


تاريخي حوالا
سنڌ جي تاريخ ۾ رتو ڪوٽ جي نالي سان 2 ڪوٽ مشهور آهن. هڪ رتو ڪوٽ جا آثار سنڌو ڊيلٽا ۾ موجود آهن، جنهن جو ذڪر ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ ۾ تفصيل سان آيل آهي ته ”سنڌو ڊيلٽا جي اولهه ڪنپٽي وٽ، مچق ٻيٽ تي هڪ ڪوٽ جا هڏا گڏا کنڊرن جي صورت ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. ڪوٽ جي هڏائين پڃري جي ڀرسان قبرستان ۽ ٻيا آثار به ملن ٿا، جتان ٺڪراٽو، ڪاشي ۽ چينيءَ جي ٿانون جا ٽڪرا به پراڻن آثارن جي کوجين کي هٿ اچن ٿا. مقامي ماڻهو ڪوٽ کي رتو ڪوٽ يا رتائو ڪوٽ جي نالي سان سڏيندا آهن. (3) مٿئين سنڌوءَ جي ڊيلٽا جي گپ چڪ ۾ ليٿڙيل ڪوٽ کان سواءِ هڪ ٻئي ڪوٽ جا آثار اَڇڙي ٿر جي وارياسين ڀٽن ۾ سانگهڙ ضلعي ۾ واقع آهن. ان ئي ڪوٽ جي تاريخي حيثيت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
رتو ڪوٽ لاءِ ”تحفة الڪرام“ ۾ ذڪر آهي ته ”چون ٿا ته سيف الملوڪ ڪعبي جي سفر کان موٽي، پنهنجي محبوبه بديع الجمال سميت اچي ديري غازي خان ۽ ستيپور جي وچ واري پرڳڻي ۾ رهيو ۽ اتي ئي گذاري ويو. کيس اتي بديع الجمال مان ٻه پٽ ”رتو“ ۽ ”چنو“ نالي ڄاوا. هينئر تائين سندس ۽ سندس پٽن جي مزار مٿئين پرڳڻي ۾ رتي ڪوٽ ۾، جو قديم زماني ۾ هڪ آباد ۽ عاليشان شهر هو ۽ سندس نشان اڃا تائين ظاهر آهن، عام ماڻهن لاءِ زيارتگاهه آهي. اها زمين به مٿئين دلو راءِ جي بادشاهي ۾ هئي. (4) جيئن ته دلو راءِ جي دور ۾ سنڌ تي سومرن جي حڪومت قائم هئي، ان ڪري اسان کي سنڌ جي تاريخ ۾ سومرن جي دور ۾ رتو ڪوٽ جا ٻيا به ڪيترائي حوالا ملن ٿا.
سوڍن ۽ راٺوڙن جو دؤر
ڪئپٽن ريڪس سومرن جي دور ۾ ٿر ۾ آباد سوڍن لاءِ لکي ٿو ”هن علائقي ۾ سڀ کان وڌيڪ سوڍن جي ذات ڇانيل آهي، جيڪا راجپوت ڦريءَ سان لاڳاپيل آهي ۽ پرمارن سوڍن جي ڪڙم مان آهي. اٺ سؤ هزار سال کن پرمار سوڍا، اجين ۽ مالوا جي ڀرپاسي جي علائقن تي حڪومت ڪندا هئا. گهڻو وقت ٿيو جو ڪن اڻ ڄاتل سببن ڪري (ٿي سگهي ٿو ته ڪي سماجي مسئلا هجن) پنهنجي ماتر ڀومي ڇڏي. هٿيار پنهوار کڻي پنهنجي ڀاڳ آزمائڻ لاءِ ڌارئي ديس ڏانهن نڪري پيا. (5)
ڪئپٽن ريڪس ٿر جي ٻين ڪوٽن سان گڏ رتي ڪوٽ جي اهميت جو ذڪر ڪيو آهي ته ”عمرڪوٽ جو قلعو هاڻي جيان اڳ به ٿر جي سياست جي ڪنجي سمجهيو ويندو هو ۽ مارواڙ ۽ سنڌو ماٿريءَ جي اهم گس تي موجود هو. تنهن زماني عمر ڪوٽ ۾ سنڌ جي سومرا گهراڻي جي حڪومت هئي. عمرڪوٽ جي ضلعي کان 30 ميل اتر طرف ٿر اندر هڪ پراڻي قلعي، رتو ڪوٽ جا اهڃاڻ موجود آهن. اهو قلعو جيڪو عمر ڪوٽ جهڙو اهم آهي، سو پرمار سوڍن جي دور انديشيءَ جي نشاني آهي يا انهن کي اڳ جي تعمير آهي؟ سو پتو ڪو نه ٿو پوي. اهو چوڻ ڪافي ٿيندو ته ڪنهن مدبر حڪمران ٿر جي ڏهڪاءَ ويهارڻ لاءِ اهڙن مضبوط قلعن جي اڏاوت ڪرائي، سنڌو ماٿريءَ ۽ وچ هندستان جي مابين شاهي رستن تي پنهنجا فرمان جاري رکيا.
انهن قلعن پرمار سوڍن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو، جن 1226ع ۾ حملو ڪري وڏي جدوجهد کانپوءِ اهي ٻئي قلعا (عمرڪوٽ ۽ رتوڪوٽ) فتح ڪري ورتا. راجپوت نسلي طور ڏاڍا ڪلاونت ويڙهاڪ هوندا آهن. پنهنجي اوج جي زماني ۾ ته وڌيڪ بهادر هئا. (6) سوڍن جي بهادري ۽ جنگي ڪارنامن جو ذڪر هندستان جي ڪيترن تاريخي ڪتابن ۾ ملي ٿو. ”عمرڪوٽ ۽ رتوڪوٽ جي فتح کانپوءِ سوڍا ماٺ ڪري ڪو نه ويٺا، پر بخت آزمائيءَ لاءِ ٻين علائقن ڏانهن به هليا ويا. اهو پتو ڪو نه ٿو پوي ته جنهن سوڍن پارڪر تي دنگو ڄمايو ته اتان جي صورتحال ڪهڙي هئي... ڪي روايتون اسان کي ٻڌائين ٿيون ته ڪن سوڍن عمرڪوٽ کان اچي يارهين صدي عيسويءَ ۾ پارڪر تي قبضو ڪيو ۽ ڪيترين صدين کان پارڪر ۽ ويرا واهه جون زمينون سوڍن راجپوتن جي قبضي هيٺ آهن. تمام گهڻي وقت کان وٺي ۽ دستاويزي معلومات مطابق پارڪر جي سوڍن جي مکيءَ کي راڻي جي لقب سان سڏيو ويندو آهي. (7)
”تاريخ ريگستان“ ۾ به سومرا دور کان وٺي رتوڪوٽ جي حوالي سان مختلف هنڌن تي ذڪر اچي ٿو. ”سنه 974ع ۾ سنڌ ۾ ڌرڻي براهه جو پٽ مهيپال عرف ديوراج آيو، جو راجا ٿيو. ٻئي پٽ باهڙ کي ڪجهه ڪو نه مليو. تنهن ڪري هو وڃي راڌنپور ۾ رهيو. هن کي ٽي پٽ سوڍو، سانکلو ۽ باگهه هئا. (8) سوڍو سنه 1125ع برابر سنبت ۾، سنڌ جي سومري حاڪم وٽ لنگهي آيو. مهرباني طور کيس رتو ڪوٽ ڏنو. رتوڪوٽ کپري تعلقي شهر کان ڇهه ڪوهه کن پري واقع آهي. اهو ڪوٽ هاڻي ڊٺو پيو آهي، مگر ان جا کنڊر اڃا تائين ڍوري ناري ڪپ تي ڏسڻ ۾ پيا اچن. مگر رتوڪوٽ نالو اڃا قائم آهي. (9) ان ئي ڪتاب ۾ حوالو آهي ته ”ڪي چون ٿا ته سوڍو پاڻ سان راجپوتن جو وڏو ڪٽڪ وٺي آيو هو ۽ رتوڪوٽ سومري حاڪم کان پنهنجي طاقت جي زور سان ورتائين.“ رائچند هريجن ان رتوڪوٽ وارن راڻن لاءِ اڳتي لکي ٿو ته ”سوڍي جو پٽ چاچڪ ”ديو“ ۽ پوٽو ”راج ديو“ هتي رهيا ۽ هتي اچڻ کانپوءِ هو راڻا سڏجڻ لڳا. کپري تعلقي ۾ اڄ تائين ڳوٺ ”راڻاهر“ آهي، جتي ڪيترا گهر ڪري وڃي ويٺا. جنهن ڪري ڳوٺ تي اهو نالو پيو. کپري تعلقي ۾ پٿوري طرف ڪي پٽ آهن، جن کي اڄ تائين راڻن جا پٽ ڪري سڏيندا آهن. ڇاڪاڻ جو ڪن آڳاٽن راڻن اهي پَٽ وسايا ۽ اها سموري حد رتي ڪوٽ وارن راڻن جي هئي، جي اڄ تائين پنهنجي وڏي ڏاڏي پرمار جي پٺيان پاڻ کي پرمار سوڍا راجپوت سڏيندا آهن. (10)
تاريخ ريگستان ۾ رتوڪوٽ سان گڏ راڻن جو شجرو به هن طرح ڏنو ويو هو. ”باهڙ جي پٽ سوڍي 1125ع ۾ رتوڪوٽ هٿ ڪيو. سوڍي کانپوءِ سندس پٽ چاچڪ ديو ۽ هن جو پٽ راج ديو اتي رهيا... انهن جي پونئيرن مان ڌارا برش کي ٻه پٽ هئا. وڏو درجنشال جنهن جي اولاد امرڪوٽ وارا راڻا آهن ۽ ننڍو اسراءِ، جو لڏي پارڪر ڏي ويو، جنهن جي اولاد پارڪر وارا راڻا آهن. (11)
تاريخ ۾ آهي ته جڏهن سوڍن رتوڪوٽ هٿ ڪيو، ساڳئي وقت راجپوت به ٿر ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ ۾ مشغول هئا ته ان وقت ٿر ۾ آباد راٺوڙن کي به ٻين جيان ملڪ گيريءَ جو شوق ٿيو. ان لاءِ رائچند لکي ٿو ته ”راٺوڙ پنهنجي پيدائش ڏيو ونس مان ڄاڻائين ٿا. هنن جون 26 ساکون آهن. ٿر ۾ ٿوري انداز ۾ آهن. جڏهن راڻي سوڍي رتوڪوٽ هٿ ڪيو، تڏهن راٺوڙن کي به دل ۾ آيو ته اسين به ڇو نه سنڌ تي ڪاهه ڪري ڪجهه ڀاڱو هٿ ڪريون. سنڌ ۾ انهيءَ وقت سومرن جي صاحبي هئي، پر هو سوڍن ۽ راجپوتن سان پڄي ڪين ٿي سگهيا. راٺوڙن رتي ڪوٽ وارو پاسو ڇڏي باقي کپري تعلقي جو رهيل ڀاڱو پنهنجي قبضي ڪيو. پوءِ پنهنجي حد وڌائي امر ڪوٽ جي اتر طرف ڇور اسٽيشن ڀرسان ڪيائون. پوءِ اڳڀرو وڌي گڍڙو ۽ ان جي آس پاس وارو ملڪ هٿ ڪري، جوڌپور رياست جي ڪجهه ڀاڱن تائين وڃي پهتا. انهيءَ سموري حد کي اڄ تائين ”کائڙ“ سڏيندا آهن. (12)
سما دؤر
سنڌ ۾ سومرا دؤر کان پوءِ جيئن ته سما حڪمران ٿيا، جن جي صاحبي 1351ع کان وٺي 1520ع تائين رهي. رتو ڪوٽ سما دؤر ۾ ٻين ڪوٽن سان گڏ سنڌ ۾ اهم دفاعي حيثيت رکندو هو. ان جو ذڪر غلام محمد لاکي هن طرح ڪيو آهي: ”سمن جي دؤر ۾ عمرڪوٽ، نصرپور، بٺورو، ڪلان ڪوٽ، رتو ڪوٽ، سيوهڻ، نيرون ڪوٽ، سبي، بکر، ڪوٽ ماڇي، چانڊڪ، باغبان، ٺٽو، فتح پور، ٽلٽي ۽ بدين اهم فوجي مرڪز هئا. هتي قلعا ۽ ڪوٽ هيا. اڪثر مان سلاطين اقتدار جي واڳ وٺندي، سرحدي شهرن ڏي ويندا هئا ۽ اتي بچاءَ ۽ دفاع بابت حڪم ڏيندا هئا.“ (13) سمن کانپوءِ سنڌ ۾ ارغونن ۽ ترخانن جو دؤر هيو. اسان کي رتوڪوٽ جو ذڪر ترخان دؤر ۾ به ملي ٿو.
ترخان دؤر
عبدالله ورياهه لکي ٿو ته ”رتي ڪوٽ بابت صرف ترخان دؤر (1554ع-1591ع) ۾ ذڪر ملي ٿو. جڏهن سنڌ تي مرزا باقي (1556ع-1585ع) جي حڪومت هئي. سندس ڀاءُ جان بابا بغاوت ڪئي. ان وقت رتي ڪوٽ تي سوڍن جي هلندي هئي، جن کان مدد ورتي. جلد ئي جان بابا گرفتار ڪري قتل ڪيو ويو. هن کانپوءِ رتي ڪوٽ جو نالو ڪٿي به نظر نٿو اچي. ممڪن آهي ته مرزا باقي جي هٿان ئي هيءَ شهر برباد ٿيو هجي. (14)
درياهي وهڪرو
رتو ڪوٽ صدين کان وٺي درياهه ڪنڌيءَ تي آباد آهي. اڄ به نارا ڪئنال رتو ڪوٽ جي کنڊرن ڀرسان روان دوان آهي. هونءَ به سنڌو ماٿر جي تهذيب دريائي وهڪرن سبب ٻن حصن ۾ اُسريل نظر اچي ٿي. اوڀر وارو حصو، جنهن کي هاڪڙو سيراب ڪندو نظر اچي ٿو ۽ ماٿر جي اولهه واري حصي کي سنڌو آبياري ڪندو نظر اچي ٿو. (15) اها حقيقت آهي ته دنيا جي پراڻين تهذيبن ۽ شهرن جي اوسر هميشھ پاڻيءَ ۽ ندين جي ڪنارن تي ٿي آهي. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ سنڌو ندي ۽ مختلف دؤرن ۾ سندس شاخن تي به ڪيترن اهڃاڻن جا آثار ملن ٿا، پر اڃا تائين سنڌ جي اوڀرين پاسي مان وهندڙ ندين جي ڪنارن تي آباد اوائلي آثارن جي پوري کوجنا نه ٿي سگهي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به اهڙو اشارو ڏنو آهي ته ”رَورَ سسٽم وارين ايراضين جي سنڌو نديءَ جا پراڻا وهڪرا ۽ شاخون قديم آثارن جي ڳولا لاءِ ڪارگر آهن. ڇاڪاڻ ته گهڻو اڳ جيڪي بستيون هيون، سي پاڻيءَ سان ٻڌل هيون. سنڌو نديءَ جو جيڪو الهندي طرف وارو ڀاڱو آهي، تنهن جي ڪن قديم بستين جي اسان کي خبر آهي. مثلاً آمري هئي ۽ موهن جو دڙو هو، پر اڀرندو نارو جيڪا هڪ پراڻي ندي آهي، تنهن لڳ جيڪي آثار آهن، تن تي توجهه ڪا نه ٿي آهي. اڀرندو نارو جيڪو ڪنهن وقت هڪ وڏي ندي هئي، تنهن سان لاڳو جيڪي آثار آهن، تن کي اسان ڳولي ڏسون. (16)
ان ڳالهه تي ته ڪافي محقق متفق آهي ته سنڌ جي اوڀر واري حصي ۾ ڪنهن دور ۾ هاڪڙو درياهه به وهندو هو. ”هاڪڙو درياهه جي الڳ وجود لاءِ تاريخ ۾ ڪافي شهادتون ملن ٿيون. انهيءَ آڌار تي اهو بخوبي چئي سگهجي ٿو ته هاڪڙي درياهه جو سنڌوءَ جيان پنهنجو الڳ وجود هو. ليڪن تحقيقن جي ميدان ۾ ڪن مورخن هاڪڙو ۽ سنڌوءَ کي گڏي بيان ڪيو آهي ۽ سندن آڏو هاڪڙو خود سنڌ جو هڪ وهڪرو هو ۽ اڳتي هلي هڪ شاخ ٿيو ۽ آخر ۾ سندس وجود ٿر جي وارياسي علائقي ۾ گم ٿي ويو. (17)
هاڪڙي نديءَ جي مٿاهين اترين پاسي واري واديءَ جي آثارن تي کوجنا سان گڏ ان تي ڪافي ڪم ٿي چڪو آهي. البت ان وهڪري جي هيٺئين پاسي تي موجود آثارن جي ڪا به ڇنڊ ڇاڻ نه آهي. ڊاڪٽر محمد رفيق مغل ان هاڪڙي واري علائقي ۾ چار سؤ ست (407) اهم قديم ماڳن جو پتو لڳايو آهي، جن کي هن ٽن دؤرن ۾ تقسيم ڪيو آهي:
1. چار هزار سال قبل مسيح کان ٽي هزار سال قبل مسيح
2. ٽي هزار سال قبل مسيح کان اڍائي هزار سال قبل مسيح
3. ڏيڍ هزار سال قبل مسيح
مغل صاحب لکي ٿو ته ”هاڪڙي واديءَ جي سروي مرڪز واري سنڌ جي متعلق اسان کي ثقافتن جي عروج ۽ زوال جي باري ۾ اهم معلومات مهيا ڪري ٿي، جتان واديءَ سنڌ جي قديم تهذيب جي شروعات ۽ تمام سڌريل ۽ آخري هڙپائي دؤر جون شاهديون ملن ٿيون ۽ ان کانپوءِ جي ثقافتي لاڳاپن تي پڻ روشني پوي ٿي.“ ڊاڪٽر مغل جو چوڻ آهي ته ”انهيءَ معلومات اسان کي سنڌ جي واديءَ جي تحقيق لاءِ نوان نڪتا مهيا ڪيا آهن.“ ان جو خيال آهي ته اڃا تائين نارا ڪئنال جي رستي، جتان هاڪڙو درياهه وهي ڪري ڪڇ جي رڻ ۾ پوندو هو، ان جي اثري باقيات جو پتو لڳائڻو پوندو. انهي رستي کي سنڌ ۾ ريڻي، نارا يا هاڪڙو ڪوٺيو وڃي ٿو. سنڌ جي انهيءَ وسيع العريض علائقي تي اڃا تائين تحقيق ڪا نه ٿي آهي. (18)
چيو اهو وڃي ٿو ته قديم جاگرافيائي ورهاست مطابق درياءِ هاڪڙه سنڌ ۽ هنڌ جي وچ ۾ سرحد طور ڪم ايندو هو. هي درياهه سابق بهاولپور رياست جي ڏکڻ اوڀر ۾ بيڪانير رياست کي جيسلمير کان جدا ڪندو هو ۽ اتر جي سرحد ته واضح طور ظاهر نظر ايندي هئي. ان درياهه جو پراڻو نالو سرسوتي هو ۽ واديءَ سنڌ جي ستن دريائن مان هڪ هو. (19) هاڪڙي جي باري ۾ راءِ بهادر شنڪر اوجها ٽاڊ پنهنجي ڪتاب ۾ تشريح ڪئي آهي ته ”گهگهر نديءَ جي هڪ شاخ جو نالو ساڪرايا هاڪڙا هو، جيڪا پهريائين پنجاب کان هلي بيڪانير ۽ جوڌپور جي راڄن مان وهندي سنڌ ۾ وڃي سنڌو نديءَ ۾ پوندي هئي، رام سنگهه راٺوڙ ”ڪڇ اتهاس“ ۾ ذڪر ڪري ٿو ته پراڻي زماني ۾ ڪڇ جو رڻ کنڀات جي نار سان ڳنڍيل هو. سنڌوءَ جي شاخ هاڪڙو اتر ۾ پنج ند وٽان نڪري بهاولپور، اڀرندي سنڌ (ٿر) ۾ امرڪوٽ وٽان لنگهي ننگرپارڪر وٽ ڪڇ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. رياست بهاولپور، جيسلمير ۽ ٿر ۾ سندس ڦٽل نشان بيٺل آهن.(20) هيگ، لئمبرڪ ۽ ڊاڪٽر هربرٽ ولهيلمي 1500ع کان 1750ع تائين هيٺ سنڌ جي نقشي ۾ عمرڪوٽ جي ڀرسان سڪل هاڪڙي جي نشانن سان گڏوگڏ اوڀر ۽ اولهه پراڻ جو رستو ڏيکاريو آهي. (21) ڪن محققن جو وري رتو ڪوٽ ڀرسان وهندڙ وهڪري جي باري ۾ خيال آهي ته ”رتو ڪوٽ به سنڌوءَ مان نڪرندڙ درياهه اڀرندو نارو تي هو. هيءُ هڪ تمام پراڻو پاڻيءَ جو وهڪرو آهي. جدا جدا ماهرن ان وهڪري جي لاءِ هڪ ٻئي جي ابتڙ نظريا قائم ڪيا آهن. ڪجهه ڄاڻن جو خيال آهي ته اهو وهڪرو ستلج نديءَ جو پراڻو پيٽ آهي، جنهن کي ڪجهه صديون اڳ ستلج ڇڏي وٺي آيو. ڪن جي راءِ موجب اها هڪ پراڻي ندي آهي، جيڪا ستلج جي اڀرندي طرف کان هماليه جبلن مان نڪري، سنڌ مان وهندي هئي ۽ عمرڪوٽ کي لتاڙي ڪڇ جي نار ۾ وڃي پوندي هئي. ان وقت هن کي گهاگهڙ سڏيندا ها، پر گهڻي وقت کانپوءِ گهٽجي ناري واهه جي صورت اختيار ڪري وئي آهي. (22)
جيمس مئڪمرڊو 1834ع ۾ ان پراڻي وهڪري لاءِ لکي ٿو ته ”اهو سنڌو نديءَ جو پراڻو پيٽ آهي، جيڪو بکر کان چاليهه ميل مٿي، سيد گنج بخش جي ڳوٺ وٽ جدا ٿي، الور جي اوڀر کان ڏکڻ طرف تي وهندو هو ۽ هن مان هڪ شاخ الهندي طرف نڪرندي هئي، جنهن کي ”لوهاڻو درياهه“ سڏيندا هئا. اهو وهڪرو ڀنڀور لتاڙي ديبل وٽ سمنڊ ۾ پوندو هو. (23) جيمس مئڪمرڊو جي ان راءِ کان ڏهاڪو سال کن پوءِ ڪئپٽن بيڪر لکي ٿو ته اهو سنڌو نديءَ جو پراڻو پيٽ آهي، پر هن کي پاڻي پنجاب جي ٻن ڍورن کان ملندو هو جن مان هڪڙو سنڌو نديءَ جي آمهون سامهون هو ۽ ٻيو ستلج نديءَ جي سامهون روپار کان بهاولپور جي نزديڪ هو. پويون ڍورو سبزل ڪوٽ وٽان وهي روهڙيءَ جي اوڀر ۾ يارهن ميلن جي مفاصلي تي ناري جي منهن سان اچي ملندو هو. (24)
ڪن پاڻيءَ جي ماهرن جو نظريو آهي ته سڪندر اعظم جي وقت سنڌ مان 2 درياهه وهندا هئا. جن مان اوڀر واري درياهه کي هاڪڙو يا وهندا سڏيندا هئا ۽ اهو ئي ان وهڪري جو پيٽ آهي. (25) لئمبرڪ سڀني کان آخر ۾ تحقيق سان ثابت ڪيو آهي ته هاڪڙو ۽ نارو انهي هڪڙي ئي وهڪري جا نالا آهن. اهو وهڪرو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. سندس پهرئين حصي کي هاڪڙو ۽ وچ واري حصي کي نارو سڏيندا هئا. حقيقت ۾ ڪجهه ننڍڙا درياهه گهاگهڙ، مرڪنڊا، سرسوتي ۽ چٽانگ پاڻ ۾ ملي هڪڙو وهڪرو ٺاهيندا هئا. انهيءَ وهڪري جو وجود بهاولپور ۽ بيڪانير رياست ۾ به ملي ٿو. ان کي ماڪڙو سڏيندا هئا. ونجروٽ وٽان اهو وهڪرو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو هو. هڪڙو حصو اڳ ۾ ڏکڻ طرف پوءِ اولهه طرف وهي وڃي وهندا سان ملندو هو. ان کي ريڻي سڏيندا هئا. ٻنهي حصن وهندا ۽ ريڻي جي ميلاپ کانپوءِ هيٺ گڏيل حصي کي نارو سڏيندا هئا، جيڪو ٻه ميل کن ويڪرو هوندو هو. اهو نارو واريءَ جي دڙن سان سٺ ميل سفر ڪندو ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر تي وهندو هو. آخرڪار ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولهه طرف تي هلي وڃي ڪڇ جي رڻ ۾ پوندو هو. هن آخري ٽڪريءَ کي وري به هاڪڙو سڏيندا هئا. (26)
ليفٽيننٽ فائيف 1859ع ۾ روهڙي ءَ کان ٿورو مٿي درياهه مان وڍ ڏئي پراڻي ناري جي پيٽ ۾ پاڻي آندو هو ۽ سکر بئراج ٺهڻ وقت ناري جو نئون منهن بئراج مان ڪڍيو ويو. بهرحال هاڻي ڏسئون ته رتو ڪوٽ جي ڦٽوڙن ڀرسان پنهنجي پوري زندگي گذاريندڙ محمد صالح هنڱورجي، اتان وهندڙ دريائي وهڪري بابت ڇا خيال آهي ”اڳئين زماني ۾ رتو ڪوٽ ڀرسان وهندڙ درياهه کي هاڪڙو دريا يا نارو واهه جي نالن سان سڏيو وڃي ٿو، جنهن کي ڍورو يا ڍورو نارو ڪري به لکن ٿا. هن کي الڳ الڳ وقتن ۾ جدا جدا نالن سان ڳايو ويو آهي. (27)
هو ان جي اڳتي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته ”هن وقت جنهن کي نارو واهه چئون ٿا، تنهن جا قديم زماني کان الڳ الڳ وقتن ۾ جدا جدا نالا هئا. هاڪڙو، نارو واهه، مهراڻ نديءَ جي اڀرندي شاخ جيڪا وهي وڃي ريگستان لڳ وارو حصو آباد ڪندي هئي، تنهن تي مهراڻو نالو پيو. ان کانسواءِ پنجاب مان نڪري بهاولپور رياست مان اروڙ وٽان سکر مان ئي ريگستان جي لڳ واري زمين آباد ڪندو ڪڇ تان وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، تنهن کي هاڪڙو درياهه ڪري چوندا هئا. مهراڻ ندي جيڪا اڳ ۾ نصرپور کان وهندي هئي. تنهن جو پنهنجو وهڪرو ڦيرائي بکر سکر طرف ڪيو، جتان اڃا تائين وهي ٿي. تنهن ڪري مهراڻ وارو اڳيون ملڪ سڪي ۽ غير آباد ٿي ويو. اهڙيءَ طرح اروڙ وارو حصو جتان پنجاب ۽ بهاولپور وارو هاڪڙو وهندو هو، اهو به ساڳيءَ حالت ۾ بند ٿي ويو يا درياهه اروڙ وٽان هنڌ ڦيرائي ويو. ان ڪري هاڪڙي درياهه جي آباديءَ وارو حصو غير آباد رهيو. جنهن زماني ۾ هاڪڙي جو اوج هيو، ان وقت ۾ ڪڇ جو شهر لکپت هڪ وڏو بندر هو. آمد رفت جو وسيلو درياهه ۾ ٻيڙين ۽ آگبوٽن تي هو. هاڪڙي جي زماني ۾ ”پاري ننگر“ ”ويرا واه“ ”اسلام ڪوٽ، ”ڏوئتڙ“، ”علي بندر“ هئا. جيڪي سنڌ جي ڏاکڻي حصي ۽ ڪڇ ملڪ تائين هئا، جن جا نشان اڃا تائين قائم آهن. رتوڪوٽ قلعو اصل هاڪڙي درياهه جي ڪپ تي آهي. سو به ان وقت جو هڪ عاليشان ۽ آباد شهر هو. (28)
هاڪڙي درياءَ جي تاريخ بابت مشرق ميگزين جو حوالو آهي ته ”جيڪڏهن اوهان پاڪستان جي نقشي تي نظر رکندا ته اوهان کي قلعا، بيڪانير (هندوستان) کان شروع ٿي. بهاولپور ۾ فورٽ عباس، فورٽ مروٽ، موج ڳڙهه، ڍيرور کان اسلام ڪوٽ تائين ملندا. هي سڀ قلعا هاڪڙو درياهه تي قائم هئا. هاڻي اهو درياهه سڪي ويو آهي. هيءُ علائقو سڪندر اعظم ۽ محمود غزنويءَ جي فوجن جو رستا هئا. تواريخ ۾ اڃا تائين اهي کنڊرن جي صورت ۾ موجود آهن. (29)
درياهه تي بند
سنڌ ۽ ڪڇ جي ان علائقي جنهن کي هاڪڙو آباد ڪندو هو، ان جي ويران ٿيڻ جو هڪڙو سبب سنڌ ۾ هاڪڙي نديءَ تي بند ٻڌائڻ به چيو وڃي ٿو. جنهن جي باري ۾ ايڇ ٽي لئمبرڪ لکي ٿو ”غلام شاهه ڪلهوڙو سنه 1757ع اکن 1771ع تائين سنڌ جو حاڪم رهيو. ڪڇ جي راجا سان جنگيون ڪيون. آخري جنگ ۾ غلام شاهه ڪڇ کان نا اميد ٿي، ملڪ کي غير آباد ڪرڻ جو پروگرام ڪيو. ڪڇ جو ملڪ اڳ ۾ تمام آباد ۽ سرسبز هو. ساريال فصل تمام گهڻو ٿيندو هو. گاديءَ جو هنڌ لکپت شهر هو، جيڪو تمام وڏو واپاري مرڪز ۽ بندر به هو. (30)
ان درياءَ کي غلام شاهه ڪلهوڙي، اروڙ لڳ بند ڏياريو. غلام شاهه جي حڪومت ملتان تائين هئي. ”اروڙ بند جي ڊيگهه ٻه ميل ۽ ويڪر سٺ گز ڏيکاريل آهي. ڪڇ جو ملڪ ڦري رڻ ڪڇ ٿيو. رڻ جو ڪڇ جيڪو هن وقت تائين غير آباد آهي، سو غلام شاهه ڪلهوڙي جي يادگيري آهي. (31) سنڌ ۾ هاڪڙي تي اروڙ بند بابت ماموئن جي پيشن گوئي بابت محمد صالح لکي ٿو ”بادشاهه ڄام تماچي سمون جي وقت ۾ ساموين جي شهر جا پنج فقير جن کي ڄام تماچي مارڻ جو حڪم ڪيو، تڏهن وٺي اڏاڻا آمريءَ جي لڳ دفن ٿيا. بزرگن مان هر هڪ پيشن گوئي چوندو ويو. پهرئين فقير چيو ته:

”هاڪ وهندو هاڪڙو ڀڄندي ٻنڌ اروڙ
بهه مڇي، لوڙهه- سمين ويندا سوکڙي (32)

هو اڳتي ٻڌائي ٿو ته ”هي بيت جي صورت ۾ پيشنگوئي هاڪڙو ٻنڌ بابت آهي. جيڪو غلام شاهه ڪلهوڙي ڏياريو هو. هاڪڙو درياهه جي نالن تبديل ٿيڻ ۽ مٿس نارو واهه نالو پوڻ لاءِ رمضان ماڇي 27-1826ع ڌاري هي شعر چيو هو :

”ڀڳي ٻند اروڙ، ٿيو نارو نروار“

رمضان ماڇيءَ جي شعر جو زمانو انگريز دور کان اڳيون آهي، جنهن نارو واهه نالو قائم رکيو. انگريز دور ۾ سنڌ جي سڌارن لاءِ سال 88-1887ع ۾ نارو واهه جي اٿل سبب بند ڏيارڻ شروع ڪيو. جيڪو پڪ سري کان نئون ڪوٽ تائين قيدين هٿان ڏياريو ويو هو. اهو بند ”بچاءَ بند“ جي نالي سان اڃا قائم آهي. (33)

پتڻ
رتوڪوٽ جڳن کان درياهي وهڪري تي هئڻ ڪري صدين کان وٺي اڄ تائين رتوڪوٽ پتڻ تي ٻيڙين جي اچ وڃ جاري آهي. اوائلي زماني کان وٺي هي رستو خشڪي توڙي آبي گذر گاهه رهيو آهي. هاڻي به لوڻ کاڻ وٽ لوڻ ڪافي مقدار ۾ ملي ٿو، جتان کان پراڻي ۾ لوڻ ٻيڙين ۽ لانچن ذريعي ڪراچي ۽ ملڪ جي ٻين شهرن ڏي موڪليو ويندو هو. انگريزن طرفان سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ لوڻ کاتي جو جدا محڪمو هوندو هو (34). جيئن ته رتوڪوٽ ڀرسان ٻي ڪا مشهور خشڪ گذر گاهه نه هئي، ان ڪري قافلا اڪثر درياهه جو ڪنارو يا خشڪ ٿيل پيٽ ڏئي لنگهندا هئا. اهڙا خشڪي وارا قافلا به گهڻو ڪري ان پر رونق پتڻ تي اچي آسيس حاصل ڪندا هئا. ان ڪري رتوڪوٽ پتڻ هڪ وڏو واپاري مرڪز پڻ هو. ان پتڻ جا وڏا بڙ ۽ پپل جا وڻ ڪنهن زماني ۾ مسافرن لاءِ ڇانورو ڪيون بيٺا هوندا هئا. رتوڪوٽ پتڻ کانسواءِ هن درياهي گذر گاهه تي جنهن کي بعد ۾ نارو واهه ڪري سڏيو ويو. ان تي هي مشهور پتڻ رهيا آهن. ڍليار پتڻ، هٿونگو پتڻ، محمد عالم پتڻ، ڀٽ ڀائٽي پتڻ، ڍنگ پتڻ، ماري پتڻ، غلام نبي پتڻ انهن ۾ ڍليار پتڻ وڏي ۾ وڏو پتڻ هو. پراڻي زماني ۾ ڍوري ناري تي روشنيءَ جو منارو لڳل هوندو هو. چيو وڃي ٿو ته اهڙا منارا جهازن کي دڳ ڏيکارڻ واسطي هئا.
مندر ۽ مَڙُهي
ان صديون پراڻي ڪوٽ جي اولهه طرف هڪ اوائلي مندر آهي، جنهن کي ڀارت ۾ بابري مسجد جي واقعي جي رد عمل ۾ ساڙڻ کانپوءِ نئين سر جوڙيو ويو هو. ان مندر ۽ مڙهيءَ وٽ هر سال شوَ جو ميلو مچندو آهي. جيئن ته رتوڪوٽ ۾ مختلف دورن ۾ جدا جدا قومن ۽ قبيلن جي آماجگاهه رهيو آهي. ان کانسواءِ هت خشڪي رستن توڙي درياهي وهڪرن ڪري وڏي بندر ۽ بازارين جو ذڪر ملي ٿو. جتي ڏينهن رات سيلانين ۽ واپارين جي ريل پيل هوندي هئي، جن جي پوڄا پاٺ ۽ وسرام لاءِ هت شو جي شاهي مندر جا اهڃاڻ به ملن ٿا. شو جو اهو شاهي مندر زماني جي گردش ۽ رتوڪوٽ جي ويران ٿيڻ سان پنهنجو اصلوڪو اوج وڃائي ويٺو آهي. ”سنڌ ۾ جيئن ته شو جي پوڄا آرين جي آمد کان به اڳ ٿيندي هئي. رگ ويد جي زماني ۾ به ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اهو سلسلو جاري هيو. رگ ويد ۾ شو جو ذڪر ردر (Rudra) جي نالي سان موجود آهي.“ (35)
شو رنگ رليون ملهائڻ جو به شوقين آهي. گهڻو شراب پيئندو آهي. ڀاڳوت پراڻ مطابق هو ڀنگ پيئندو آهي. پنهنجي زال ديوي (پارپتي) سان گڏ تمام گهڻو نچندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ نشي ۾ مست ننڍڙا شيطان ان جي چوگرد نچندا رهندا آهن. (36) شو لاءِ اهو به مشهور آهي ته هن اشورت سان وڙهي انهن جا ٽي مضبوط قلعا فتح ڪيا هئا. ابن حنيف لکي ٿو ته ”شو پرست پنهنجي هن ديوتا کي سڀ ديوتائن کان عظيم تر مڃيندا آهن. مها ڀارت ۾ ڪيترين جڳهين تي شو کي سڀ کان وڏو ديوتا چيو ويو آهي. ان مان ظاهر آهي ته شو کي سڀني ديوتائن ۾ فوقيت ڏيڻ کپندي هئي. ڪجهه اساطيري ڪهاڻين ۾ شو سڀني ديوتائن جي گڏيل قوت کان به وڌيڪ طاقتور ۽ برتر آهي ۽ پنهنجي اها زبردست قوت هن ديوتائن مان به حاصل ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ روايت مطابق اشورون، برهما ديوتا کان تحفي ۽ بخشش طور ٽي مضبوط ۽ مستحڪم قلعا حاصل ڪيا. اشورون جي قبضي ۾ آيل انهن قلعن کي ديوتا ئي فتح ڪري سگهي ٿو. اهو به ان صورت ۾ جڏهن ديوتا صرف هڪ تير هلائي اشورون کي ختم ڪري. انهن قلعن ۾ ويهي اشورون ديوتا جي خلاف جنگ شروع ڪئي. انهن ديوتائن ۾ ڪو به هڪ ديوتا اهڙو نه هو جيڪو هڪ تير هلائي اشورون کي ختم ڪري سگهي. ديوتائن جي حڪمران اِندر ديوتا کان مشورو ورتو ته ڇا ڪرڻ کپي. شوَ جواب ۾ چيو ته هو ديوتا کي پنهنجي اڌ طاقت ڏئي ڇڏيندو. اهڙيءَ طرح هو دشمن تي فتح حاصل ڪري وٺندا، پر شو ديوتا جي اڌ طاقت حاصل ڪرڻ بعد به ديوتائن کي ڪاميابي نصيب نه ٿي. انهن پنهنجي اڌ طاقت شو کي ڏني. شو ديوتا اڌ طاقت حاصل ڪرڻ بعد اشورون کي تباهه ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي. پر هن ديوتائن کي طاقت واپس نه ڪئي ۽ ان بعد هو سڀني ديوتائن کان عظيم تر ٿي ويو. (37)
رت ڪوٽ جي ڀرسان شو مندر جي احاطي اندر هڪ مڙهي به آهي. ان لاءِ محمد صالح هنگورجو لکي ٿو ته ”ٻائو سنڀوناٿ ۽ سندس مڙهي، رتو ڪوٽ کان الهندي طرف واريءَ جي دڙي تي ناري واهه جي ڪپ سان آهي. مڙهيءَ کانسواءِ ٻي ڪا به هندن. سوڍن يا ٺڪرن جي رهائش گاهه نه آهي. هن وقت ٺڪر قوم مان مجاور رهي ٿو ۽ هر سال شو جو ميلو لڳندو آهي. هندو قومن جا سونارا، مالهي، کٽي، ٺڪر، ڪولهي، مينگهواڙ ۽ ٻيا اڇوت قوم جا پوڄاري پوڄا ڪرڻ ايندا آهن. محمد صالح وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته ٻائو سنڀوناٿ مون پان پنهنجي اکين سان ننڍيءَ عمر ۾ ڏٺو هو. جيڪو هن وقت مڙهيءَ ۾ دفن ٿيل آهي. هو تمام ٿلهو ۽ ڊگهو ۽ وڏيءَ عمر وارو هو. اسان جي ڳوٺ ۾ هندو واڍن جا گهر هئا. واڍن جي وڏي جو نالو ”ڀومون“ هو، جنهن کي سوٽاڙ ڪري چوندا هئا. ٺڪرن ۽ واڍن ۾ آمل (آفيم) جي نشي جو رواج هوندو هو. ٻائو سنڀوناٿ ڳوٺ ۾ واڍن جي دڪان تي ايندو هو. آمل جو نشو ڪندو هو. (38)
ڏند ڪٿائون
دنيا جي هر ڦٽوڙي جيان رتوڪوٽ جي ويران کنڊرن لاءِ به سادن سٻاجهڙن دهقانن وٽ ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون مشهور آهن. ڪي ماڻهو هن کي دلوراءِ جو دڙو ڪوٺن، ڪن بزرگن جي واتان اهو ٻڌڻ ۾ آيو ته هت هڪ ظالم بادشاهه راڄ ڪندو هو. هن جي قهري دور ۾ ماڻهو جيئرا ڪڪڙ کنڀي کائيندا هئا. مطلب ته هو حرام کائيندا هئا. تڪبير وغيره نه ڏيندا هئا. اتي هڪ جهور پوڙهي رتوڪوٽ جي بربادي جو پنهنجي مارواڙي زبان ۾ قصو ٻڌايو ته ”رتو ڪوٽ جي بادشاهه جي ٻن ملازمن غداري ڪري، بارود کڻي ڪوٽ کي باهه ڏئي ساڙيو هو. هن تفصيل سان ذڪر ڪيو ته جڏهن انهن غدار ملازمن جي پهري جو وقت آيو ته پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪري رات جي وقت ڪوٽ اندر اگهور ننڊ ۾ ستل سڀني ماڻهن کي ساڙي ڪباب ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ ڪمل داس هتان جو حاڪم ٿيو. جنهن بعد ٺڪر تخت تي ويٺا. اتي اڄ به هڪ ڪهاوت مشهور آهي:”منگل ناماريو. کٽيو ڪملداس“ (39)
رتوڪوٽ جي آثارن اندر ميون پلو جو چلو ۽ مچ
رتوڪوٽ جي ڦٽوڙن جي چوٽي ۽ بلڪل وچ تي چلو ۽ مچ آهي. چلو جهوني ڄار جي وڻ جي وچ ۾ آهي ۽ مچ ٿوري مفاصلي تي مٿاهين هنڌ آهي. اڃا تائين مچ ۽ چلي واريءَ جاءِ تي عام عقيدت مند اچي باسون باسي، خيرات ڪري. مچ ٻارين ٿا. ميون ڀلو هڪ اعليٰ درجي جو ابدال فقير هو. ڪامل بزرگ ۽ ڪرامت جو صاحب هو. ماڻهن واتان جيڪي ڪرامتون ۽ معجزا ٻڌا آهن، تن مان ڄاڻ پوي ٿي ته وڏي درجي جو ابدال هو. مچ ۽ چلا، سنڌ ۽ هندستان (جيسلمير رياست) تائين آهن. سندس رحلت بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي ته ڪٿي سندس آخري آرامگاهه آهي. سندس خاندان بابت ٻڌو ويو آهي ته سندس شجرو مخدوم هالن واري بزرگن سان هو (40) واضح رهي ته ميون ڀلو جي چلي ۽ مچ جو ڪوٽ سان ڪو واسطو نه آهي. اهو مچ ۽ چلو ظاهر آهي ته رتوڪوٽ جي تباهيءَ بعد سالن کانپوءِ. ان جي کنڊرن مٿان چوٽيءَ تي ٺاهيو ويو آهي. جتي هن وقت باسون باسيون وڃن ٿيون.
موجوده حالت
محمد صالح هنگورجو جنهن ڪوٽ جا آثار سئو سال اڳ ڏٺا هئا، لکي ٿو ته ”رتوڪوٽ، کنڊرات جي اوچائي ۽ عمق 50-40 فوٽن کان گهٽ آهي. اوڀر طرف کان زمين جي آبادي ۽ اولهه کان واريءَ جي دڙي سميت ناري واهه تائين ميل کن ٿيندي. اتر طرف کان واريءَ جي دڙي سميت جنهن تي جهنگ جي صورت ۾ کٻڙن، ڄارين ۽ ڪَنڊين جا وڻ آهن. کنڊرات قلعي جي ايراضي ڪافي آهي. (41)
موجوده وقت به رتوڪوٽ جا کنڊر لهندڙ سج جي لالاڻ ۾ رتائجي، ڪوهن کان ئي ماڻهن جو توجهه ڇڪائن ٿا. هي ڏور کان ئي اهرام مصر جيان ڳاڙهسرو ڏيک ڏين ٿا. ماڻهو جيئن ئي کنڊرن جي ويجهو ايندووڃي ٿو ته کنڊرن جي چوڦير ۽ پنهنجي پيرن ۾ وڇايل واري ڏسي، بخوبي اندازو ڪري ٿو ته صدين کان وٺي درياهي لهرون ڀيٽا طور واريءَ جا ٻُڪ ڀري ڪوٽ جي پيرن ۾ وڇائينديون رهيون آهن. ان مان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هر دور ۾ رتوڪوٽ پاڻي ۾ گهيريل هئڻ ڪري، ڪوٽ اڏيندڙ ان جڳهه کي ايڏي بلنديءَ تي جوڙيو آهي جيئن درياهه جي ڪيڏي به موج مستي ڪوٽ جو وار به ونگو نه ڪري سگهي، نه ئي ڪوٽ واسين کي ڪنهن پريشاني سان منهن ڏيڻو پئي. ڪوٽ کي بلنديءَ تي اڏڻ جو ڪارڻ اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪوٽ جا محافظ جڏهن فصيل ۽ برجن تي چڙهي پهرو ڏين ته سندن نگاهن جا تير ڏور تائين مار ڪري سگهن.
راقم واپڊا جي ماهر انجنيئرن جي ٽيم سان ان ماڳ جو ڪيترا دفعا معائنو ڪيو ۽ Total Station جي مدد سان ان علائقي جا Contour سان گڏ دڙي جي ساخت ڊيگهه ويڪر ۽ قطر وغيره ماپيا. صديون گذرڻ بعد به هن وقت ڪوٽ جي آسپاس جي زميني سطح کان بلند ترين چوٽي 36 فٽ مٿي آهي ۽ کنڊرن جو قطر 650 فٽ آهي. حالانڪه صدين کان برساتون ۽ هوائون، ڪوٽ جو وڏو حصو پاڻ سان وهائي ۽ اڏائي ويون آهن. ڪوٽ مٿان بيهجي ٿو ته برساتي وهڪرن ساري کنڊرن ۾ گهارا وجهي ڇڏيا آهن. برساتي گهارا مٿان چوٽيءَ کان شروع نٿا ٿين، پر کنڊرن جي اڌ کڙن کان پنهنجو سفر شروع ڪن ٿا. اهي برساتي نالا اتي وڌيڪ نمايان آهن. جتي ڪوٽ اندر اچڻ ۽ وڃڻ جا لنگهه ۽ دروازا آهن. اهڙيءَ طرح ڪوٽ اندر اڏاوتن جو وڏو حصو برساتي پاڻيءَ ۾ وڃي آسپاس ڦهلجي ويو آهي، جنهن ڪري ڏينهون ڏينهن ان جي بلندي ۽ قد بت ۾ ڪمي ايندي وڃي ٿي. بهرحال ايڏي گاٺ پيٽ باوجود به ڪوٽ اندر پڪين سرن جي اڏاوتن جا آثار نمايان نظر اچن ٿا. حالانڪه ڪوٽ مان سرن جو وڏو تعداد مڪاني ماڻهن ڪڍي وڃي پنهنجا گهر جوڙيا آهن.
بناوت
رتوڪوٽ جي ساخت ۽ بناوت معلوم ڪرڻ لاءِ جڏهن کنڊرن جي قلعي تي چڙهي چوڦير نظر ڦيرائجي ٿي ته محسوس ٿئي ٿو ته ڪوٽ چوڪنڊو جوڙيو ويو آهي. ڇو ته نگاهه هر ڪنهن ٻانهه جي ڇيڙي جي ڪنڊ وٽ وڃي دنگ ڪري ٿي. جيڪڏهن ٿوري به کوٽائي ڪبي ته اسان کي ڀت جون اڏاوتون چوڪور ٺاهيندي ملنديون. البت وقت جي وهڪري برساتن ۽ طوفانن هن هم چورس ڪوٽ کي ڀڃي ڀوري گولائي مائل دڙي جو روپ ڏئي ڇڏيو آهي. تنهن هوندي به کنڊرن اندر دفن ٿيل پختين ديوارن وارو ڪوٽ، ڪٿان ڪٿان جهاتي پائي پنهنجي اصلي بناوت جو اظهار ڪري ٿو. ان کانسواءِ هن چوڦير ميلن تائين واريءَ ۽ دز جي گهڻائي سبب ڪوٽ جي برجن جي ساخت ۽ تعداد جو اندازو ڪرڻ به تمام مشڪل مرحلو آهي. جيڪڏهن ٿوري به جدوجهد ۽ هلڪي کوٽائي ڪبي ته زمين اندر غوطو کاڌل برجستو ڪوٽ شاهوڙ ڀتين سميت ڪُرُ ڀڄي نروار ٿيندو. البت ڪيترا دفعا ڪوٽ جا ڀيرا ڀرڻ ۽ ڪيترن ڏينهن جي جاکوڙ بعد ۽ مڪاني لوڪن جي مدد سان، ڪٿان ڪٿان ظاهر ٿيندڙ ڀڳل ڀريل ڀت جو پيرو کڻي، ڪجهه نه ڪجهه ڪوٽ کي روپ ڏئي سگهيو آهيان.
ديوارون- برج- دروازا
انهي مٽيءَ ۾ پوريل پر ڪنهن هنڌ تان ليئو پائيندڙ ديوارن کي ماپڻ ۾ ڏينهن لڳي ويا. بهرحال وڏي احتياط سان ڪوٽ جو هلڪو خاڪو ۽ اڻ پورو نقشو جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيس. ان چوڪور ڪوٽ جي هر ٻانهي اندازن ڇهه سئو فٽ سفر ڪرڻ بعد پنهنجيءَ منزل تي پهچي ٿي. انهن ديوارن جي وچ تي خاص ڪري اتر، اوڀر ۽ ڏکڻ ديوارن مان ڪوٽ اندر اچڻ جا لنگهه محسوس ٿين ٿا. البت اولهه پاسي تي ڪو به اهڙو اندر داخل ٿيڻ جو رستو واضح نه آهي. ان ڇهه سئو فٽ ڊگهي ديوار جي سراسري ٿولهه بنيادن وٽ ٻارهن فٽ بيهي ٿي.
ڪوٽ جي اوڀر اتر ڪنڊ وٽ اڄ به ڦهليل ڳاڙهسري واريءَ ۾ انساني پير پنهنجا نقش ڇڏن ٿا. ڪوٽ جو اهو حصو باقي ڪوٽ کان وڌيڪ سرخاڻ مائل آهي، جنهن مان چئي سگهجي ٿو ته ڪوٽ جي ان حصي وٽ ڪو پاڻيءَ جو دائمي وهڪرو هو يا ان پاسي تي ڪنهن آبي ذخيري جون ٿڌيون ٿانوريون ڇوليون ڪوٽ جي وجود کي پسائينديون رهيون آهن. ڪوٽ جي اوڀر دروازي ڀرسان سڙيل سرن جو هڪ وڏو تعداد ملي ٿو، جنهن مان اهو انومان به ڪڍي سگهجي ٿو ته ڪوٽ جي ان حصي کي ڪنهن دور ۾ باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي. اهڙي طرح ڪوٽ جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي ڪنڀرن جي آوين جا نشان اڄ به واضح بيٺا آهن.
ان ڪوٽ جي ديوارن جي معائني دوران ڪافي ڪوشش بعد ڪوٽ جي پنهنجن برجن جا اهڃاڻ ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. ٿي سگهي ٿو ته برجن جو انگ اڃا به وڌيڪ هجي، رتوڪوٽ کي عام ڪوٽن جيان چار برج ڪنڊن تي حفاظت ڪندي ملن ٿا. باقي هڪ وڏو برج ڪوٽ جي اتر طرف مکيه دروازي جي اوڀر طرف پنهنجو چچريل وجود برقرار رکڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي. اهڙيءَ طرح ڪوٽ جا ٻيا برج خاص ڪري مکيه دروازي وارا سرزمين تان غائب آهن.
موجوده ڦٽوڙن جو بغور معائنو ڪجي ٿو ته برساتي وهڪرا ڪوٽ جي آثارن کي زخمي ڪرڻ بعد وڏي تيزيءَ سان ڊوڙي ٻاهر نڪري وڃن ٿا. انهن مان وڏي وهڪري جا پيرا کڻڻ سان ڪوٽ جي اتر پاسي وچ تي باقاعده مکيه دروازي جو ڦاٽ، وهڪري کي ٻاهر فرار ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. ساڳيءَ طرح ڪوٽ جي اوڀر ۽ ڏکڻ پاسي تي وچ تي به ڪوٽ اندر داخل ٿيڻ جا لنگهه نظر اچن ٿا. البت انهن جا حفاظتي برج پنهنجو وجود وڃائي ويٺا آهن. ائين به ٿي سگهي ٿو ته انهن هنڌن تان مڪاني ماڻهن سرون ڪڍي ڪتب آنديون هجن يا برساتي نالن ڪوٽ جي ان حصي کي ٽوڙڻ ۾ حصو ورتو هجي. ظاهر آهي ته ڪوٽ درياهه جي ڪنڌيءَ هئڻ ڪري کيس ڪڏهن به پاڻي اڻاٺ سان منهن نه ڏيڻو پيو هوندو. تنهن هوندي به حملي آورن جي خوف کان يا سوڪهڙي سان منهن مقابل ٿيڻ لاءِ ڪوٽ اندر سڪل ٺوٺ کوهه جا اهڃاڻ پاڻ پاڻي لاءِ پياسا ملن ٿا.
سر
رتوڪوٽ مان ٽن قسمن ۽ ماپن جون سرون ملن ٿيون ۽ هڪ وڏيون پڪيون سرون، ٻيون ننڍيون پڪيون سرون، ٽيون ڪچيون سرون.
وڏي ماپ جي پڪي سر
وڏي ماپ جي پڪل سر ”11/x10x3“ انچ آهي. ان سر جو وزن 9890 گرام آهي. هيءَ سر بناوت جي لحاظ کان تمام سٺي آهي. هن جون ڪنڊون ڪافي بهتر ۽ پاڻ ۾ گونيا ٺاهن ٿيون. سر جي سطح به ڪافي لسي ۽ هموار آهي. جنهن مان لڳي ٿو ته اهي سرون آلي هئڻ مهل انهن جي مٿاڇري تي مالي سان هموار ڪيو ويو آهي. صديون گذرڻ بعد به سر جي سڌائي، سنوت ۽ ڪنڊون ٽوڙ ڦوڙ جي عمل کان بچيل آهن. سرن جا پاسا به لسا، سدا ۽ خوبصورت ڏيک ڏيندڙ آهن. ان وڏي سائيز جي سر ۾ استعمال ڪيل مٽي سٺي ڪوالٽي جي هئڻ ڪري ان تي برسات، سم، ڪلر يا موسم جو اثر نه هئڻ برابر آهي. البت ان جي مٿاڇري تي گاٺ جو اثر آهي، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهي وڏيون سرون اهڙن هنڌن تي ڪتب آنديون ويون آهن، جتي انساني آمد و رفت گهڻي هئي، جيئن فرش ۽ ڪوٽ اندر اچڻ وڃڻ جا رستا، جيئن ته دڙي ۾ وڏن سرن جو تعداد بنسبت ننڍين سرن جي گهڻو آهي. ان ڪري اهو به امڪان آهي ته ڪوٽ جي مکيه حصن ۾ وڏيءَ سر کي ڪتب آندو ويو آهي. سر جي ايڏي ڊيگهه ويڪر ڏسي ڪوٽ جي مضبوطيءَ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن هڪ قطار ۾ خاص ڪري ڪوٽ جي ديوار جي ويڪر ۾ پنج سرون رکجن ته ديوار جي ويڪر پنج فٽ ٺلهي وڃي بيهي ٿي. موجوده وقت به سر جي پختگي جو اهو عالم آهي جو ان کي معمولي ڌڪ ۽ هٿوڙو به ٽوڙي نٿو سگهي. ان کي ٽوڙڻ لاءِ وڏاڻ يا برجستي ڌڪ جي ضرورت آهي. اهڙي طرح هڪ سر جو وزن ڏهه سرن جي برابر آهي. چار سرون جيڪڏهن گڏ رکجن ته هڪ مڻ جيترو وزن ٿي وڃي ٿو. ايڏي وزن کي گاري گچ سان اوساري ڪجي ته ان کي انساني طاقت ۽ ننڍڙو اوزار به ٽوڙي نه سگهندو. ان ڪري مڪاني ماڻهن رتي ڪوٽ جون اهي مضبوط سرون آڻي، اسڪول، جاين ۽ مسجد ۾ ڪم آنديون آهن.
ننڍي ماپ جي سر
رتي ڪوٽ مان اسان کي ننڍي سائيز جي سرن جو به وڏو انگ ملي ٿو. ننڍي سر جي ماپ ساڍا اٺ، ساڍا ڏهه انچ آهي ۽ ان جو وزن 3720 گرام آهي. ان سر جي شڪل ۽ بناوت ايتري جاذب نظر نه آهي. هن جو مٿاڇرو به ايترو هموار نه آهي. سارو مٿاڇرو هيٺ مٿي آهي. ان مان لڳي ٿو ته سر آلي هئڻ وقت مالي بجاءِ ان کي هٿ جي اشاري سان هموار ڪيو ويو آهي. ان ڪري ڪافي سرن تي انساني آڱرين جا نشان واضح آهن جيڪي مٿاڇري تي ليڪا ٺاهيون بيٺا آهن. اتان ننڍيون سرون ڪافي سڙيل حالت ۾ ملن ٿيون. جنهن مان بخوبي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهي سرون باهه جي رد عمل جي نتيجي ۾ ڪاراٺيل آهن. ٿي سگهي ٿو ته اها ڪنهن حملي آور جي ڪارستاني هجي. باهه جي اثر ڪري ننڍڙي سر جو انگ، ڍنگ ۽ رنگ ئي نرالو ٿي ويو آهي. سرون سڙڻ ڪري ڪُميءَ جيان ڪٻيون ٿي ويون آهن. ڪٿي ان جو مٿاڇرو اٺ جي پٺاڙن جيان ٿوها ٺاهي ٿو. سر جو اهو حصو وڌيڪ ڪارو آهي جنهن هنڌ تي کيس وڌيڪ سيڪ آيو آهي. البت سر جا اهي حصا جن تي باهه جي تيک اثر ڇڏيو آهي، ان جو رنگ آسپاس جي ملندڙ مٽيءَ سان آهي. ڪن سرن ۾ باهه جي عمل ڪري ڏار پئجي ويا آهن. لڳي ٿو ته اهي حصا ٽڙڪاٽ ڏئي ڦاٽا آهن. ڏار اڪثر ڪري سرن جي ويڪر ۾ آهن، جيڪي سرن جي چهري تي ڦٽ ڦوڙن جيان ڏيک ڏين ٿا. ننڍي سر جي ماپ ۾ به توازن نه آهي. سر چوڪور يا مستطيل هئڻ بجاءِ مخروط جوڙي ٿي، ان جون ڪنڊون ڪٿي نڪتل ته ڪٿي دٻيل آهن. ڪا به ڪنڊ گونيا نٿي ٺاهي. ان جا پاسا به غير هموار آهن. سر جي پاسن جا ڪنارا ٻاهر نڪتل ۽ وچ اندر طرف دٻيل آهي. ان ڪري انهن جي ماپ به هڪ جيتري نه آهي. سر کي جيڪڏهن ڪنهن هموار سطح/ زمين تي رکجي ٿو ته سر جا ڪافي حصا ۽ ڪنڊون کڄي بيهن ٿيون. جن مان سر جي غير همواري ۽ بدصورتي جو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. بهرحال ايترن خامين هوندي به سر جو وزن اندازً ساڍا چار سير بيهجي ٿو. ان مان سر ۾ ڪتب آندل مٽيءَ جي Densty جاچي سگهجي ٿي.
حاصل مطالب ته ننڍڙي سر ان هنڌ تي استعمال ڪئي وئي آهي جتي ڪوٽ جي خوبصورتي لازم نه هئي يا ننڍي سر ڪوٽ ۾ ان هنڌ ڪتب آندي وئي آهي. جيڪا جاءِ انساني اک کان پوشيده هئي. ان ڪري سر جي خوبصورتي ڏي ڌيان نه ڏنو ويو آهي.
ڪچي سر
مڪاني ماڻهن کي ڪوٽ مان ڪچيون سرون به ملن ٿيون. انهن ڪچين سرن جي اوساري اوڀر ۽ اتر پاسي جي اندروني اڏاوتن ۾ ملي ٿي. اهڙيءَ طرح چئي سگهجي ٿو ته رتي ڪوٽ جي اڏاوت ۾ ٽن قسمن جون سرون استعمال ڪيون ويون آهن. يا ائين چئجي ته رتي ڪوٽ کي جدا جدا دورن ۾ جوڙيو ويو آهي يا ان جي مرمت مختلف مرحلن ۾ ڪئي وئي آهي. ان ڪري سرن جي بناوت ۾ ايترو واضح فرق آهي.
ٺڪراٽو
رتوڪوٽ ۾ ٺڪراٽو وڏي انداز ۾ ڦهليل آهي. هتان اسان کي ڳاڙهين پڪل سرن جا اڌڙ ،ڳاڙهي پٿر جا ٽڪرا، سر زمين تي ڪچين پڪين سرن جي اوساري ٿيل جايون، شيشي جي چوڙين جا ٽڪرا، ڪچ ڪوڏيون ملن ٿيون. ان ماڳ تي دلن، چاڏين جا ڍڪڻ، دلن جا حصا ۽ ٻين ٿانون جا ڀڳل ٽٽل ٽڪرا ڦهليل نظر اچن ٿا. تعجب آهي ته ٺڪراٽي جو وڏو تعداد کنڊرن جي بدن تي ٽڙيو پکڙيو پيو آهي. کنڊرن جي پيرن ۾ ۽ آسپاس ٺڪراٽو ايتري انداز ۾ نٿو ملي. ان جو سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته برساتي وهڪرن ۽ نارا ڪئنال جي اٿل اهي ٿانون جا ٽڪرا ۽ ٻيون شيون گهلي پري پري تائين پکيڙي ڇڏيون هجن.
لڌل شيون
اتي جي مڪاني ڳوٺ جي چڱي مڙس بلال جي اوطاق تي هڪ ڳورو پٿر پيو آهي، جيڪو رتي ڪوٽ جي ڦٽوڙن مان هٿ آيو آهي. اهو ڏيڍ مڻ وزني پٿر ٽريڪٽر سان گهلي آندو ويو هو. مڪاني ماڻهو ان گول پٿر کان سراڻ جو ڪم وٺندي، ڪهاڙيون ۽ ڪاتيون تکيون ڪندا آهن. ان پٿر جي وچ تي 4x4 جو چوڪور ڪا شيءَ ڦاسائڻ (Fix ڪرڻ) جو سوراخ آهي جنهن مان لڳي ٿو ته ان ۾ ڪو گنبذ/منارو يا ڪا ٻي Decoration لاءِ شيءِ بيهاري وئي هوندي. ان پٿر جا پاسا گول ۽ لهوارا ۽ لاسا آهن. جن کي خوبصورتي لاءِ ليڪا ڏنا ويا آهن. پٿر جي قطر 1.5 فٽ ۽ ٿولهه 9 انچ ٿيندي.
اتي وڏيري بلال جي منڊيءَ ۾ هڪ ياقوت هيو، جيڪو هن کي رتي ڪوٽ مان مليل تحفو آهي. رتي ڪوٽ مان ڪافي لوهي شيون به ملن ٿيون. ان مان ظاهر آهي ته لوهي ساز و سامان جو به هت عروج هو. اتي هڪ ڪوڪي جيان لوهي ٽڪرو هٿ آيو، جيڪو ڪاٺ جي در يا دريءَ ۾ ڪتب آندو ويو هوندو.
رتي ڪوٽ جي کنڊرن ۾ نيري رنگ جا پلاسٽڪ سان مشابهه مٽيءَ جا ڪافي ٽڪرا هٿ اچن ٿا، جن کي لئبارٽري ۾ آڻي مختلف ٽيسٽ ڪيون ويون. انهن نيري پلاسٽڪ جي ٽڪرن تي باهه جو ڪو به اثر نه ٿيو. پاڻيءَ اندر رکڻ سان به انهن تي ڪو عمل ظاهر نه ٿيو. چکڻ سان هن جو ذائقو هلڪو ترش محسوس پيو ٿي.
ڪيمسٽري جي دنيا ۾ اهڙي مٽيريل کي Montmorillonitc چيو ويندو آهي. سائنسدان Clayminirals جا ٽي مکيه گروپ ٻڌائن ٿا. Kaolinite ،Illite ۽ Monmorillonite. انهن مان Montmorillonite مٽي گهڻو ڪري انهن هنڌن تي گهڻي ملندي آهي، جتي مينهن گهٽ پوندو آهي، جيئن ٿر وغيره. اسان جو رتوڪوٽ به ٿر ۾ ئي آهي. ان Montmorillonite گروپ معدنيات جو وڏي ۾ وڏو تعداد بيٽو نائيٽ (ميٽ) ۾ ملي ٿو. Montmorillonite مٽي گهڻو ڪري پلاسٽڪ مٽيريل آهي.
بيٽو نائيٽ گهڻو ڪري اڇي، هلڪي سائي ۽ هلڪي نيري رنگ ۾ ملي ٿو. خشڪ بيٽونائيٽ کي پاڻيءَ ۾ وڌو وڃي ٿو ته اهو ٻين مٽيريل کان وڌيڪ ڦهلجي ٿو. ان آلي بيٽونائيٽ کي جڏهن خشڪ ڪجي ٿو ته اهو سُسي وڃي ٿو. جيئن کونئر ٿنڀڻ Gelotion سُسي ويندا آهن. ان کي صحيح نموني Conditioned ڪرڻ سان کيس ڊيم، آبي ذخيرن، تلائن، ڍنڍن وغيره جي پاڻيءَ کي رِسڻ کان بچائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ان جي استعمال سان آبي ذخيرن جي سيمي کي روڪي سگهجي ٿو. بيٽونائِٽ، ڪئنال جي ڪنارن کي پڪي ڪرڻ لاءِ به ڪم آڻبو آهي. جڏهن آبي ذخيرن ۾ ڏار، سيو يا سوراخ ٿي پوندا آهن ته ان جي مرمت ۾ پڻ ڪم آڻبو آهي. ڪنڪريٽ جو ٺهيل ڊيم جيڪڏهن ڪريڪ تي وڃي ته بيٽونائيٽ جي انجيڪشن ڀري ان کي بند ڪيو ويندو آهي. جتي زمين ڪمزور يا بار کڻڻ لائق نه هوندي آهي، اتي بيٽو نائيٽ عمارتن جي بنيادن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح رتي ڪوٽ ۾ بيٽونائيٽ جهڙي مٽيريل جي موجود گي تعجب پيدا ڪرڻ سان گڏ ان دور جي ماڻهن جي عمارت سازي خاص ڪري درياهه ڪناري اڏيل جاين ۽ ڪوٽن کي محفوظ ۽ پختو ڪرڻ واري مهارت ۾ بي مثال آهي. رتي ڪوٽ مان لڌل ڪجهه سامان سنڌ الاجي ميوزيم ۾ به رکيل آهي. سنڌ الاجي ۾ هڪ مٽيءَ جو ٺهيل ڪونئرو پيو آهي. ان سان گڏ هڪ ننڍڙو مٽڪو پڻ آهي. اتي شوڪيس ۾ هڪ پڪل سر تي اُڪريل ڪنهن هندو عورت جي تصوير آهي. عورت جا اُرهه وڏا ۽ چيلهه سنهي آهي. هو نرت جي ڪنهن انداز سان بيٺي آهي. اها ڪا ديوي جي صورت به ٿي سگهي ٿي. هڪ چيني جي ٿانوَ جي ٽڪر تي هلڪا ساوا ۽ نيرا نقش مور پکيءَ جي پرن جهڙو ڏيک ڏين ٿا. اتي ٺڪراٽي ۽ ڪاشيءَ جي ٽڪرن تي هلڪي ڪاري رنگ جي ليڪن سان ڪجهه نقش ۽ ڊزائن کوٽيل آهن. اتان لڌل هڪ وارياسي ڳاڙهي پٿر تي هندو ڌرم جو ڪو ديوتا گهوڙي تي سوار آهي ۽ هٿ ۾ ڪا شيءِ جهليل اٿس. (42)
رتوڪوٽ مان لڌل ۽ سنڌ الاجي ۾ محفوظ ٿيل هڪ سرتي گوتم ٻڌ جي تصوير اُڪريل آهي، جنهن ۾ اسٽوپا پڻ نظر اچي ٿو. انهن کان سواءِ ٽامي جا ڪجهه سڪا پڻ لڌا آهن جن مان ڪجهه هندستان جي بادشاهه محمد بن تغلق (1324-1351) جي دور جا دهلي جا ضرب ٿيل آهن ۽ ٻيا سڪا سنڌ جي ترخان حاڪم مرزا باقي (973-993هه) جا سندس تخت گاهه ٺٽي مان ضرب ٿيل آهن.
عبدالله ورياهه انهن هٿ آيل شين جي باري ۾ هن طرح اظهار ڪيو آهي: انهن لڌل شين مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي شهر گوتم ٻڌ جي زماني يا سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جي زماني ۾ آباد هو. جنهن بعد هندو ڌرم وارن هتي پنهنجي وسندي ڪئي. عرب دور جو ڪو به اهڃاڻ اڃانه لڌو آهي. وري دهلي تي تغلقن جي حڪومت وقتن جڏهن سنڌ تي سومرن ۽ پوءِ سمن جي حڪومت قائم ٿي ته به هي شهر آباد هو. جيڪو پوءِ ترخانن جي دور حڪومت تائين موجود هو. (43)
عبدالله ورياهه اڳتي پنهنجو تجزيو پيش ڪندي لکي ٿو ته ”ان کانپوءِ هن شهر ڪيئن برباد ٿي دڙن جي شڪل اختيار ڪئي؟ ڪنهن حملي آورن هن کي تباهه ڪيو يا دريائي وهڪري جي سڪڻ سان هي شهر ڦٽو. ان لاءِ ضروري آهي ته هنن دڙن جي کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن هن اهم ۽ قديم وسنديءَ بابت اسان کي پوري ۽ صحيح ڄاڻ ملي سگهي. (44)
رتي ڪوٽ مان هٿ آيل سڪن لاءِ محمد صالح هنگورجو لکي ٿو ته ”ٽامي جا قديم سڪا هٿ آيا آهن، جيڪي گول شڪل جا آهن. هڪ گول شڪل واري تي، مٿي پارسي ۽ عربي زبان ۾ لفظ لکيل هئا. ”اميرو ملک محمد تغلق“ جي نالي سان هڪ سڪو آهي ۽ ٻيا ننڍي سائيز جا به مليا آهن، جن تي اکرن جي ڄاڻ نٿي پوي. شايد قديمي صورتخطي آهي. جيڪي رسڪا هٿ ڪياسين، حاجي محمد عثمان مري جي فرمائش تي کيس ڏنا ويا، جيڪي وقت جي ڪليڪٽر قاضي سچيڏنو صاحب کي ملي ويا. جيڪي ٽيليوزن تي ڏيکاريا ويا ۽ پڻ سڃاتا ويا ته اهي ساڳيا آهن، جيڪي رتوڪوٽ مان هٿ ڪيا ويا هئا. (45) محمد صالح اڳتي لکي ٿو ته ”ولي محمد هنڱورجو هٿان هٿ آيل قديم زماني جي ٿانون جا ٽڪر ۽ قديم آثارن جا ڀڳل پرزا راڻي باغ واري ميوزيم ۾ ڏنا ويا. (46)سندس قلمي نسخي ۾ آخر ۾ نوٽ لکيل آهي ته ”82-1981ع ڌاري بلال به ڪجهه سامان اي سي کپرو منگي ۽ الانا کي ڏنا هئا، جيڪي شايد سنڌ الاجي ۾ محفوظ آهن.“